شھر، ليکڪ ۽ ڪھاڻيون
منھنجي آڏو هن وقت سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”پرسڪون چھري جي آتم ڪٿا“ آهي. آئون اهو سمجهان ٿو تہ سماج ۽ ان جي ماڻھن جي روين، عمل، ردعمل ۽ زندگي کي سمجهڻ لاء اتان جي ادب کي پڙهڻ ضروري آهي. اها ڳالھہ ڪنھن حد تائين سنڌي ادب ۾ پڻ ملي ٿي. پاڪستان جي ٺھڻ کانپوء ايستائين جيڪي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تبديليون آيون آهن، ان جا عڪس سنڌي ڪھاڻي ۽ شاعري ۾ پڻ ملن ٿا، جن جا موضوع وقت ۽ حالتن سان گڏ تبديل ٿيندا رهيا آهن.
سنڌي ليکڪ جو ٻھراڙي ۽ خاص طور پنھنجي ڳوٺ سان هڪ مضبوط ناتو رهيو آهي. شھر کين اوپرا محسوس ٿيندا آهن. اها ڳالھہ خاص طور ڪراچي لاء چئي سگهجي ٿي جيڪو صحيح معنيٰ ۾ پنھنجي اندر هڪ شھر جون خاصيتون رکي ٿو. حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت سنڌ جا جيڪي ننڍا وڏا شھر آهن، اهي هڪ لحاظ کان ٻھراڙين جي ئي توسيع آهن. اڌ ٻھراڙي ۽ اڌ شھر. ان ڪري انھن شھرن ۾ رهندڙن کي گهڻي اوپرائپ محسوس نہ ٿي ٿئي.
مون اهو محسوس ڪيو آهي تہ منھنجا گهڻا اهڙا دوست رهيا آهن جن جي لاء ڪراچي ۾ رهڻ نوڪري يا ٻئي ڪنھن ڪارڻ هڪ مجبوري رهي آهي ۽ اهي هتان نڪرڻ لاء ڪنھن موقعي جي ڳولا ۾ رهيا آهن. انور سان ذاتي ۽ ادبي لحاظ کان منھنجو گهڻو واسطو رهيو آهي. منھنجي اندازي موجب کيس ڪراچي ۾ رهندي ٽيھہ سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. سندس صحافتي ڪيريئر ۽ نوڪري ڪراچي ۾ ئي رهي آهي.
مون کي الائي ڇو ائين لڳندو آهي ۽ سندس ڪجهہ ڪھاڻين مان بہ مون اهو محسوس ڪيو آهي تہ منجهس ڪراچي ڇڏڻ ۽ ڳوٺ وڃڻ جو هڪ لاڙو موجود آهي. خاص طور گذريل گهڻي عرصي کان شھر جون حالتون غير مستحڪم رهيون آهن. دھشت گردي سان گڏ امن امان جي خراب صورتحال گهڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. انور ان موضوع تي اڳ بہ ڪجهہ ڪھاڻيون لکيون آهن ۽ هن مجموعي ۾ پڻ شھر جي حوالي سان ڪجهہ ڪھاڻيون شامل آهن.
ان سلسلي جي پھرين ڪھاڻي ڳوٺ ۽ شھر جي گفتگو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال ۽ اتان جي ماڻھن جي زندگي جي معيار ۾ وڏو فرق آهي. ليکڪ ان کي سٺي نموني بيان ڪيو آهي. پر هڪ ڳالھہ کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ ان جي لاء ٽول پلازه جي ٻئي پاسي وڃڻ جي ضرورت ناهي پر ڪراچي شھر جي وچ ۾ اهڙا گهڻا ڳوٺ آهن جيڪي ان ميٽروپوليٽن شھر جو حصو هوندي بہ بنيادي شھري سھولتن کان محروم آهن جيڪي سڏ پنڌ تي موجود سندن پاڙيسرين کي حاصل آهن.
ان حوالي سان ٻي ڪھاڻي ڊڄ آهي. اها هڪ نفسياتي ڪيفيت آهي، جنھن مان شھر جي صورتحال جي ڪري گهڻا ماڻھو متاثر ٿيا آهن. ڪھاڻي پڙهندي مون کي لڳو تہ ڄڻ اها منھنجي پنھنجي صورتحال ۽ ڪيفيت آهي. ماڻھو کي گهڻا وهم وسوسا وڪوڙي وڃن ٿا ۽ هو گهڻا ڊپ جيڪي موجود نہ ٿا هجن، اهي بہ پاڻ تي طاري ڪري ٿو ان جو هڪ حل هڪ ڳوٺاڻي لاء شھر ڇڏي پنھنجي ڳوٺ هليو وڃڻ آهي، جيئن ان ڪھاڻي جو ڪردار غلام علي ڪري ٿو. ڳوٺ ڄڻ سندس ان نفسياتي ڪيفيت جو علاج ثابت ٿئي ٿو ۽ هو ايستائين تہ پنھنجي نوڪري ڇڏڻ لاء بہ تيار ٿي وڃي ٿو، پر سندس ماء جي آٿت کيس وري شھر وڃڻ لاء تيار ڪري ٿي. پر ڏٺو وڃي تہ ڳوٺ وارو اهو آپشن شھر جي گهڻائي کي ميسر ناهي ۽ ٻي ڳالھہ تہ ڳوٺ غلام علي لاء هڪ رومانس تہ آهي، پر اتان جي صورتحال ڪا گهڻي آدرشي ناهي جنھن کي شھر تي ترجيح ڏجي.
ڪھاڻي منھنجو شھر بہ شھر جي ابتر حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي، جنھن ۾ ڪھاڻي جي ڪردار اياز کي صبوح دفتر لاء نڪرڻ کان وٺي مختلف مسئلن کي منھن ڏيڻو پئي ٿو ۽ آخر ۾ شام جو هو ڦرجي اچي گهر پھچي ٿو.
ٽائيٽل ڪھاڻي پرسڪون چھري جي آتم ڪٿا پريل جي هڪ دور جي ڏکن ڏولاون ۽ انھن کي ڪردار جي مضبوطي سان منھن ڏيڻ جي ڪٿا آهي. اها هڪ مثبت ڳالھہ آهي تہ هو چئي ٿو ڪراچي منھنجي ٻارن جي جنم ڀومي آهي ۽ هتي ئي سندن آئيندو آهي.
هن مجموعي ۾ نيڍيون وڏيون ڪل سٺ ڪھاڻيون شامل آهن. انھن ڪھاڻين ۾ ڳوٺ ۽ شھر جا مختلف ڪردار ۽ مسئلا آهن. انھن ڪردارن سان ليکڪ جو ورتاء هڪ پنھنجائپ ۽ همدردي وارو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ڪو مونجهارو محسوس نہ ٿو ٿئي ۽ نہ ئي ڪو نسلي يا ٻولي جي بنياد تي ڪو مت ڀيد محسوس ٿئي ٿو. ڪي ڪھاڻيون خاص طور ٻئي پار دل کي ڇھندڙ آهن. ان ڪھاڻي ۾ ڇوڪري جي ڪردار مون کي گهڻو متاثر ڪيو جيڪا ڇوڪري جي انڪار کان پوء ٻيلي ۾ لھي گم ٿي وڃي ٿي.
انور جي شعوري زندگي جو جيڪڏهين سڄو نہ تہ بہ ڳپل حصو ڪراچي ۾ گذريو آهي. شھر سندس شعوري تربيت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان سان سندس گهڻيون خوشگوار يادگيريون بہ آهن. اهي جيڪڏهين لکت ۾ اڄن يا سندس ڪھاڻين جو موضوع بڻجن تہ پڙهندڙ کي ليکڪ جي شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو پڻ ملي ويندو.
