مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

محبت، ادب ۽ آخري پنا

آخري پنا هري موٽواڻي جي آتم ڪٿا آهي. هري جو تعلق جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي سان آهي، پر هو انھن سنڌي ليکڪن مان ناهي جن کي ورهاڱي جي ڪري سنڌ مان لڏڻو پيو هو. پر سندس خاندان جيڪو لاڙڪاڻي ۾ رهيل هو، اهو لڏي ڀارت ويو هو. هو اڳ ئي پنھنجي نانا سان هردوار ۾ ڪپڙي جي دوڪان تي ڪم ڪندو هو. هيءُ هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنھن رسمي تعليم باقاعدگي سان حاصل نہ ڪئي هئي. پر هڪ ڊگهي عرصي تائين هو ڪونج رسالي سان لاڳاپيل رهيو، ناول لکيا، شاعري ڪئي، ڪونج پبليڪيشن پاران ڪتاب ڇپرايائين ۽ جهولي لال فلم ٺاهيائين.
ليکڪ پنھنجي عشق، لکڻين، دوستن جي بيوفائين ۽ رولاڪين متعلق ڳالھايو آهي. هردوار ۾ سندس لاء هڪ تہ گنگا هئي ۽ ٻيو سندس پيار مڌو هئي. هردوار جي گنگا ۽ اتي ٿيندڙ ڪنب جي ميلي جي حوالي سان هڪ پوتر حيثيت آهي. اتان جي واپار جو دارومدار اتي ايندڙ ياترين تي آهي. ٻاراڻي وهي ۾ سندس واقفيت هڪ پاڻ جيڏي ڇوڪري سان ٿي، جنھن جو هن پنھنجي هن ڪتاب ۾ اصلي نالي بجائي مڌو جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي.
هري جا مائٽ سندس شادي ننڍي هوندي ئي پنھنجي پسند سان ڪرائين ٿا ۽ هو اهو نہ چاهيندي بہ ان جي مزاحمت نہ ٿو ڪري سگهي. پر سندس محبت مڌو سان ئي رهي ٿي ۽ هو آخر تائين پنھنجي زال سان محبت نہ ٿو ڪري.ِ ان جو هو کليل نموني اظھار بہ ڪري ٿو. نہ رڳو اهو تہ سندس زال کي ساڻس اها شڪايت رهي، پر هو ان جو ڪو تدارڪ بہ نہ ٿو ڪري. زال جي زندگي جي آخري ڏينھن هو سندس اصرارتي گهر کان ٻاهر نہ ٿو وڃي ۽ ان ڏينھن ئي هو دل جي دوري ۾ گذاري وڃي ٿي. اتم جھڙا سندس مخالف ان ڳالھہ کي هلائيندا رهيا تہ هري پنھنجي زال سان محبت نہ ٿو ڪري.
ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هو هڪ ڀيري پنھنجي ناني سان ڪاوڙجي هردوار مان هليو وڃي ٿو. ناني جي ليکي تہ هو پنھنجي ماءُ پي وٽ بمبئي ويو هوندو، پر هو لکنو هليو وڃي ٿو. وٽس جيڪا ٿوري گهڻي رقم هجي ٿي، اها ڪجهہ ڏينھن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. اتي سندس ملاقات هڪ مسلمان يوسف سان ٿئي ٿي، جنھن جو خاندان تہ پاڪستان لڏي ويو هو، پر هو پنھنجي وطن کي ڇڏڻ لاء تيار نہ هو. ان کي ڏسي کيس اهو خيال ٿئي ٿو تہ آخرهن ڇو سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هو اتي گهڻا ڏينھن گذاري ٿو. ڪڏهين ڪنھن سستي هوٽل ۾ تہ ڪڏهين ڌرمشالا ۾ رهي ٿو. ڌاريون ماڻھو هئڻ ڪري اتي ڪير کيس نوڪري ڏيڻ لاء تيار نہ ٿو ڏئي. نيٺ کيس هڪ بس اڏي تي ڪم ملي ٿو. جيتوڻيڪ اتي هو پنھنجو نالو بدلائي رهي رهيو هو پر سندس پيءُ جو واقف هڪ پوليس وارو کيس سڃاڻي وٺي ٿو جيڪو سندس پيءُ کي ٻڌائي ٿو جيڪو اچي کيس بمبئي وٺي وڃي ٿو.
هوان وقت جي الھاس نگر، جتي سنڌ مان گهڻا شرنارٿي رهيل هئا، جي صورتحال ٻڌائي ٿو. گندگي جا ڍير، ڪوئا، پاڻي لاء ماڻھن جون قطارون ۽ بمبئي وڃڻ لاء صبوح جو سويل اٿي ريلوي اسٽيشن تائين ڊگهو پنڌ ڪرڻ وغيرہ. بمبئي ۾ هن پڪوڙن ۽ مٺائي وغيرہ وڪڻڻ جو ڪم بہ ڪيو.
ڪتابن پڙهڻ جو شوق کيس هردوار ۾ هئڻ وقت کان هو. فارغ وقت ۾ هو ڪو نہ ڪوڪتاب پيو پڙهندو هو. سندس نانو ان جو سخت مخالف هو. سندس چوڻ هو تہ ڌنڌي جي جاء تي ڪتاب پڙهڻ سان اتان برڪت هلي ويندي آهي. پر ان جي باوجود هو پنھنجي ڪرت سان لڳل رهيو.
هند جي سنڌي ليکڪن ۾ نظرياتي حوالي سان ٻہ واضح گروه هئا جيڪي هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد ڪندا هئا. هڪ پاسي اتم، گوبند مالھي ۽ ڪيرت.ٻاٻاڻي جي ٽه مورتي هئي جيڪي ترقي پسند ليکيا ويندا هئا، جڏهين تہ ٻئي پاسي موهن ڪلپنا ۽ سندس دوست هئا. هري جو واضح طور انھن مان ڪنھن سان بہ تعلق نہ هو، پر هو ذاتي حوالي سان ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم کان پرتي هو. اهڙي ريت جڏهين هن ڪونج رسالي ڪڍڻ جو سوچيو تہ ان وقت هو پاڻ اڃا ادب جي دنيا ۾ داخل نہ ٿيو هو ۽ کيس ان جي سنڀالڻ لاء ڪنھن ليکڪ جي ضرورت هئي. هن گهڻي صلاح مشوري کانپوء ان جي لاء موهن ڪلپنا جي چونڊ ڪئي. پر موهن ان کي پنھنجي نظرياتي جنگ جي مورچي طور استعمال ڪيو ۽ رسالي ۾ ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم ۽ ان جي دوستن تي سخت تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. اها ڳالھہ هري جي مزاج وٽان نہ هئي ۽ ان کي نہ آئڙي. هن ان تي اعتراض ڪيو پر موهن پنھنجا جواز پيش ڪيا تہ ترقي پسند بہ مٿن تنقيد ڪن ٿا ۽ کيس انھن کي جواب ڏيڻ جو حق آهي. انھن هن کان رسالو خريد ڪرڻ تي چاهيو پر اهو معاملو ٺھي نہ سگهيو. موهن کانئس هڪ پرچي شائع ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ پوء اهو هري جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان دوران هري پاڻ لکڻ شروع ڪيو. ڪونج رسالي کانسواء هن ڪونج پبليڪيشن تحت مختلف ليکڪن جا ڪتاب پڻ شائع ڪيا. سندس ڪجهہ دوستن پاران کيس فلم ٺاهڻ ۾ حصيدار ٿيڻ لاء چيو ويو، پر انھن بجائي پنھنجو حصو ڏيڻ جي گهڻي رقم مختلف بھانن سان کانئس ئي ورتي. فلم بہ هلي نہ سگهي ۽ هو قرضن ۾ وٺجي ويو جنھن کي هو اٽڪل ڏهن سالن تائين ڀوڳيندو رهيو.
هري ٽي ڀيرا سنڌ آيو. هو پنھنجن سنڌي دوستن سان مختلف جاين تي گهمڻ ويو. آخري ڀيرو جڏهين هو آيو تہ مّخدوم جميل الزمان جو مھمان هو ۽ هالا ۾ سندس مھمان خاني ۾ رهيل هو. هو هتي پنھنجي ويزا وڌرائي اٽڪل ٽي مھينا رهيو پر اهو تجربو سندس لاء ڏاڍو تلخ رهيو. ٿيو ائين تہ اتم آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي پروگرام ۾ هري جي ڪنھن ڪتاب تي ڳالھائيندي اهو چيو تہ هو سخت ائنٽي پاڪستان آهي ۽ پوءِ پنھنجن دوستن کي اهو چوندو رهيو تہ هي روز روز سنڌ ٿو وڃي ۽ هاڻي ڏسان تہ هو وري ڪيئن ٿو پاڪستان وڃي. سي آئي ڊي پاران خاص طور ڀارت جي ريڊيو جي نشريات کي ريڪارڊ ڪيو ويندو هو ۽ اهڙي ريت اها ڳالھہ بہ ريڪارڊ تي اچي ويئي. سي آئي ڊي پاران هري جي لاڳيتو نگراني ٿيڻ لڳي. سندس ويزا جي توسيع جو معاملو بہ رولي ۾ پئجي ويو. نيٺ مخدومن جي مداخلت کانپوء هو سي آئي ڊي آفيسر آڏو پيش ٿيو جنھن کيس سڄي ڳالھہ ٻڌائي ۽ اهڙي ريت هو گرفتاري کان بہ بچي ويو ۽ سندس ويزا ۾ توسيع ٿي ويئي.
هو پنھنجي محبت ۾ جنسي تعلق جو قائل نہ ٿو هجي، پر هو پنھنجي پھرين ننڍپڻ جي محبت مڌو کي وساري نہ ٿو سگهي. هو آخري ڀيرو ساڻس ملڻ چاهي ٿو. گهڻي ڪوشش کانپوء هو دھلي ۾ سندس گهر ڳولھي ٿو، جتي هو پنھنجي بيمار مڙس سان رهي ٿي. هو ساڻس ملاقات تہ ڪري ٿي پر ڪجهہ ڳالھائي نہ ٿي. هو پاڻ ڪجهہ لفظ ڳالھائي اتان اٿي اچي ٿو. پر سندس واپس ٿيڻ وقت مڌو جو ڪيل ڀڻڪو ڄڻ سندس سڄي زندگي جو سرمايو هجي ٿو. هو سندس خاموشي ۽ آخر ۾ ڪيل ڀڻڪي کي ئي پنھنجي لاء سڀڪجهہ سمجهي ٿو ۽ پنھنجي محبت سان ملڻ تي اطمينان محسوس ڪري ٿو. اهو ڀڻڪو ئي ڄڻ سندس آتم ڪٿا جو آخري پنو هجي ٿو.
هي آتم ڪٿا هڪ اهڙي شخص جي آهي جيڪو زندگي جي گهڻن ڏکين مرحلن مان گذريو آهي. ساڳي وقت اها هند جي سنڌي ادب جي منظرنامي ۽ اتان جي اديبن ۾ ذاتي ڇڪتاڻ ۽ هڪ ٻئي کي نقصان پھچائڻ متعلق پڻ ڪجهہ معلومات ڏئي ٿي. اها ڳالھہ پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي تہ ان آتم ڪٿا ۾ هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن جو استعمال گهٽ ڪيو ويو آهي، جيئن هند جا ٻيا گهڻا سنڌي ليکڪ ڪندا آهن جنھن جي ڪري پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نہ ٿي ٿئي.