مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

سنڌو تھذيب: هڪ نڪتہ نظر

عرفان حبيب ڀارت جو ناميارو تاريخدان آهي. هندوستان جي تاريخ جي حوالي سان سندس گهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ گهڻا ڪتاب شائع ٿيل آهن. زيرنظر ڪتاب The Indus Civilization Aligarh Historians Society جي سرپرستي ۾ هلندڙ پروجيڪٽ A peoples History of India جي سلسلي جو ٻيون ڪتاب آهي. ان رٿا جو مقصد تاريخ جي هڪ سائنسي ۽ علمي سمجهاڻي ڏيڻ ۽ فرقيوارانہ ۽ شاونسٽ سوچ کي ٻنجو ڏيڻ آهي.
ڪتاب مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ اهو خاص طور ڀارت ۾ تاريخ متعلق هلندڙ ان بحث جو حصو آهي جنھن ۾ هندوتوا جا حامي تاريخ کي پنھنجن مقصدن مطابق لکڻ ۽ خاص طور اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا تہ آريا ٻاهريان آيل حملي آور نہ پرهن ڌرتي جا ئي هئا ۽ هتان جي قديم تھذيب انھن جي ئي تخليق هئي. جڏهين تہ عرفان حبيب انھن تاريخدانن مان آهي جيڪي اڳ ۾ طئي ٿيل ڪنھن نظرئي ۽ عقيدي جي حوالي سان ڏسڻ جي بجائي ان کي سائنسي نڪتہ نظر ۽ حقيقتن جي روشني ۾ ڏسڻ جا طرفدار آهن.
ليکڪ پنھنجي ان مطالعي ۾ افغانستان تائين هڪ وسيع علائقي کي شامل ڪيو آهي. ليکڪ افغانستان جي ٻئي وڏي دريا هيلمند جي ڪنارن تي 3200 قبل مسيح کان 2500 قبل مسيح جي تھذيب جوذڪر ڪري ٿو. هيلمند تھذيب 2100 قبل مسيح کان اڳ جنگ جي ڪري ختم ٿي ويئي. اهو سنڌو تھذيب جو شروعاتي ۽ وچيون دور هو پر اها حيرت جي ڳالھہ آهي تہ جاگرافيائي قربت جي باوجود ان جي وچئين ۽ آخري دور جو ان سان ڪو تعلق نہ رهيو آهي.
ليکڪ سنڌو تھذيب جي حوالي سان ڪوٽ ڏيجي، سوٿي سسوال ۽ آمري نال ثقافتن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو تہ اها تھذيب اٽڪل ست لک چورس ڪلوميٽر جي وسيع علائقي تي ڦھليل هئي جتي هڪ اندازي موجب ڏه کان پنجاه لک ماڻھو رهندا هئا. اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو تہ ان انگ کي ڪنھن وچين نڪتي تي آندو وڃي.
اهو شھري انقلاب جو دور هو. شھر هڪ تہ پنھنجي ايراضي ۽ ٻيو پيشن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. هتي دستڪارن ۽ ٻين غير زرعي پيشن جي گهڻي اهميت هوندي آهي ۽ انھن جي کاڌ خوراڪ ۽ ڪچي مال جي ضرورت ٻھراڙي وارا علائقا پوري ڪندا آهن. ان وقت موئن جو دڙو ۽ هڙپا سنڌو تھذيب جا ٻہ وڏا اهم شھر هئا. هڙپا جي آثارن مان انگريزن پاران ريلوي لائين ٺاهڻ لاء سرن کڻڻ جي ڪري انھن کي گهڻو نقصان پھتو آهي. موئن جو دڙو جي ايراضي ٻہ سو هيڪٽر ۽ هڙپا جي ڏيڍ سو هيڪٽر هئي. موئن جو دڙو جي آبادي پنجاسي هزار هئي. ٻنھي شھرن جي گڏيل آبادي جو اندازو ڏيڍ لک لڳايو ويو آهي. جڏهين تہ سڀني شھري علائقن جي آبادي اڍائي لک کان وڌيڪ نہ هئي. بھاولپور ۾ گنوير والا ۽ هندوستاني پنجاب ۾ لکمير والا جهڙن وڏن شھري علائقن جي کوٽائي اڃا نہ ڪئي ويئي آهي.
ليکڪ موئن جو دڙو جي آثارن مان اندازو لڳايو آهي تہ هتي ٻہ کان ٽي هزار گهر هئا. شھر جي مٿئين حصي ۾ امير ماڻھن جا گهر هئا ۽ هيٺئين حصي ۾ پورهيت، غلام ۽ ٻيا هيٺئين طبقي جا ماڻھو رهندا هئا. مٿئين حصي ۾ هڪ عمارت اهڙي آهي، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تہ اهو شايد محل هجي جڏهين تہ هيٺئين حصي ۾ هڪ ٻي عمارت عبادت گاه جو ڏيک ڏئي ٿي پر انھن لاء پڪ سان ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهجي. انھن گهرن ۾ پاڻي لاء ٽينڪ بہ آهن ۽ نيڪال لاء ڊرينج جو انتظام بہ آهي. هتي وزن جا ماپا بہ هئا ۽ اها هتان جا ماڻھو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙا بہ پائيندا هئا. ساڳي وقت هتي ڪپه بہ اپائي ويندي هئي. شھرن جي انتظام هلائڻ لاء هڪ ادارو هو.
ليکڪ اهو اندازو لڳايو آهي تہ اها تھذيب ست لک چورس ڪلوميٽر تي ڦھليل هئي. ان سڄي علائقي ۾ ساڳي طرح جو نظام هو جنھن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اها هڪ سلطنت هئي. موئن جو دڙو ان جي گادي جو هنڌ هو ۽ هڙپا ۽ ٻيا وڏا شھر پرڳڻن جا مرڪز هئا. ايڏي وڏي سلطنت جنگ جي ذريعي ئي قائم ٿي سگهي هئي. موئن جو دڙو ۽ هڙپا وغيرہ مان ٽامي جا هٿيار، تير ڪمان ۽ قلعن وغيرہ جا آثار مليا آهن جن مان جنگي نوعيت جي خبر پئي ٿي. حڪومت جي نظام متعلق ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهجي تہ بادشاهت يا ڪنھن گروه جي حڪومت هئي. ساڳي ريت ڪنھن محل وغيرہ جا بہ آثار نہ مليا آهن.
اهو هڪ ترقي يافتا طبقاتي سماج هو جنھن ۾ هاري، دستڪار، پروهت، شھري غريب، واپاري، خانہ بدوش، غلام ۽ حڪمران سڀ هوندا هئا. حڪمرانن پاران غلامن ۽ ڳوٺاڻن کان زوري ٽئڪس وغيرہ جي اڳاڙي ڪئي ويندي هئي. امير غريبن کان زوري اڳاڙي ڪري مال جمع ڪندا هئا جنھن جي ثابتي ۾ اتان اهڙيون مھرون مليون آهن جن مان لڳي ٿو تہ اهي انھن ماڻھن جون آهن جن وٽ ملڪيت هئي.
اهي سلطنت ۾ ۽ ان کان ٻاهر بہ واپار ڪندا هئا. ان جي لاء شين بدلي شين يعني بارٽر سسٽم ۽ مختلف قسم جي ڪرنسي بہ هوندي هئي. راجستان ۽ افغانستان جي پنج شير ماٿري سان واپار جا نشان ملن ٿا. ميسوپوٽيما سان بہ هتان جي ماڻھن جا واپاري ناتا هئا. ان واپار لاء زميني ۽ پاڻي جا ٻيئي ذريعا استعمال ڪيا ويندا هئا.
اتان جي ماڻھن جي مذهب ۽ عقيدن متعلق ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ اهي ماڻھو پنھنجن مڙدن کي دفن ڪندا هئا. مذهب جي لحاظ سان انھن جو مرڪز فطرت ۽ ان جا آثار هئا. مثال طور پيپل جو وڻ آهي، مختلف مھرن تي هڪ سڱ واري ڏند ڪٿائي ڍڳي جي تصوير آهي ۽ ماتا ديوي ۽ ان جي چوڌاري مختلف جانور آهن. پر اهو شو ناهي ۽ نہ ئي ان جو هندو مت سان ڪو واسطو آهي. ڇاڪاڻ تہ هندو مت سنڌو تھذيب کان ارڙنھن سو سال پوء سامھون آيو آهي.
اهو واضح ناهي تہ ان ترقي ڪيل تھذيب جو زوال ڪيئن ٿيو. ان جي لاء مختلف ڪارڻ ڄاڻايا وڃن ٿا. ممڪن آهي تہ ڪنھن وڏي ٻوڏ جي ڪري ائين ٿيو هجي يا ڪو زلزلو آيو هجي. موسمي تبديليون ۽ سوڪھڙو ۽ جهنگلن جو گهڻو وڍڻ بہ هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. آثارن مان اهو بہ پتوپئي ٿو تہ شھرن جو انتظام ڪمزور ٿي ويو هو. خانگي گهرن جي تعمير ۾ حددخليون ٿيڻ شروع ٿيون هيون. ساڳي ريت سياسي اختلاف واري عنصر کي بہ نظر انداز نہ ٿو ڪري سگهجي. اهو بہ ممڪن هو تہ پرڳڻن ۾ بغاوتون ٿيون هجن ۽ انھن پنھنجي خودمختياري جو اعلان ڪندي مرڪز کي حصي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هجي. ٻاهرين ڪاه ۽ جنگ بہ هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. ڪامريڊ نور ظھير جڏهين پنھنجي پاڪستان جي سفرنامي At Home in Enemy Land ۾ موئن جو دڙو جي حوالي سان اتي دريافت ٿيل اٺٽيه لاشن جو ذڪر ڪيو هو تہ ڪجهہ سنڌي اديبن ان متعلق اهو خيال ڏيکاريو تہ ان سان موئن جو دڙو جي عدم تشدد واري تصور کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ هڪ نئون بحث شروع ٿي سگهي ٿو. پر هن ڪتاب جو ليکڪ اها ساڳي ڳالھہ ڪندي انھن لاشن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي هڪ يا وڌيڪ تعداد ۾ گهٽين ۽ گهرن مان مليون آهن ۽ اهو خيال ڏيکاريو آهي تہ اهي ماڻھو جنگ جي نتيجي ۾ ئي وڙهندي ماريا ويا هوندا.
ان تھذيب جو اهو زوال اوڻھويھين صدي قبل مسيح يعني ويدن جي وقت کان اڳ ٿيو. ان جي خاصيت اها هئي تہ اها ائين غائب ٿي ڄڻ ان جو وجود ئي نہ هو. ممڪن آهي تہ انھن مان گهڻن کي غلام بڻايو ويو هجي ۽ گهڻا ٻين ڏيھن ڏانھن لڏي ويا هجن. ٻولي ختم ٿي ويئي. ٻہ هزار قبل مسيح کانپوء ڪنھن وڏي شھر جو نشان نہ ٿو ملي. ان کانپوء موئن جو دڙو جي اتر ۾ جهوڪر جي آبادي ۽ تيرنھين صدي قبل مسيح جي هڙپا جي ويجهو ايچ قبرستان جا نشان ملن ٿا.
اها تھذيب تہ ختم ٿي ويئي ۽ شھري علائقن جي ختم ٿيڻ جو عمل شروع ٿيو پر هڪ پسماندہ ۽ پٺتي پيل حيثيت ۾ ٻھراڙي واري علائقن ۾ ان جو وجود باقي رهيو ۽ اها ڪن معاملن ۾ پوئتي ۽ ڪن ۾ ترقي ڪندي رهي. زراعت ۾ تبديليون آيون. گهڻيون پراڻيون پوکون ختم ٿي ويون ۽ نيون پوکون متعارف ٿيون. سال ۾ ٻن پوکن جو نظام رائج ٿيو. ويجهڙ وارين پٺتي پيل ثقافتن جو انھن تي اثر پيو. تجارت ۾ زوال آيو. سمير ۾ ٻارنھن سو قبل مسيح ۽ چين ۾ چار هزار قبل مسيح جي تصويرن جي ٻولي ۽ مصر جي تھذيب جي ٻولي کي پڙهي سگهڻ جي ڪري ان متعلق گهڻي ڄاڻ ملي سگهي آهي جڏهين تہ هتان جي ٻولي ۽ لپي کي نہ سمجي سگهڻ جي ڪري گهڻا پاسا لڪل آهن.
ٻولي انسان جي لاء هڪ معجزو آهي. اها ارتقا جي مرحلن مان گذري اڄوڪي حيثيت تائين پھتي آهي. ان غير مانوس آوازن، اشارن ۽ تصويرن مان سفر طئي ڪيو آهي. سنڌو تھذيب جي پراڻي مروج ٻولي ختم ٿي ويئي هئي ۽ اهو سماج هڪ پسماندہ حيثيت ۾ هليو ويو هو. پٺتي پيل سماجن ۾ ٻولين جو تعداد وڌي ويندو آهي، جيڪو ان جي ترقي سان گهٽجندو ويندو آهي جيئن ويھہ لک ماڻھن ۾ ساڍا ست سو ٻوليون رائج هيون.
ليکڪ آرين جي ڪاه کي نہ ٿو مڃي، پر هو اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ ايران ۽ وچ ايشيا جا ماڻھو ٿوري تعداد ۾ افغانستان ۽ سوات مان سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي ٻين مختلف علائقن ۾ ايندا رهيا. اهيِ هتان جي اصلوڪن ماڻھن سان لاڳاپي ۾ آيا ۽ انھن جا هڪ ٻئي تي اثر پيا. زرتشت جي ڪتاب اويستا ۽ رگ ويد ۾ گهڻا هڪجهڙا لفظ آهن. ساڳي ريت رگ ويد ۾ ٻہ ڊزن کان وڌيڪ اهڙا دراوڙي ٻولين جا لفظ آهن، جيڪي اويستا ۾ ناهن. هندوستان ۾ هن وقت انڊو يورپين ٻولين جي خاندان کانپوء دراوڙي ٻولين جو خاندان آهي. سندس چوڻ موجب آريا جو مطلب اشرافيه آهي ۽ ان کي ڪنھن نسل سان لاڳو نہ ٿو ڪري سگهجي جيئن نازين پاران ڪيو ويو هو ۽ نہ ئي ڪنھن ٻولي جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو. ساڳي ريت رگ ويد ۾ گهوڙي جو ذڪر آهي جيڪو اڳ سنڌو تھذيب جي علائقن ۾ نہ هو.
اها بہ سنڌو تھذيب متعلق هڪ تحقيق آهي. ان کي ڪو حتمي رايو نہ ٿو چئي سگهجي ۽ نہ ئي ليکڪ اهڙي دعوا ڪري ٿو. ٻولي سميت ان تھذيب جا گهڻا پاسا اڃا لڪل ۽ تحقيق طلب آهن جن جي سامھون اچڻ کانپوء ئي ڪنھن نتيجي تي پھچي سگهجي ٿو.