چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانھي
ان وقت سنگت جو ڪو مرڪزي ڍانچو نہ هو ۽ سڄي سنڌ ۾ مختلف شاخون پنھنجي ليکي ادبي ڪم ڪنديون هيون. پوء ڪجهہ دوستن پاران ان کي هڪ مرڪزي حيثيت ڏيڻ جو سوچيو ويو ۽ پنجاه جي ڏهاڪي ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ انھن سڀني شاخن جو اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ بٺورو جي سنگت جا جيڪي چار نمائندا شريڪ ٿيا انھن ۾ سيد قمرالحسن بہ شامل هو. ڪتاب موجب ان وقت سڄي ٺٽي ضلعي ۾ سنگت جي اها واحد شاخ هئي جيڪا ڪم ڪري رهي هئي.
سيد قمرالحسن هڪ مثبت مثال آهي ۽ يقينن سنڌ ۾ اهڙا ٻيا مثال بہ هوندا جن کي سامھون آڻڻ هن وقت جي اهم ضرورت آهي.
