غني ڪاندڙي جي ڪتاب جو مھاڳ
سنڌي جي گهڻن ليکڪن وانگر هي بہ هڪ وڏي رقم خرچ ڪري پنھنجا ڪتاب ڇپرائي ٿو. لکڻ ۽ ڇپائڻ کانپوء ڪتاب جي ورهاست ۽ ان کي پڙهندڙن تائين پھچائڻ بہ ليکڪ جي ذميواري هوندي آهي. ان ڪري غني جي ان ڳالھہ ۾ بہ دلچسپي ناهي تہ ڪتاب وڪامن ٿا يا نہ ۽ ان مان ڪجهہ مالي فائدو حاصل ٿئي ٿو يا نہ. سندس بس اها خواهش آهي تہ ماڻھو سندس ڪتاب پڙهن جيڪا هر ليکڪ جي خواهش هوندي آهي. ان مقصد لاء هو پاڻ هلي وڃي دوستن کي ڪتاب ڏيندو آهي. اها خبر ناهي تہ انھن مان گهڻا دوست اهي پڙهن ٿا ۽ جيڪڏهين ڪي پڙهن ٿا تہ انھن جو انھن تي رايو ڇا ٿو هجي. بھرحال هڪ لحاظ کان هو ڄڻ تہ ان طريقي سان پنھنجي ڪم کي محفوظ ڪندو اچي ٿو.
انھن ڪتابن ۾ غني جا مختلف موضوعن تي سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل ۽ ٻيا انيڪ مضمون شامل آهن. هن اڍائي سو صفحن جي ڪتاب ۾ ايڪهٺ مضمون شامل آهن. ان ڪتاب کي بہ هڪ لحاظ کان سندس اڳوڻن ٻن ڪتابن جوتسلسل ئي چئي سگهجي ٿو. خاص ڳالھہ اها آهي تہ ليکڪ ڪتابن جي ٽائٽل وسيلي پڙهندڙ کي هڪ وسيع ڪينواس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن سنڌو ماٿري، مھراڻ ۽ سنڌو جا لفظ استعمال ڪيا آهن. انھن ۾ اڄوڪي سڄي پاڪستان سميت اهي سڀ علائقا اچي وڃن ٿا جتان سنڌو گذري ٿو. آئون ان ۾ بلوچستان کي بہ ان ڪري شامل ڪيان ٿو تہ اتي خاص طور مھر ڳڙه ۾ جيڪي اٽڪل ست هزار سال قديم آثار مليا آهن، انھن ۾ ۽ موئن جو دڙو ۽ هڙپا جي آثارن ۾ گهڻي هڪجھڙائي آهي. انھن ماڻھن جو ڪلچر، معيشت، ٻولي ۽ رهڻ ڪرڻ وغيرہ سڀ ان جو حصو آهن.
ليکڪ ان ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ گهڻن موضوعن کي ڇھيو آهي. ائين چئي سگهجي ٿو تہ ليکڪ زمين تي موجود ۽ آسمان جي هيٺان موجود اٽڪل هر موضوع کي ڇھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور هڪ پاسي هو جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي فلسفي تي طبع آزمائي ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي پنھنجي پڙهندڙ کي سنڌ جي موسمي جاگرافي متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ساڳي ريت هن مختلف معاشي، سياسي ۽ سماجي مسئلن تي پڻ پنھنجي رائي جو اظھار ڪيو آهي. زراعت جي حوالي سان هن تپيدار جي ڪردار تي لکيو آهي. نئين عالمي نظام جي سنڌ جي معيشت تي اثر ۽ اسلام آباد استنبول ريلوي ۽ سنڌ جي معيشت. مطلب تہ هن جيڪو بہ موضوع کنيو آهي ان کي هڪ يا ٻئي طريقي سان سنڌ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اهو نہ ٿو چئي سگهجي تہ ليکڪ انھن سڀني موضوعن تي مھارت رکي ٿو پر اها ڳالھہ ڪري سگهجي ٿي تہ هو شين متعلق پنھنجو هڪ نڪتہ نظر رکي ٿو ۽ ان جو محور ۽ مرڪز ڪنھن شڪ کانسواء سنڌ آهي. سنڌ جي گهڻن ليکڪن وانگر سندس سنڌ ۽ ان جي ماڻھن سان هڪ وابستگي ۽ ڪمٽمنٽ ملي ٿي، جيڪا هڪ اهم ڳالھہ آهي. ترقي بسندي رڳو ڪنھن نظرئي ۽ نڪتہ نظر جو نالو ناهي. هر اها شي جنھن ۾ خلق جي ڀلائي هجي، ۽ جيڪا سماج کي اڳتي وٺي وڃي ترقي پسندي ۾ ڳڻي سگهجي ٿي.
ليکڪ سنڌي سماج ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، ان جي مختلف پاسن کان جائزو ورتو آهي. زراعت ۾ ايوب خان جي دور کان جنھن سائي انقلاب جي شروعات ٿي ۽ زرعي مشنيري، ڀاڻ ۽ ٻج وغيرہ کي متعارف ڪرايو ان زميندار ۽ هاري جي حيثيت ۽ انھن جي ناتن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڏين زميندارين وغيرہ هئڻ جي ڪري ان جو اثر گهٽ ٿيو آهي، پر بھرحال ان سماجي تاڃي ڀيٽي کي متاثر ڪيو آهي. ساڳي وقت هاري جي پراڻي حيثيت ختم ٿيڻ جي ڪري هاري ڪاميٽين جو جيڪو اثر رسوخ هو، اهو گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي. آئون سمجهان ٿو تہ انھن تبديلين جي ڪري هاري جي ڀيٽ ۾ زميندار جي حيثيت اڃا مضبوط ٿي آهي. ليکڪ پنھنجي مضمون سنڌي سماج ۾ زرعي مشنيري کانپوء هاري جو حيثيت ۾ ان جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي.
سنڌ جي مڊل ڪلاس سياست جون ڪچايون. ڇا سنڌين ۾ واقعي مل ڪلاس يا وچولو طبقو موجود آهي. اسان شاگردن ۽ نوڪري پيشہ طبقي جي سياست کي وچولي طبقي جي سياست سمجهندا رهيا آهيون. ان ڳالھہ کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ هڪ تہ شاگرد هڪ طبقو ناهن پر اهي سماج جي هڪ اهڙي پرت آهن، جنھن جو سماج جي مختلف طبقن سان واسطو هوندو آهي ۽ ٻيو تہ اهي هڪ عبوري دور ۾ هوندا آهن ۽ انھن جو ڪردار انھن جي شاگردي واري دور جي ختم ٿيڻ کانپوء بدلجي ويندو آهي. ساڳي ريت نوڪري پيشہ طبقي جا پنھنجا مفاد هوندا آهن ۽ سندس سياست رياست ۾ ٻين نسلي لساني گروهن جي ڀيٽ ۾ نوڪرين ۽ ٻين شعبن ۾ پنھنجي حصي کي وڌائڻ هوندو آهي. وچولو طبقو جيڪو پيشہ ور ڊاڪٽرن، وڪيلن، تاجرن ۽ صنعت ڪارن وغيرہ تي مشتمل هجي ۽ پنھنجي ڪرت ۽ خيالن ۾ گهڻي ڀاڱي آزاد هجي. اهو سوال پنھنجي جاء تي موجود آهي تہ ڇا اهڙو طبقو هڪ مضبوط ۽ منظم صورت ۾ سنڌين ۾ موجود آهي. منھنجي خيال ۾ اهو هن وقت ابتدائي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ پنھنجن خيالن ۽ نظرين جي حوالي سان گهڻي ڀاڱي زميندار طبقي جي اثر ۾ آهي. مجموعي طور سنڌي سماج ۽ سياست ۾ ان جو ڪردار گهڻو موثر ناهي.
ليکڪ خاندان، سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ عورت ۽ مڙد جي ناتن تي پڻ پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو آهي. خاندان جي نوعيت، شادي جو مستقبل ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي خيال آرائي ڪئي ويئي آهي. ڪتاب ۾ شامل موضوع پڙهندڙ کي سوچڻ لاء مواد ڏين ٿا، جنھن کي هو پنھنجي سمجه ۽ مطالعي آهر وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهي ٿو.
ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪ ڪانڌڙا ذات متعلق ٿيل تحقيق تي بحث ڪيو آهي. سنڌ سميت سڄي ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ اهو لاڙو آهي تہ اهي بجائي پاڻ کي ڌرتي سان ڳنڍڻ جي پنھنجو ناتو فاتحن عربن، ايرانين، ترڪن ۽ وچ ايشيا جي مانھن سان ڳنڍيندا آهن. اها ساڳي ڳالھہ ڪانڌڙا ذات متعلق بہ آهي. ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ ان متعلق ٻہ نڪتہ نظر آهن. هڪ پنھنجو ناتو عربن سان ڳنڍي ٿو جڏهين تہ ٻيو انھن کي هتان جا مقامي ماڻھو ئي ڪري ليکي ٿو، جن هندو ۽ ٻڌ مت مان اسلام اختيار ڪيو هو ۽ مسلمان ٿيا هئا. ليکڪ جو اهو سوال بلڪل بجا آهي تہ جيڪڏهين سڀني ذاتين جي ان دعوا کي مڃجي تہ سندن واسطو هتي ايندڙ فاتحن ۽ حڪمرانن جي ذاتين سان آهي تہ پوء ڇا اها ڌرتي انھن جي اچڻ کان اڳ ويران ۽ بنجر هئي.
رئوف نظاماڻي
2022-05-09
