لاهور جا ڪجهہ اديب
ہ لاهور جون ٻجايون هيون، جتي اديبن ۽ ليکڪن وغيرہ سان ملاقات ٿي سگهندي هئي. هڪ مال روڊ هو جتي پنڌ هلڻ کي سٺو سمجهيو ويندو هو ۽ اڪثر ليکڪ خاص طور چراغ حسن حسرت سان پنڌ هلندي ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ ٻيو ڪافي هائوس، ٽي هائوس ۽ ٻيا مختلف هوٽل جتي ليکڪ ويھندا هئا.
انھن ۾ محمد حسن عسڪري کانئس هفتو ڏيڍ اڳ ئي هندوستان کان لاهور آيو هو ۽ هتي ٻيئي ڪجهہ عرصو گڏ بہ رهيا هئا. اهي گڏجي رولاڪيون بہ ڪندا هئا. پر عسڪري هڪ ڦرڻو گهرڻو ماڻھو هو ۽ وقت بوقت شين متعلق سندس موقف تبديل ٿيندو رهندو هو. ڪڏهين هو پاڪستاني ادب جو راڳ ڳائيندو هو تہ ڪڏهين اسلامي ادب جي وڪالت ڪندو هو. هونئن هو سوويت يونين ۽ سوشلزم جو سخت مخالف هو، پر الجزائر جي مسئلي تي سوويت يونين جي موقف جي ڪري هو سوويت يونين جو حمايتي بڻجي ويو ۽ ان جي پاسي ٿي بيٺو. ان وقت امروز اخبار جون تياريون هلي رهيون هيون. حسن عسڪري صوفي تبسم جي وسيلي سندس فيض احمد فيض سان ملاقات ڪرائي. فيض ان وقت اخبار جو چيف ايڊيٽر جڏهين تہ چراغ حسن حسرت ايڊيٽر هو. نظام رسالي جي بند ٿيڻ کانپوء هن امروز جوائن ڪئي. امروز واقعي هڪ جديد دور جي اخبار هئي. هتي پگهار باقاعدي مقرر تاريخ تي ملندي هئي، جڏهين تہ ترقي ۽ عھدن وغيرہ جو باقاعدي هڪ نظام ٺھيل هو. فيض گهڻو ڪري پاڪستان ٽائمز جي حوالي هوندو هو ۽ امروز جو سڄو انتظام چراغ حسن حسرت جي هٿ ۾ هو. هو خاص طور ٻولي جي معاملي ۾ نھايت حساس هوندو هو.
ٽي هائوس ۾ سندس ملاقات ناصر ڪاظمي سان ٿي ۽ ان سان گهڻي ويجهڙائپ رهي. ناصر ڪاظمي راتين جو رولاڪ هوندو هو ۽ چوندو هو تہ سندس اک ئي رات جو هڪ وڳي کلندي آهي. اهي ٻيئي صبوح جي روشني ٿيڻ تائين پيا رلندا ۽ هڪ نہ ٻئي چانھن خاني تي ويھندا هئا. ليکڪ ناصر ڪاظمي جي انھن ڪجهہ دوستن مان هو جيڪي ناصر ڪاظمي جي شادي لاء ساڻس گڏجي منٽگمري ويا هئا. شادي کانپوء ايترو فرق پيو تہ اڳ اهي صبوح ٿيڻ تائين پيا رلندا هئا، هاڻي رات هڪ وڳي کين گهر وڃڻ ياد ايندو هو. هڪ خاص مقام تي اهي هڪٻئي کان ڌار ٿيندا هئا ۽ ٽانگي ۾ ويھي پنھنجي پنھنجي گهر روانا ٿيندا هئا. اتي ناصر لاء هڪ خاص ٽانگي وارو انتظار ۾ بيٺل هوندو هو ۽ ٻي ڪا سواري نہ کڻندو هو. ناصر اتان پان واري کان پان وٺي وات ۾ وجهي ٽانگي ۾ ويھي گهر لاء روانو ٿيندو هو.
ناصر ڪاظمي جي شادي سندس چاهيندڙن لاء هڪ وڏي صدمي جو باعث هئي. سندن ليکي شاعر کي آزاد رهڻ گهرجي ۽ شادي جي ٻنڌڻن سان شاعر جي تخليقي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي. اهي وري سندس ويجهو ان وقت آيا جڏهين هو هڪ نئين غزل سان سامھون آيو.
ٽي هائوس ۾ ليکڪ جي مشھور مصور شاڪر علي سان بہ ملاقات ٿي. هو هڪ ميز تي پنھنجي ليکي اڪيلو ويٺو پنھنجن خيالن ۾ گم هوندو هو. پو۽ انھن ۾ گهڻي ويجهڙائپ ٿي ويئي. شاڪر علي کي ناصر جي شعري مجموعي جي ٽائٽل ٺاهڻ لاء چيو ويو جيڪو هن ٺاهي ڏنو. ان وقت هڪ ٻئي نوجوان ٽي هائوس ۾ اچڻ شروع ڪيو هو، جنھن کي ليکڪ مال تي ڪنھن وڻ هيٺان بيھي لنگهندڙ ڇوڪرين کي ڏسندي ۽ آڱر سان هوا ۾ تصويرون ٺاهيندي ڏسندو هو. هي محمد حنيف هو جيڪو پوء حنيف رامي ٿي ويو. هو مصوري ڪندو هو. سندس چوڻ هو تہ ناصر جي ڪتاب جو ٽائٽل هو ٺاهيندو. سندس اهو ضد پورو ٿيو، جنھن جو شاڪر علي کي گهڻو ڏک ٿيو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هن پنھنجي افسانن جي مجموعي لاء شاڪر علي کي چيو جنھن جي لاء هن هاڪار بہ ڪئي پر پوء هو بيمار ٿي پيو ۽ هن کيس ان ذميواري کان آجو ڪيو.
ليکڪ کٽمنڊو نيپال ۾ ننڍي کنڊ جي ملڪن جي ليکڪن جي هڪ گڏجاڻي جو حوالو ڏنو آهي جنھن ۾ سندس ملاقات هڪ بنگالي ناول نگار شھيدﷲ قيصر جي زال پنا قيصر ۽ سندس ڌي سان ٿي هئي. پنا قيصر کيس ٻڌايو تہ سندس مڙس کي ٻين بنگالي دانشورن سان گڏ ماريو ويو هو. جنگ ختم ٿيڻ کان ٻہ ڏينھن اڳ ڪجهہ ماڻھو اسان جي گهر آيا ۽ منھنجي مڙس کي وٺي ويا ۽ پوء هو موٽي نہ آيو. شھيدﷲ قيصر جي ناول ملاح کي رائٽرز گلڊ اردو ۾ ترجمو ڪرايو هو.
ان ئي حوالي سان هو ناصر ڪاظمي جو ذڪر ڪري ٿو تہ جڏهين هو پنھنجي اوڀر پاڪستان جي هڪ دوري تان موٽيو هو تہ هن اتان جي ماڻھن ۽ ماحول متعلق گهڻا خوبصورت منظر آندا هئا. بنگلا ديش ٺھڻ کانپوء هو ڪجهہ عرصو ئي جيئرو رهي سگهيو.
ليکڪ لاهور ۾ حسن عابدي سان بہ ڪجهہ اخبارن ۾ ڪم ڪيو هو. هو عابدي جي پنڊي ڪيس جي اسيرن سان تعلق جو ذڪر ڪري ٿو. حسن عابدي سان پوء سندس واسطو ان وقت پيو جڏهين هن ڊان ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا هئا.
حبيب جالب بہ حلقہ ارباب ذوق جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. جڏهين حلقو ادبي ۽ سياسي ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويو تہ جالب انجم روماني سان گڏ ادبي گروپ ۾ شامل ٿي ويو. اهي پنھنجيون گڏجاڻيون ڌار ڪرڻ لڳا ۽ آهستي آهستي انھن سان ٻيا بہ گهڻا شامل ٿي ويا.
ابن انشاء سان ليکڪ جو ويجهو واسطو رهيو. سندس چوڻ مطابق هو پنھنجي طبيعت ۾ بلڪل هڪ ڳوٺاڻو هو. هو جڏهين بہ لاهور ايندو هو تہ ٻيئي ڄڻا کاڌي پيتي جي ديسي شين جھڙوڪ گول گپا، جنھن کي ليکڪ يوپي جي ٻولي ۾ پاڻي جا پتاشا چئي ٿو، ۽ ستو جي شربت وغيرہ جي ڳولھا ۾ نڪري ويندا هئا. ابن انشاء ڪوڪ وغيرہ جھڙا ڊرنڪ پسند نہ ڪندو هو. ابن انشاء جي ادبي ڪم متعلق ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان جي هڪ خاص ڳالھہ اها آهي تہ سندس نثر ۾ کل ڀوڳ ۽ مزاح آهي جڏهين تہ سندس نظم ۽ شاعري ۾ ڏک، افسردگي ۽ سنجيدگي ملي ٿي.
منير نيازي هڪ سٺو شاعرپر ساڳي وقت پنھنجي ڪاوڙ تي قابو نہ رکي سگهڻ وارو ماڻھو هو. هن ٻہ ڀيرا افتخار جالب کي گلدستو ۽ گلاس اڇلائي هنيو هو پر ٻيئي ڀيرا سندس نشانو خطا ٿي ويو هو. هو چوندو هو تہ هو هڪ اڪيلائي پسند ماڻھو آهي ۽ سڌارٿ کي پسند ڪندو آهي. ليکڪ جڏهين کانئس پڇيو تہ پوء هو ڪنھن ويراني ۾ ڇو نہ ٿو وڃي ويھي ۽ ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿو ڪري. سندس چوڻ هو تہ هو ويراني ۾ جانور۽ ڦورن جي ڊپ کان نہ ٿو وڃي ۽ ڪاوڙ پٺاڻ هئڻ ڪري سندس طبيعت جو حصو آهي. هي انھن ليکڪن مان هو جيڪي لڏي اچڻ کانپوء پنھنجي وطن کي گهڻو ياد ڪندا هئا. ڀارت جو شھر خان پور جتان هو لڏي آيو هو ڄڻ تہ سندس وجود جو حصو هو ۽ سندس شاعري ۾ ان جو اظھار ٿيندو رهندو هو.
ليکڪ وڪيل اعجاز بٽالوي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو ٽي هائوس ۾ ايندو هو پر ڀٽو ڪيس ۾ شامل ٿيڻ کانپوء هن اتي اچڻ گهٽائي ڇڏيو هو. هو جڏهين اتي ماني کائڻ ايندو هو تہ بيرو سندس لاء نيپڪن کڻي ايندو هو. اها ڳالھہ اتي ايندڙ هڪ ليکڪ مشتاق کي نہ وڻي. هن هڪ ڏينھن بيري کي نيپڪن آڻڻ لاء چيو تہ بيري ۽ هوٽل جي مينيجر بہ کيس چيو تہ اسان وٽ نيپڪن ناهن هوندا. اعجاز بٽالوي جا اهي نيپڪن پنھنجا آهن. اها ڳالھہ ان ليکڪ کي نہ وڻي ۽ هن ٽي هائوس اچڻ ئي ڇڏي ڏنو. هڪ اهڙو همراه بہ ٽي هائوس ايندو هو جيڪو چانھن سان ٻہ توس گهرائيندو هو ۽ پوء ٻاهر وڃي اهي توس در تي ويٺل ڪتي کي ڏيئي پوء اچي چانہ پيئندو هو. ڪڏهين هي همراه اچڻ سان ويٺلن کان پڇندو هو تہ ڪنھن وٽ چار آنا آهن، آئون ٻاهر فقير کي بيھاري آيو آهيان. پوء جيڪڏهين اهو فقير اتي نہ هوندو تہ اهي چار آنا واپس اچي مالڪ کي ڏيندو هو. ليکڪ هن کي صبوح سوير هڪ بنگلي ۾ جهرڪين کي داڻو ڏيندي بہ ڏٺو. جهرڪيون سندس چوڌاري گڏ ٿينديون هيون ۽ پوء جڏهين هو گذاري ويو تہ هن انھن جهرڪين کي اداس ٿيندي بہ ڏٺو.
ٽي هائوس جي سامھون پاڻي جو هڪ نل لڳل هوندو هو. سفيد صاف سٿرا ڪپڙا پھريل هڪ شخص اتان روز لنگهندو هو ۽ پوء ڀلي ڪپڙن تي ڪو داغ هجي يا نہ ڪپڙن کي پاڻي سان صاف ڪندو هو ۽ پوء اڳتي ويندو هو.
ليکڪ مڙد اديبن جي سرگرمين گهٽجڻ کانپوء عورت ليکڪائن جي سرگرمين جو ذڪر ڪيو آهي. خاص طور جميلا هاشمي، فاطمہ حسن ۽ ٻين پنھنجن گهرن تي ادبي محفلن، خاص طور افساني جي حوالي سان، جو انعقاد شروع ڪيو. ان دعوت نامي ۾ چيو ويندو هو تہ اچو افسانو ٻڌو پڙهو ۽ ماني کائو. پر پاڻ سان گڏ ڪا نہ ڪا هڪ ڊش ضرور کڻي اچو.
آهستي آهستي اهو سڀ ختم ٿيندو ويو ۽ اهو لاهور بہ هاڻي خواب ٿي ويو آهي..
