مان ڏوھي ھان
ان ڪيس ۾ عزيز، جيڪو يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هجي ٿو، سميت ڪجهہ شاگرد گرفتار ٿين ٿا. ان کان اڳ بہ هو جيل ۾ رهي چڪو هو. ڪافي عرصو جيل ۾ رهڻ کانپوءِ، جنھن دوران هو پنھنجي پيءُ جي چوڻ تي معافي نامو بہ صحيح ڪري ڏئي ٿو پر آزاد نہ ٿو ٿئي، هو آزاد ٿئي ٿو پر پوليس لاڳيتو سندس گهر وارن کي تنگ ڪندي رهي ٿي. نيٺ سندس جند تڏهين آجي ٿئي ٿي، جڏهين هو غلام مصطفا جتوئي، جيڪو ان وقت سنڌ جو وڏو وزير هو، سان ملي سندس لاء ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿئي ٿو. هو جتوئي کان ٽرڪن ۽ بسن وغيرہ جون پرمٽون وٺي ٿو ۽ پنھنجن مائٽن وغيرہ کي نوڪريون وٺي ڏئي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جتوئي جي چوڻ مطابق ڪم ڪري ٿو. کيس رسول بخش ٽالپور جي جلسي ۾ موڪليو وڃي ٿو تہ جيئن سندس حڪومت خلاف تقرير جي بنياد تي ٽالپور کي گرفتار ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي تہ اتي پھچي هن ڏٺو تہ هو اڪيلو نہ ھو، پر هتي تہ سندس جھڙن ماڻھن جو وڏو تعداد هو، جيڪي حڪومت لاء ڪم ڪندڙ ھئا. پر هو رڳو شاه محمد شاه جو ذڪر ڪري ٿو، جنھن اتي حڪومت خلاف زوردار تقرير ڪئي ۽ کيس لڳو تہ هاڻي سندس ڳالھائڻ جي ضرورت نہ هئي. بھرحال ان کانپوء ٽالپور کي گرفتار نہ ڪيو ويو.
هو جتوئي جي سفارش تي ايڪسائز آفيسر ٿئي ٿو پر سندس چواڻي تہ کيس انگريزي جا ٻہ اکر بہ لکڻ نہ ٿي آيا، ۽ هو پنھنجن ماتحتن جو محتاج هجي ٿو. ڳوٺ ۾ هڪ ذاتي جهيڙي ۾ جيڪي کيس ڌڪ لڳن ٿا انھن جي ڪري هو سڄي عمر لاء معذور ٿي وڃي ٿو.
ليکڪ جو اعتراف جيتوڻيڪ جتوئي جو ماڻھو ٿيڻ ۽ حڪومت سان ٺھي هلڻ ۽ ان مان فائدا وٺڻ متعلق آهي، پر منھنجي خيال ۾ هو ان کان اڳ يونيورسٽي ۾ هڪ اهڙي سياست جو حصو رهيو، جنھن جي ڪري يونيورسٽي هڪ ڊگهي عرصي لاء تشدد ۽ نسل پرستي جي ور چڙهي ويئي. مھينن تائين تعليمي سرگرميون بند رهنديون هيون. تعليم جو معيار ڪري پيو ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ڊگهي عرصي تائين هڪ وڏو نقصان کڻڻو پيو. اها هڪ لحاظ کان ڄڻ هڪ اهڙي ماڻھو جي شاهدي آهي جيڪو ان سڀڪجهہ جو حصو رهيو آهي.
