منٽو پاڪستان ۾
ان وقت ملڪ ۾ ڪليمن تي ملڪيت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ لڳل هئي. منٽو اهو سوچيو تہ روز روز جي مسئلن ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان بھتر آهي تہ لکڻ تان هٿ کڻجي ۽ ڪو ٻيو روزگار ڪري ڪنڊ وٺي ويھي رهجي. ان لاء هن ڪجهہ دوستن جي چوڻ تي ڪليم جو فارم ورتو، پر جڏهين ان کي ڀرڻ جو وقت آيو تہ هن ڏٺو تہ هن ۾ تہ سڄو ڪوڙ ڳالھائڻو هو. بھرحال هو فارم ڀري جڏهين ڪاميٽي آڏو ويو تہ هن کين ٻڌايو تہ سندس امرتسر ۾ سوائي گهر جي ٻي ڪا ملڪيت نہ هئي ۽ کيس ان ڪري ڪنھن برف جي ڪارخاني يا سينيما وغيرہ ۾ حصي جي ضرورت آهي تہ جيئن هو پنھنجو گذر بسر ڪري سگهي. سندس چوڻ آهي تہ ڪاميٽي ڪجهہ ڏيڻ لاء راضي هئي تہ هڪ ميمبر ٻين کي چيو تہ هي ترقي پسند اديب آهي ۽ هن کي ڪجهہ بہ ڏيڻ نہ گهرجي. اهڙي ريت کيس ڪجهہ بہ نہ ملي سگهيو. اها هڪ عجيب صورتحال هئي. رجعت پسندن جي ليکي هو ترقي پسند هو ۽ ترقي پسند کيس رجعت پرست چوندا هئا. ان جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو تہ سندس ويجهي دوست احمد نديم قاسمي کيس سندس ادبي رسالي نقوش لاء ڪھاڻي ڏيڻ لاء چيو. هن کيس اها ڪھاڻي موڪلي ڇڏي. پر ڪجهہ وقت کانپوء قاسمي کيس لکيو تہ هو سندس ڪھاڻي نہ ٿو هلائي سگهي. ڇاڪاڻ تہ انجمن ترقي پسند مصنفين، جنھن جو قاسمي سيڪريٽري جنرل بہ رهيو هو، اهڙن اديبن سان تعلق ۽ انھن جي شين کي سندن رسالن ۾ ڇپڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ترقي پسندي جي معيار تي پورا نہ ٿا لھن.
معاشي پريشانين جي ڪري هن وڌيڪ شراب پيئڻ شروع ڪيو. هن عصمت چغتائي کي هڪ خط ۾ لکيو تہ ممڪن هجي تہ کيس ڀارت واپس گهرائڻ لاء ڪوشش ڪري ۽ وڌيڪ بھتر ٿيندو جيڪڏهين هو بمبئي موٽي اچي. اهو وقت هو جو هو لکڻ لاء شراب پيئندو هو پر هاڻي هو شراب پيئڻ لاء لکندو هو. گهڻن ماڻھن سان جيڪي نہ سندس دوست هئا ۽ نہ ليکڪ هئا، هو رڳو شراب پيئڻ لاء انھن وٽ ويندو هو ۽ ساڻن ملندو هو. کيس ٽي ڏيئرون ۽ هڪ پٽ هو. پٽ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو هو. هو پنھنجي زال ۽ ٻارن سان گهڻو پيار ڪندو هو ۽ سندن گهڻو خيال ڪندو هو ۽ ڪوشش ڪري سندن ضرورتون ۽ فرمائشون پوريون ڪندو هو. پر هاڻي سندس حيثيت اها نہ رهي هئي. ان ڪري گهڻو وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو. سندس زال جو چوڻ آهي تہ لکڻين مان جيڪا آمدني ٿيندي هئي اها شراب جي بلي ٿي ويندي هئي ۽ گهر جي خرچ لاء ڪجهہ بہ نہ بچندو هو. نيٺ هن پبلشرن ۽ ايڊيٽرن کان اهي پئسا پاڻ وٺڻ شروع ڪيا ۽ پوء شراب لاء منٽو کي پئسا ڏيندي هئي. شراب سندس اها حالت ڪري ڇڏي هئي تہ هن کي ڪجهہ وقت لاء چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو هو. بيماري جي حالت ۾ بہ کيس دوا کان وڌيڪ شراب جي گهرج هوندي هئي. سندس ڀاڻيجي جي چوڻ موجب آخري وقت ۾ جڏهين کيس اسپتال کڻي پئي ويا تہ هن شراب جي گهر ڪئي ۽ ٻہ ٽي ڍڪ سندس وات ۾ وڌا ويا.
منٽو جي وفات کانپوء سندس زال صفيہ کي اها شڪايت رهي تہ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ پبلشر سندس مختلف ڪتاب ڇاپين ٿا ۽ انھن جي وڪري مان چڱو خاصو ڪمائين ٿا پر انھن جي رائلتي وغيرہ مان ان جي خاندان ۽ ٻارن کي ٽڪو بہ نہ ٿو ڏنو وڃي.
