مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

منٽو پاڪستان ۾

پاڪستان اچڻ کان پوءِ منٽو جي معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويئي. ڇاڪاڻ تہ هندن ۽ سکن جي هتان وڃڻ جي ڪري فلمن ٺھڻ جو ڪم اٽڪل ختم ٿي ويو هو ۽ شھر ۾ رڳو فلمن جا پوسٽر ئي نظر ايندا هئا. پنھنجين لکڻين جي ڪري هو اڳ بہ عدالتن ۾ پيش ٿي ،مختلف ڪيسن کي منھن ڏيئي چڪو هو. پاڪستان ٺھڻ کانپوء کيس سندس ڪھاڻي ٺنڍا گوشت جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻو پيو، جنھن کيس ٽي مھينا قيد ۽ ٽي سو روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني، پر اپيل ۾ اها سزا ختم ٿي ويئي ۽ هو باعزت آزاد ٿي ويو. اها ڪھاڻي هن پھرين احمد نديم قاسمي کي نقوش لاء ڏني هئي پر پڙهڻ کانپوء هن ڪھاڻي جي تعريف تہ ڪئي پر چيو تہ ان کي هو پنھنجي رسالي ۾ ڇپي نہ ٿي سگهيو. پوء هن کيس پنھنجي ڪھاڻي کول دو ڏني جنھن کي.ڇاپڻ جي ڪري نقوش تي ڇه مھينن جي بندش پئجي ويئي. هڪ ٻن ٻين رسالن بہ ٺنڍا گوشت کي ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ اها ڪھاڻي افسانن جي هڪ مجموعي ۾ شائع ٿي ۽ ان جي شائع ٿيڻ سان ئي هڪ هنگامو برپا ٿي ويو. ليکڪ تي فحاشي ۽ ملڪ ۽ اسلام دشمني جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويا. نيٺ ان جو ڪيس پريس ڪائونسل ۾ پيش ٿيو، جنھن جي صدارت پاڪستان ٽائمز جي ايڊيٽر فيض احمد فيض ٿي ڪئي ۽ نوائي وقت جو حميد نظامي ۽ ٻيا ان جا رڪن هئا. ان ۾ فيض جو موقف اهو هو تہ هن افساني تي ادبي لحاظ کان تہ تنقيد ٿي سگهي ٿي، پر ان کي فحاشي قرار نہ ٿو ڏيئي سگهجي. جڏهين تہ حميد نظامي ۽ ٻين جو رايو ان کان مختلف هو. بھرحال هڪ ڊگهي بحث مباحثي کان پوء بہ ڪائونسل ڪنھن حتمي فيصلي تي نہ پھچي سگهي ۽ معاملو عدالت جي سپرد ٿي ويو.
ان وقت ملڪ ۾ ڪليمن تي ملڪيت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ لڳل هئي. منٽو اهو سوچيو تہ روز روز جي مسئلن ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان بھتر آهي تہ لکڻ تان هٿ کڻجي ۽ ڪو ٻيو روزگار ڪري ڪنڊ وٺي ويھي رهجي. ان لاء هن ڪجهہ دوستن جي چوڻ تي ڪليم جو فارم ورتو، پر جڏهين ان کي ڀرڻ جو وقت آيو تہ هن ڏٺو تہ هن ۾ تہ سڄو ڪوڙ ڳالھائڻو هو. بھرحال هو فارم ڀري جڏهين ڪاميٽي آڏو ويو تہ هن کين ٻڌايو تہ سندس امرتسر ۾ سوائي گهر جي ٻي ڪا ملڪيت نہ هئي ۽ کيس ان ڪري ڪنھن برف جي ڪارخاني يا سينيما وغيرہ ۾ حصي جي ضرورت آهي تہ جيئن هو پنھنجو گذر بسر ڪري سگهي. سندس چوڻ آهي تہ ڪاميٽي ڪجهہ ڏيڻ لاء راضي هئي تہ هڪ ميمبر ٻين کي چيو تہ هي ترقي پسند اديب آهي ۽ هن کي ڪجهہ بہ ڏيڻ نہ گهرجي. اهڙي ريت کيس ڪجهہ بہ نہ ملي سگهيو. اها هڪ عجيب صورتحال هئي. رجعت پسندن جي ليکي هو ترقي پسند هو ۽ ترقي پسند کيس رجعت پرست چوندا هئا. ان جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو تہ سندس ويجهي دوست احمد نديم قاسمي کيس سندس ادبي رسالي نقوش لاء ڪھاڻي ڏيڻ لاء چيو. هن کيس اها ڪھاڻي موڪلي ڇڏي. پر ڪجهہ وقت کانپوء قاسمي کيس لکيو تہ هو سندس ڪھاڻي نہ ٿو هلائي سگهي. ڇاڪاڻ تہ انجمن ترقي پسند مصنفين، جنھن جو قاسمي سيڪريٽري جنرل بہ رهيو هو، اهڙن اديبن سان تعلق ۽ انھن جي شين کي سندن رسالن ۾ ڇپڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ترقي پسندي جي معيار تي پورا نہ ٿا لھن.
معاشي پريشانين جي ڪري هن وڌيڪ شراب پيئڻ شروع ڪيو. هن عصمت چغتائي کي هڪ خط ۾ لکيو تہ ممڪن هجي تہ کيس ڀارت واپس گهرائڻ لاء ڪوشش ڪري ۽ وڌيڪ بھتر ٿيندو جيڪڏهين هو بمبئي موٽي اچي. اهو وقت هو جو هو لکڻ لاء شراب پيئندو هو پر هاڻي هو شراب پيئڻ لاء لکندو هو. گهڻن ماڻھن سان جيڪي نہ سندس دوست هئا ۽ نہ ليکڪ هئا، هو رڳو شراب پيئڻ لاء انھن وٽ ويندو هو ۽ ساڻن ملندو هو. کيس ٽي ڏيئرون ۽ هڪ پٽ هو. پٽ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو هو. هو پنھنجي زال ۽ ٻارن سان گهڻو پيار ڪندو هو ۽ سندن گهڻو خيال ڪندو هو ۽ ڪوشش ڪري سندن ضرورتون ۽ فرمائشون پوريون ڪندو هو. پر هاڻي سندس حيثيت اها نہ رهي هئي. ان ڪري گهڻو وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو. سندس زال جو چوڻ آهي تہ لکڻين مان جيڪا آمدني ٿيندي هئي اها شراب جي بلي ٿي ويندي هئي ۽ گهر جي خرچ لاء ڪجهہ بہ نہ بچندو هو. نيٺ هن پبلشرن ۽ ايڊيٽرن کان اهي پئسا پاڻ وٺڻ شروع ڪيا ۽ پوء شراب لاء منٽو کي پئسا ڏيندي هئي. شراب سندس اها حالت ڪري ڇڏي هئي تہ هن کي ڪجهہ وقت لاء چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو هو. بيماري جي حالت ۾ بہ کيس دوا کان وڌيڪ شراب جي گهرج هوندي هئي. سندس ڀاڻيجي جي چوڻ موجب آخري وقت ۾ جڏهين کيس اسپتال کڻي پئي ويا تہ هن شراب جي گهر ڪئي ۽ ٻہ ٽي ڍڪ سندس وات ۾ وڌا ويا.
منٽو جي وفات کانپوء سندس زال صفيہ کي اها شڪايت رهي تہ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ پبلشر سندس مختلف ڪتاب ڇاپين ٿا ۽ انھن جي وڪري مان چڱو خاصو ڪمائين ٿا پر انھن جي رائلتي وغيرہ مان ان جي خاندان ۽ ٻارن کي ٽڪو بہ نہ ٿو ڏنو وڃي.