مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

هند جي سنڌي اديبن جي سنڌ ياترا

”سي سڀ سانڊيم ساه سين“ هند جي نالي واري سنڌي اديب موتي پرڪاش جو سنڌ جو سفرنامو آهي. هو ورهاڱي وقت هتان لڏي وڃڻ کانپوء اٽڪل ستٽيھہ سالن کانپوء 1984 ۾ هتي آيو هو. ان وقت هو دبئي ۾ رهيل هو. سندس چوڻ آهي تہ هن گهڻي عرصي کان پاڪستان لاء ويزا جي ڪوشش پئي ڪئي، پر کيس اهو نہ ٿي مليو. نيٺ کيس ويزا تہ مليو، پر اهو چوڏنھن ڏينھن لاء ۽ اهو بہ رڳوڪراچي لاء.
هو پنھنجي پتني ڪلا ۽ هند جي هڪ ٻئي سنڌي اديب موهن گيھاڻي سان گڏ نومبر 1984 ۾ ڪراچي پھتو. هتي سنڌ ۾ سندن ظفر حسن ۽ ٻين مختلف دوستن ۽ ليکڪن وغيرہ سان رابطو هجي ٿو. سندن خواهش اها هجي ٿي تہ سندن ويزا جو مدو وڌايو وڃي ۽ ان ۾ حيدرآباد ۽ سکر وغيرہ کي بہ شامل ڪيو وڃي. هو غلام مصطفا شاه سان ملاقات ۾ کيس اهڙي درخواست بہ ڪن ٿا ۽ هو کين آسرو بہ ڏئي ٿو پر اهو ڪم نہ ٿو ٿئي. کين سنڌالاجي ڏسڻ جو شوق هجي ٿو پر اهو ڪم کين لڪي پنھنجي سڃاڻپ لڪائي ڏينھن ۾ ئي ڪرڻو پئي ٿو. ساڳي ريت دڙو، جيڪو موتي پرڪاش جو اباڻو شھر آهي، بہ ان ريت ئي وڃن ٿا.
رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻيا مختلف ليکڪ وغيرہ خيرپور، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شھرن مان اچي ساڻن ملاقاتون ڪن ٿا، پر ڪوشش جي باوجود اياز سان نہ تہ سندن فون تي رابطو ٿئي ٿو ۽ نہ ئي ملاقات ٿئي ٿي. اياز کي انھن جي ڪراچي اچڻ جي ضرور ڪنھن ريت خبر پيئي هوندي، پر هن الائي ڪھڙي ڪارڻ ساڻن ملاقات ڪرڻ گوارا نہ ڪئي.
موتي پنھنجي پڙهائي جي سلسلي ۾ ڪجهہ عرصو ڪراچي ۾ رهيو هو ۽ هتان ئي سڌو هو پاڻي جي جھاز ۾ بمبئي هليو ويو هو. جڏهين تہ ڪلا پرڪاش جو رام باغ جي ڀرسان برنس روڊ تي گهر هو ۽ هو روز شام پنھنجين ساهيڙين سان رام باغ ويندي هئي. موهن گيھاڻي جو بہ گرومندر وٽ گهر هو. موهن کي وڏي مشڪل سان پنھنجو گهر ملي ٿو ۽ هو ان کي پري کان ڏسي موٽي ٿو جڏهين تہ ڪلا کي فليٽن کي ڏسندي هڪ نوجوان ملي ٿو، جيڪو کيس ٻڌائي ٿو تہ ڪجهہ عرصو اڳ هو دھلي ويو هو تہ سندس ماء بہ کيس پنھنجو گهر ڏسڻ لاء چيو هو. هو اتي ويو هو ۽ اتي هڪ سردار جي رهيل هو. هن نوجوان جو فليٽ ئي دراصل ڪلا جو گهر هجي ٿو. هو کين اتي وٺي وڃي ٿو جتي ڪلا جي سندس ماء سان ملاقات ٿئي ٿي ۽ ٻيئي ماضي کي ياد ڪري هڪ ٻئي سان پنھنجا ڏک ونڊين ٿيون.
ستٽيھہ سالن کانپوء آيل مھمانن کي ڪراچي هڪ بدليل شھر نظر اچي ٿو. جاين جڳھن جا اصلوڪا نالا بدلائي نوان نالا رکيا ويا هئا، جيئن رام باغ آرام باغ ٿي ويو هو ۽ ان ۾ تعميرات وغيرہ ڪري ان جي سونھن ۽ وسعت کي ختم ڪيو ويو هو. شھر جي سڙڪن ۽ عمارتن وغيرہ جي نالن ۾ سنڌي ۽ شھر جي اصلوڪن رهاڪن جا نالا نہ ٿي مليا. شھر ۾ موٽر ڪارن جو وڏو تعداد هو. موتي کارادر ۾ ڇه نمبر ٽانڪي جي علائقي کي ياد ٿو ڪري، جتي هو پنھنجن مائٽن وٽ رهندو هو. موهن گيھاڻي هڪ ڀيري اڪيلو پنھنجي ليکي ڪراچي جي روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ گهمڻ لاء نڪري پئي ٿو.
ڪجهہ عرصو ظفرحسن جي ڀاء جي گهر رهڻ کانپوء اهي ٽيئي ڄڻا صدر ۾ هوٽل جبيس ۾ ڪمرو وٺن ٿا تہ جيئن شھر جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري ماڻھن سان ملڻ ۾ کين سولائي ٿئي. هتي گهڻا دوست ساڻن ملڻ اچن ٿا. سنگت ڪراچي پريس ڪلب جي سھڪار سان هڪ پروگرام ترتيب ڏئي ٿي جنھن ۾ سنگت جا ڪجهہ دوست ۽ مھمان پنھنجا خيال پيش ڪن ٿا. ان پروگرام ۾ آئون بہ شامل هوس. ساڳي ريت ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران سندن مان ۾ آجياڻو ڏنو وڃي ٿو. اتي هو شاگردن ۽ ٻين ماڻھن سان ملن ٿا.
موتي موهن گيھاڻي لاء لکيو آهي تہ ان جي سياست ۾ دلچسپي رهي آهي جڏهين تہ پاڻ ان کان پاسيرو آهي. هونئن بہ پاڪستان ۽ ڀارت جي ناتن جي صورتحال کي ڏسندي اها احتياط سمجه ۾ اچي ٿي. پر هتي سنڌ جي ماڻھن هند جي سنڌي ادبي منظرنامي ۽ اتان جي سنڌي اديبن جي ادبي بحث مباحثن ۽ اختلافن وغيرہ متعلق ڪجهہ ٻڌڻ چاهيو ٿي. پر ان سلسلي ۾ بہ موتي پرڪاش جو هي سفرنامو پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ ڪو واڌارو نہ ٿو ڪري.
انھن ماڻھن لاء سنڌ هڪ ماضي آهي جنھن سان انھن جي محبت ۽ وابستگي آهي. جيڪڏهين انھن کي هاڻوڪي سنڌ ۾ مستقل رهڻ جي چونڊ ڏني وڃي جيئن موتي جو هڪ دوست سندس ويزا لاء ڪوشش ڪندي کيس مذاق ۾ چئي ٿو تہ سندس جواب اهو ئي هو تہ نہ اسان وٽ ڀارت جو پاسپورٽ ئي ٺيڪ آهي.
ان سفر جو مقصد پنھنجي يادگيرين کي تازو ڪرڻ ۽ ماضي سان هڪ ناتو ڳنڍڻ هو جيڪو انھن ڪيو.