گلگشت: سوويت يونين ۽ ڪشمير
هو ان جي تاريخ ۽ ماڻھن متعلق سوچي ٿي. روس جي تاريخ تي چنگيز خان ۽ تاتارين جو گهڻو اثر رهيو آهي. هن، منگول ۽ ٻيا حملہ آور هتي ايندا رهيا آهن، جن جو رت روسي نسلن جو حصو رهيو آهي. هڪ لحاظ کان جاگرافيائي طور يورپ جو حصو هوندي بہ ثقافتي لحاظ کان اهو ڄڻ تہ ايشيا جو حصو رهيو آهي. يورپ ۾ سائنس ۽ فلسفي وغيرہ جي ميدانن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون هيون، ان سان ڄڻ روس جي حڪمرانن ۽ ماڻھن جو واسطو ئي نہ هو. پيٽراعظم جي دور ۾ ان کي يورپ سان ڳنڍڻ ۽ جديد ٺاهڻ جو عمل شروع ٿيو. هن پيٽروگراڊ جي شھر جو بنياد رکيو ۽ گادي جي هنڌ کي ماسڪو کان هتي منتقل ڪيو. ٻي مھاڀاري جنگ ۾ هن شھر جي ماڻھن جرمن فاشزم جو جيڪو مقابلو ڪيو ۽ جيڪي قربانيون ڏنيون اهي تاريخ جو حصو آهن. شھر جو ڪو گهر اهڙو نہ هو، جنھن جو ڪو فرد ان جنگ ۾ شھيد نہ ٿيو هجي. هتي ۽ ٻين شھرن ۾ پنھنجي مادر وطن لاء شھيد ٿيندڙن جي قبرن تي روزانو گل رکڻ هڪ معمول جي ڳالھہ آهي.
ماسڪو ۾ لينن جي مقبري تي ماڻھن جي وڏي تعداد ۾ صفن ۾ بيھي حاضري ڏيڻ هڪ معمول هو. هن تازو شادي ٿيل هڪ گهوٽ ڪنوار جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اتي حاضري ڏيڻ آيا هئا. ماڻھن انھن کي موقعو ڏنو تہ اهي اڳ ۾ حاضري ڏين.
ڪو دور هوندو هو جڏهين ترڪي جو شمار دنيا جي وڏين طاقتن ۾ ٿيندو هو، يورپ جا گهڻا ملڪ سندس ضابطي ۾ هئا ۽ ائٽلانتڪ سمنڊ کي ان جي ڍنڍ ڪري ليکيو ويندو هو. روس جي راڻي ڪيٿرين جي دور ۾ جنگين ۽ مختلف ٺاهن ڪري ترڪي جي ان حيثيت ۾ زوال اچڻ شروع ٿيو. ترڪ ان ڳالھہ کي مڃڻ لاء تيار ناهن تہ انھن آرمينائي ماڻھن جو قتل عام وغيرہ ڪيو هو. پر آرمينائي هن وقت بہ ترڪن جو نالو ٻڌڻ لاء تيار ناهن. هن وقت بہ آرمينيا جو هڪ حصو ترڪي وٽ آهي. ليکڪا اهو سوال اٿاري ٿي تہ ڇا ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ آرمينيا ۽ ترڪي جو مذهب مختلف آهي، جڏهين تہ روس سان عيسائي هئڻ ڪري انھن جي مذهبي هڪ جهڙائي آهي. آرمينيا جي ترڪي کان آزادي ۾ پڻ روس جو ڪردار رهيو آهي. جارجيا جي گادي جي هنڌ طبلسي ۾ هو اتان جي ليکڪن ۽ ٻين ماڻھن سان ملي ٿي ۽ سندس تاثر اهو ٿو هجي تہ اهي ماڻھو ڏاڍا خوش مزاج ۽ ملنسار آهن.
ملڪن جون سرحدون تبديل ٿينديون رهيون آهن. آذربائيجان جيڪو ان وقت سوويت يونين جو حصو هو ڪڏهين ايران ۽ ترڪي جو حصو بہ رهيو هو. کيس ان جي گادي جي هنڌ باڪو ۾ مختلف جاين تي پنھنجي ليکي روشني ۽ باه ٻرندي نظر اچي ٿي. اها اتي قدرتي گيس جي ذخيرن ڪري هجي ٿي. ان روشني ۽ باه کي ڏسندي هو اهو خيال ڏيکاري ٿي تہ زرتشت مذهب جي شروعات ان ئي علائقي مان ٿي ۽ پوء اهو ايران جي ٻين علائقن ۾ پھتو.
مسلمان جڏهين روم جو ذڪر ڪندا هئا تہ سندن نظر ۾ اوڀر جو روم يعني قسطنطنيه هوندو هو. مسلمانن جي فتح کانپوء ان جي اها حيثيت ختم ٿي ويئي ۽ آرٿوڊوڪس عيسائين جو مرڪز روس منتقل ٿي ويو.
1846 ۾ انگريزن هڪ ٺاه تحت گلاب سنگه ڊوگره کي ڪشمير، جمون ۽ لداخ وغيرہ جو علائقو ڏنو هو. اهو ڊوگره راڄ 1947 تائين رهيو.
ليکڪا ڪشمير جو ذڪر ڪندي ان جي سياسي پاسي جو ذڪر نہ ٿي ڪري، پر ان ڳالھہ تي زور ڏئي ٿي تہ ان ڳالھہ جي باوجود تہ مغل بادشاه اڪبر ۽ اورنگزيب وغيرہ هتي فوجون بہ موڪليندا رهيا ۽ پاڻ بہ وقت گذارڻ لاء هتي ايندا رهيا، پر هتي اسلام جو ڦھلاء گهڻي ڀاڱي صوفين جي وسيلي ٿيو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو بہ هو تہ هتي هندن ۾ شيو مت جو گهڻو اثر هو، جيڪو پالڻھار سان سڌي تعلق جي ڳالھہ ڪري ٿو ۽ ڪنھن واسطي کي وچ ۾ نہ ٿو آڻي. ان ڪري هن ماٿري ۾ ماڻھو ڊگهي عرصي تائين ڪنھن مذهبي مت ڀيد کانسواء رهندا آيا آهن. هتي مسلمانن ۽ هندن جا گهڻا مذهبي ماڳ آهن. جڏهين ليکڪا اهو ڏٺو تہ بسون سري نگر کان اسلام آباد وڃن ٿيون تہ کيس خيال آيو تہ شايد دنيا ۾ ٻين جاين جيان هتي بہ ٻنھي ملڪن ۾ ڪو ٺاه ٿيو آهي. پر پوء کيس خبر پيئي تہ ٻين گهڻن علائقن جي نالن تبديل ڪرڻ سان گڏ اننت ناگ کي اسلام آباد چيو وڃي ٿو. ڪشميري ٻولي ۾ ناگ جي معنا چشمو آهي.
جمون جو ماحول کيس ماٿري جي ماحول کان مختلف لڳي ٿو. ڪشمير جو ماحول صوفي مت جي ويجهو لڳي ٿو جڏهين تہ جمون جي ماڻھن جي ثقافت ۽ انھن جا طور طريقا پنجاب جي وڌيڪ ويجهو لڳن ٿا.
