رياض شاهد دايو جي ڪتاب ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو مھاڳ
رياض هڪ ترقي پسند سوچ ۽ نظرئي جو ماڻھو آهي ۽ ان حوالي سان هن پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي ترقي پسند سوچ جي حامل تنظيمن ۾ هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهين اٺين درجي ۾ هو تہ ساٿي ٻارڙا سنگت ۾ شامل ٿيو ۽ پوء ان جو سرپرست اعلا بہ رهيو. ان کانپوء سنڌ نيشنل اسٽوڊينٽس فيڊريشن سکر جو صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ۾ هڪ ڪارڪن طورسرگرم رهيو. سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هو، گهوٽڪي سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهيو. انجمن ترقي پسند مصنفين سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. 1986 ۾ ان جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ۽ 2011 ۾ لاهور ۾ انجمن جي پلاٽينم جوبلي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي. هن وقت هو انجمن جي سنڌ چيپٽر جو صدر آهي. 2013 کان سندس ارتقاء انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز سان وابستگي آهي ۽ هن وقت هو ان جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي.
رياض ايگريڪلچر انجينيرنگ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوء سنڌ حڪومت ۾ نوڪري ڪئي ۽ 2022 ۾ ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو آهي.
ان سڀ جي باوجود هو خاموشي ۽ مستقل مزاجي سان پنھنجو ڪم ڪندو رهندو آهي ۽ گهڻو ڏيکاء نہ ڪندو آهي. جيتوڻيڪ سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن وغيرہ ۾ شائع ٿيندا رهيا آهن ۽ هو پبلشنگ جي شعبي سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي پر ترقي پسند ادبي تحريڪ جو ارتقائي جائزو سندس پھريون ۽ تازو ڪتاب آهي. شاعري ۽ نثر جا ڪجهہ ٻيا ڪتاب شائع ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن.
هي ڪتاب بنيادي طور انجمن ترقي پسند مصنفين جي حوالي سان آهي. هونئن ترقي پسند ادب جا گهڻا محرڪ رهيا آهن پر ننڍي کنڊ ۾ 1936 ۾ انجمن جي ٺھڻ ۾ هندوستان ۽ عالمي حالتن جو وڏوڪردار رهيو آهي. هڪ پاسي هندوستان ۾ انگريز کان آزادي جي تحريڪ هلندڙ هئي ۽ ٻئي پاسي سوويت يونين ۾ آڪٽوبر انقلاب برپا ٿيو هو جنھن سڄي دنيا جي آزادي ۽ سماجي انصاف جي تحريڪن کي هڪ نئون اتساه ڏنو هو.
اديبن کي آزادي ۽ سماجي انصاف جي بنيادن تي منظم ڪرڻ جو خيال پھرين انھن ليکڪن ۽ اديبن کي آيو جن جو واسطو ڪميونسٽ نظرئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان هو. سجاد ظھير جا لندن ۾ کاٻي ڌرجي مختلف ماڻھن ۽ گروپن سان واسطا پيا. هندوستان ۾ هڪ ترقي پسند ادبي تنظيم جي جوڙجڪ لاء اتي ئي بحث مباحثا ٿيا ۽ ڊاڪومينٽ تيار ڪيا ويا. وطن موٽڻ کانپوء ان کي باقاعدي هڪ تنظيمي شڪل ڏيڻ لاء تياريون شروع ڪيون ويون.
هندوستان ۾ ان وقت نہ رڳو ڪميونسٽ پارٽي ڪم ڪري رهي هئي پر ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هارين ۽ مزدورن جون تحريڪون پڻ سرگرم هيون جن ليکڪن، فنڪارن ۽ اديبن کي متاثر ڪيو هو. شروع ۾ اها رڳو ڪميونسٽ سوچ رکندڙ اديبن جي تنظيم نہ هئي پران کي وطن دوست ۽ جمھوري سوچ رکندڙ اديبن جي هڪ تنظيم طور منظم ڪيو ويو هو ۽ ان کي منشي پريم چند ۽ رابندر ناٿ ٽيگور جھڙن ليکڪن جي بہ پٺڀرائي حاصل هئي. پر ھڪ ڳالھہ واضح هئي تہ اها تنظيم ڪميونسٽ نظرئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي زيراثر هئي ۽ ملڪ ۽ دنيا جي سياسي حالتن ۾ ايندڙ تبديلين ۽ ان تي ڪميونسٽ پارٽي جي موقف جي ڪري انجمن جي پاليسي ۾ پڻ تبديلي ايندي رهي. ان جو ڪارڻ اهو بہ هو تہ انجمن جي اڳواڻن مان گهڻا پارٽي جا ڪارڪن ۽ همدرد هئا. ٻين مھاڀاري جنگ وقت پارٽي سان گڏ انجمن بہ ان ڪري عتاب هيٺ هئي، جو پارٽي پاران برطانيا کان آزادي لاء جدوجھد ڪئي ويئي. پر سوويت يونين تي هٽلر جي حملي کانپوء اها جنگ فاشزم خلاف جنگ ۾ بدلجي ويئي ۽ پارٽي پاران ان جي حمايت ڪرڻ جي ڪري انجمن ۽ ان جي اڳواڻن تي پابندين ۾ بہ نرمي آئي.
انجمن جي پھرين ڪانفرنس 1936 ۾ لکنو ۾ ٿي. سنڌ مان ان ۾ ڪنھن شرڪت ڪئي ان جي پڪ ناهي پر محمد امين کوسي لاء چيو وڃي ٿو تہ هن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. پر اها ڳالھہ آهي تہ انجمن جي قيام سنڌي اديبن ۾ هڪ اتساه پيدا ڪيو هو جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي ادبي سنگت منظم ٿي. ان کانپوء ڪلڪتي، بمبئي، حيدرآباد دکن ۽ دھلي ۾ مختلف ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون پر 1949 ۾ ڀيمڙي بمبئي ۾ جيڪا ڪانفرنس ٿي اها ان لحاظ کان اهم هئي تہ ان ۾ انجمن پنھنجو 1936 وارو منشور ۽ پاليسي ترڪ ڪري هڪ سخت گير پاليسي اختيار ڪئي. ان جو پسمنظر اهو هو تہ ٻين مھاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوء آمريڪا ۽ سوويت يونين نہ رڳو دنيا جي ٻن اهم ملڪن طور سامھون آيا هئا پر ساڳي وقت اهي سرمايا دارانا نظام ۽ سوشلزم جا اڳواڻ پڻ هئا. ٻنھي ملڪن ۾ باقاعدي سرد جنگ جو اعلان ٿي چڪو هو. هندوستان جي ڪميونسٽ پارٽي پنھنجي ڪلڪتي واري ڪانگريس ۾ وڌيڪ انتھا پسند موقف اختيار ڪيو هو.
پاڪستان جي قيام کانپوء 1949 ۾ لاهور ۾ انجمن جي پھرين ڪانفرنس ۾ اهو ساڳيو موقف اختيار ڪندي پاڻ کي رجعت پسند اديبن کان ڌار ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو. جيتوڻيڪ 1952 ۾ ڪراچي ۾ ٿيل انجمن جي ٻين ڪانفرنس ۾ ان موقف کي منسوخ ڪيو ويو پر ان جو اڳ ئي گهڻو نقصان ٿي چڪو هو. سعادت حسن منٽو جھڙن گهڻن لبرل خيالن جي اديبن ڱي ڊس اون ڪيو ويو جنھن الزام مان انجمن پنھنجو پاڻ کي اڃا بہ آجو ناهي ڪري سگهي.
1954 ۾ انجمن جي سرگرمين تي پابندي لڳائي ويئي. بظاهر ان جو ڪارڻ تہ رجعت پسندن جي انجمن خلاف اها پروپئگنڊا هئي تہ اها ملڪ ۽ اسلام دشمن آهي، پر ان جو مک ڪارڻ پاڪستان جو آمريڪي ڪئمپ ۾ شموليت هو جنھن جي ڪري ڪميونسٽ پارٽي ۽ نتيجي ۾ انجمن تي بہ پابندي عائد ڪئي ويئي.
سنڌي ادبي سنگت تہ پنھنجي ليکي سرگرم هئي، پر ملڪي سطح تي انجمن جي متبادل جي طور ملڪ جي ڪجهہ وڏن اديبن جن ۾ ڊاڪٽر م ر حسان، شيخ اياز ۽ گل خان نصير وغيرہ شامل هئا عوامي ادبي انجمن جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي. اها تنظيم ڪجهہ عرصو اڳ تائين باقاعدي پنھنجيون ماهوار گڏجاڻيون ڪندي رهي. ان ۾ مختلف ٻولين جا ترقي پسند اديب شريڪ ٿيندا هئا. پر هڪ تہ اها تنظيم ڪراچي تائين محدود رهي ۽ ٻيو تہ ان جي سڃاڻپ ڊاڪٽر حسان ۽ سندس جماعت ڪميونسٽ ليگ جي حوالي سان ئي ٿيندي رهي. ڊاڪٽر حسان جو نظرياتي شاگرد، سنڌي ۽ اردو جو اديب نور محمد شيخ پنھنجين ذاتي ڪوششن ۽ هنيان جي زور تي ان کي هلائيندو رهيو. ان جون ماهوار گڏجاڻيون ڪڏهين رمپا پلازه جي ادارہ امن و انصاف جي هال ۾ ۽ ڪڏهين پي ايم اي هائوس ۾ ٿيندون هيون، پر هاڻي ڪجهہ عرصي کان اهو سلسلو منقطع آهي. ان جو ڪارڻ بہ اهو آهي تہ تنظيمون ڪنھن هڪ فرد جي آسري تي گهڻو نہ هلي سگهنديون آهن.
1954 ۾ انجمن تي پابندي کانپوء ملڪ جي سياسي ۽ ادبي منظرنامي ۾ گهڻيون تبديليون واقع ٿيون آهن. ان ڪري تنظيمن لاء اهو ممڪن نہ هوندو آهي تہ اهي گهڻي عرصي کانپوء جيڪڏهين ٻيھر پنھنجو احياء ڪن تہ وري ساڳي سطح تان پنھنجو ڪم شروع ڪن. سرد جنگ جي خاتمي ۽ سوويت يونين جي وکرجڻ کانپوء پاڪستان ۾ بہ ڪميونسٽ پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي ويئي ۽ هڪ لحاظ کان نہ رڳو ڪميونسٽ پارٽي پر پوري کاٻي ڌر ملڪي سياست ۾ بي اثر ٿي چڪي آهي. ان صورتحال ۾ ترقي پسند خيالن جي اديبن پنھنجي ليکي ڪوششون ڪيون. جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ ارتقاء جھڙا نوان ادارا قائم ڪيا ويا، پر ساڳي وقت ان ڳالھہ جي ضرورت کي پڻ محسوس ڪيو ويو تہ انجمن ترقي پسند مصنفين جو احياء ڪيو وڃي تہ جيئن ترقي پسند اديب هڪ ڀيرو ٻيھر هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ملڪ ۾ سماجي تبديلي ۽ جمھوري جدوجھد ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ان مقصد لاء اپريل 2007 ۾ ملتان ۾ انجمن جي ستر سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ ملڪ گير تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پر ڪتاب جو ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ محمد علي صديقي جي وڇوڙي کانپوء جيڪو ڪم 2007 کان انجمن کي ٻيھر سرگرم ڪرڻ لاء ڪيو ويو هو اهو ڪم عھديدارن جي اختلافن جي ڪري متاثر ٿيو. 2013 ۾ انجمن سنڌ، پنجاب، بلوچستان۽ خيبر پختون خواه جي مختلف ضلعن ۾ تنظيمي گڏجاڻيون شروع ڪيون ۽ ادبي علمي پروگرام ٿيڻ لڳا تہ 2014 ۾ لاهور انجمن ۾ ۽ 2015 ۾ پنجاب جي صوبائي باڊي ۾ ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي. (صفحو 120).
اهي اختلاف سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي سطح تي بہ موجود آهن ۽ ان تنظيم جا هڪ کان وڌيڪ دعويدار آهن. ليکڪ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ تنظيم جو ذڪر ڪيو آهي پر لڳي ائين ٿو تہ اها تنظيم سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وڌيڪ سرگرم آهي. باقاعدي طور ڪانفرنسن جو انعقاد ۽ ڪتابن تي انعام ڏيڻ وغيرہ وسيلي ان هڪ لحاظ کان ليکڪن سان پنھنجو رابطو قائم ڪيو ۽ ان کي برقرار رکيو آهي ۽ ٻي مثبت ڳالھہ اها آهي تہ ان نہ رڳو سنڌ پر پاڪستان جي مختلف ٻولين جي اديبن کي ڳنڍڻ ۽ هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جو ڪم ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ ڪتاب جو ٽائٽل ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو آهي ۽ ان ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ادب جو بہ جائزو ورتو ويو آهي پر اهو گهڻي ڀاڱي انجمن ترقي پسند مصنفين جي حوالي سان آهي. انجمن جي اٽڪل نوي سالن جي تاريخ تي گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي پر هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري آهي تہ سنڌي ۾ ان موضوع تي مواد نہ هئڻ برابر آهي. ان ڪتاب کي ترقي پسند ادبي تحريڪ جي هڪ تعارف طور ليکي سگهجي ٿو.
