ورهاڱو ۽ لاهور جو ادبي منظرنامو
1947 ۾ ميرٺ ڀارت مان لاهور لڏي اچڻ کانپوء هن پنھنجين يادگيرين کي ”چراغوں کا دھواں“ نالي ڪتاب ۾ قلم بند ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ان ڳالھہ جي وضاحت بہ ڪئي آهي تہ اهي رڳو نئين ملڪ ۾ اچڻ کانپوء جون سندس يادون آهن.
سندس چوڻ آهي تہ هو هندوستان مان ڪو ڦرجي نہ آيو هو. سندس سامان جيڪو ٽرين ۾ ايندي وڃائجي ويو هو اهو بہ پوء کيس موٽي مليو هو. ان وقت سرحد جي ٻنھي پاسن تي فساد هلي رهيا هئا. سڄي ٽرينن جي مسافرن جو ڪسجي وڃڻ هڪ عام ڳالھہ هئي. ماڻھو هڪ ڊپ واري ڪيفيت ۾ لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا. ان صورتحال ۾ ان هڪ ريل گاڏي ۾ سفر ڪيو جنھن ۾ ساڻس گڏ اڙدو جو ليکڪ سليم احمد بہ گڏ هو، جيڪو ڪراچي هليو ويو. سندس دوست محمد حسن عسڪري هفتو ڏيڍ اڳ لاهور اچي ويو هو ۽ کيس هتي اچڻ لاء چيو هئائين. هڪ ڊپ واري ڪيفيت ۾ سفر ڪندي، انھن واهگه بارڊر پار ڪيو. ليکڪ مغل پوره لاهور تي لھي پيو جڏهين تہ سليم احمد اڳتي ڪراچي هليو ويو.
شروع ۾ هو عسڪري سان گڏ ڪرشن نگر ۾ عسڪري جي ڀاء کي الاٽ ٿيل گهر ۾ رهيو. سندس چوڻ آهي تہ جيئن ڪراچي ۾ لالو کيت کي لياقت آباد جو نالو ڏنو ويو ائين ڪرشن نگر کي اسلام پوره جو نالو ڏنو ويو. اتي جن مھاجرن کي گهر الاٽ ٿيا هئا انھن جو حال بيان ڪندي چئي ٿو تہ انھن گهرن کي انھن جي اڳوڻن رهائشين سجايو ۽ سنواريو هو پر هاڻي حال اهو هو تہ اتي ورانڊي ۾ مينھن ٻڌل هئي ۽ ڊرائنگ روم ۾ ان جو ڀوسو پيو هوندو هو.
شروعاتي ڏينھن ماڻھن سان ملندي ۽ گهمندي ڦرندي گذريا. پھرين هو آفتاب احمد خان ۽ ايم اسلم سان مليو ۽ پوء لنڊا بازار مان ڪمبل خريد ڪري ۽ هيرا منڊي مان ٿيندو گهر پھتو. سندس چوڻ آهي تہ هو انھن چار شين کانسواء هاڻي بہ پاڪستان جو تصور نہ ٿو ڪري سگهي. حسن عسڪري سان ڪجهہ عرصو گڏ رهڻ کانپوء هو پنھنجن ٻن ڀاڻيجن سان رهڻ لڳو. هو اهو ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن سندس کاڌي ۽ ذائقي ۾ تبديلي آئي. انھن ٻن ڀاڻيجن مان هڪ پنجابين مان شادي ڪئي هئي ۽ سندس زال پنجابين واري انداز سان کاڌا تيار ڪندي هئي جيڪي سندس يوپي جي کاڌن ۽ انھن جي ذائقن کان بلڪل مختلف هوندا هئا، پر کيس ان مطابق هلڻو پوندو هو.
حسن عسڪري جي تہ پير ۾ چڪر هو ۽ کيس هڪ جاء تي سک نہ هو پر کيس ڪجهہ عرصي کانپوء بمبئي جي هڪ رسالي نظام، جيڪو هاڻي لاهور منتقل ٿيو هو، جي ايڊيٽر جي نوڪري ملي ويئي. هن پوء آفاق، امروز ۽ مشرق اخبارن ۾ بہ ڪم ڪيو. مشرق ۾ سندس ڪالم لاهور ناما گهڻو مشھور ٿيو.
هي ڪتاب گهڻي ڀاڱي لاهور شھر، ان جي ادبي منظرنامي ۽ اديبن متعلق آهي. لاهور ۾ ان وقت مختلف هوٽل اديبن جي ڪچھرين جو مرڪز هوندا هئا. انھن ۾ ڪافي هائوس، ٽي هائوس، چائينيز، لاردز، شيزان ۽ ميٽرو وغيرہ شامل هوندا هئا. اتي ليکڪن جو سڄو ڏينھن ويھڻ پر رڳو چانھن تي زور هوندو هو ۽ لنچ ۽ ڊنر وغيرہ جو آرڊر نہ ڏنو ويندو هو. هڪ وڏي هوٽل جي مالڪ ڪجهہ عرصو ان صورتحال کي ڏسندي هوٽل ۾ نوٽس لڳايو تہ رڳو لنچ ۽ ڊنرجا آرڊر هلندا. نتيجي ۾ همراهن کي پنھنجو ٺڪاڻو بدلائڻو پيو. ميٽرو ۾ ڊانس جو پروگرام بہ ٿيندو هو. آهستي آهستي نہ رڳو اهو تہ اهي هوٽل هڪٻئي پويان بند ٿيندا ويا ۽ رڳو ٽي هائوس ڪجهہ مزاحمت ڪري سگهي پر اتي ويھندڙ اديب بہ گهڻي ڀاڱي غائب ٿي ويا. ليکڪ برما جي اڳواڻ آنگ سان سوچي جي ڪتاب Letters From Burma جو حوالو ڏنو آهي، جنھن ۾ هن برما جي چانھن خانن جو ذڪر ڪيو آهي، جن اتان جي سياسي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهڙي ريت امرتا سين پنھنجي آتم ڪٿا ۾ شانتي نڪيتن جي ڀر ۾ ڪافي هائوس جو ذڪر ڪيو آهي، جتي ليکڪ ۽ دانشور گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف معاملن تي ڳالھائيندا هئا.
ان وقت مال هڪ ويڪرو ڪشادو روڊ هوندو هو جنھن جي ٻنھي پاسن کان وڻ هوندا هئا. مختلف جاين تي ڇٻر جا ٽڪرهوندا هئا. گهڻو ڪري ماڻھو پنڌ هلندا هئا يا سائيڪل جو استعمال ڪندا هئا. ٽانگو هڪ عام سواري هوندي هئي. اسڪوٽر ۽ موٽر ڪار وغيرہ جو نالو نشان نہ هو. پر اها صورتحال ڏه سال مشڪل سان هلي. ايوب خان جي مارشل لاء کانپوء اها ترقي جي نالي ۾ بلڪل تبديل ٿي ويئي. سڙڪ کي ڪشادو ڪرڻ لاء مال تان وڻ وڍجي ويا، سڙڪ جي پاسن کان گاه جا ٽڪرا ختم ٿي ويا. ٽانگي جي مال تي اچڻ تي پابندي لڳي ويئي ۽ سائيڪل جي جاء تي اسڪوٽر ۽ موٽر ڪار اچي ويون.
انتظار حسين کي هڪ رجعت پسند اديب چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ بہ ان جو ذڪر ڪري ٿو. پر ساڳي وقت هو اها بہ ڳالھہ ڪري ٿو تہ هن ميرٺ ۾ ظ انصاري سان گڏجي انجمن ترقي پسند مصنفين جي تنظيم لاء ڪم ڪيو هو ۽ لاهور اچڻ کانپوء بہ انجمن جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو ۽ اتي افسانا وغيرہ پڙهندو هو. هڪ ڀيري جڏهين کيس انجمن جي گڏجاڻي ۾ افسانو پڙهڻو هو تہ کيس ٻڌايو ويو تہ انجمن پاران ڪجهہ اديبن، جن ۾ ليکڪ سان گڏ سعادت حسن منٽو بہ شامل هو، تي انجمن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ تي پابندي مڙهي ويئي آهي. هن جڏهين ان جي جاچ ڪئي تہ کيس خبر پيئي تہ اهڙو ٺھراء سيد سبط حسن پاران تيار ڪيو ويو هو. پر جڏهين سندس سبط حسن سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ هن کيس ٻڌايو تہ ٺھراء هن ئي لکيو هو، پر جڏهين هن ان کي پيش ڪيو تہ اتي موجود ڪنھن بہ ان تي اعتراض نہ ڪيو هو. دراصل اهو سرد جنگ جو دور هو ۽ انجمن پاران پھرين بمبئي ۽ پوء لاهور ڪانفرنس ۾ اهڙو سخت گير موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. بھرحال ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن تي بندش کانپوء انجمن جو ادبي وايو منڊل ۾ ڪردار ختم ٿي ويو. ان پابندي کانپوء گهڻن ترقي پسند اديبن حلقہ جي گڏجاڻين ۾ اچڻ شروع ڪيو هو.
حلقہ ارباب ذوق ۾ گهڻا اديب سرگرم هئا، پر اهي ڪنھن سياسي معاملي تي نہ ڳالھائيندا هئا ۽ نہ ڪو پنھنجو موقف ڏيندا هئا. مختلف جاين تي انھن جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. اڳتي هلي اها تنظيم ٻن حصن حلقہ ارباب ذوق سياسي ۽ حلقہ ارباب ذوق ادبي ۾ ورهائجي ويئي. انجمن پاران تہ انتظار حسين تي اڳ ئي بندش وڌي ويئي هئي، هاڻي حلقہ وارن بہ کيس نيڪالي ڏيئي ڇڏي. اڳتي هلي حلقہ جو وجود بہ نہ هئڻ برابر وڃي رهيو.
ايوب خان جي مارشل لاء کانپوء ست اديبن جن ۾ جميل الدين عالي، قرت العين حيدر ۽ غلام عباس بہ شامل هئا، ايوب خان جي کنيل قدمن جي تعريف ڪندي چيو تہ حڪومت کي اديبن جي فلاح بھبود لاء بہ ڪي قدم کڻڻ گهرجن. عالي پاران ايندڙ سال جي شروع ۾ ڪراچي ۾ رائٽرز ڪنونشن منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان سڀ جي پويان اصل ماڻھو قدرت ﷲ شھاب هو. اهڙي ريت رائٽرز گلڊ قائم ٿي جيڪا ايوب جي اقتدار کان هٽڻ کان اڳ ئي پنھنجي پڄاڻي تي پھتي. مقصد اهو هو تہ اديبن کي سرڪار کان وڌ ۾ وڌ سھولتون وٺي ڏجن تہ جيئن اهي حڪومت جي پاسي هجن ۽ ان جي مخالفت نہ ڪن. ان وقت خاص طور ترقي پسند اديبن لاء شايد اهو سوال اهم نہ هو تہ اوهان ڪھڙي پاسي آهيو. گهڻا ترقي پسند اديب رڳو ان ڪري گلڊ ۾ شامل ٿي ويا تہ ڏسون تہ اتي ڇا ٿو ٿئي. ڪراچي ۾ گلڊ جو پھريون اجلاس ٿيو. عالي ان ۾ خوش هوندو هو تہ اديبن کي رهائش وغيرہ جي حوالي سان اهي سھولتون وٺي ڏيئي، جيڪي وڏن آفيسرن کي حاصل هيون. اديبن کي ڏيھہ ۽ پرڏيھہ ۾ گهمڻ ڦرڻ جا موقعا ڏنا ويا. ضياء الحق پاران اڪيڊمي آف ليٽرس جا گهڻا اجلاس گهرايا ويا پر ليکڪ ان ۾ شريڪ نہ ٿيو.
پاڪستان اچڻ کانپوء ليکڪ هندوستان جا ڪجهہ چڪر هنيا. شروع وارن ڏينھن ۾ ائين ٿي محسوس ٿيو تہ ڄڻ ڪجهہ بہ نہ بدليو هو ۽ هر شي پنھنجي جاء تي ساڳي هئي پر جڏهين گهڻي عرصي کانپوء هو اتي ويو تہ کيس لڳو تہ هر شي بدلجي ويئي آهي. هونئن بہ ماڻھو جڏهين پنھنجي جاء بدلائيندو آهي تہ ساڳي جاء ۽ شي بہ ان جي لاء اوپري ٿي ويندي آهي. هن لاهور جي ٽي هائوس جيان دھلي جي هڪ اهڙي ٽي هائوس جو ذڪر ڪيو آهي جتي ليکڪ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف ادبي ۽ سياسي معاملن تي بحث ڪندا هئا. پر وري جڏهين ٻيو ڀيرو اتي ويو تہ اهو ٽي هائوس اتي نہ هو ۽ ان جي جاء تي هڪ گهڻ ماڙ عمارت ٺھيل هئي. خبر پيئي تہ اندرا گانڌي ايمرجنسي دوران هتي ٿيندڙ بحث ۽ تنقيد کان تنگ ٿي ماڳيئي عمارت ئي ڊهرائي ڇڏي هئي. 1965 جي جنگ تائين ٻنھي ملڪن جي سرحدن تي ڪي گهڻيون پابنديون نہ هيون ۽ اچ وڃ ۾ سھولت هوندي هئي پر ان کان پوء سرحد پار وڃڻ ڏکيو ٿي پيو.
پوء نہ اهو لاهور رهيو، نہ اهو ادبي ماحول رهيو ۽ نہ ئي اهي اديب رهيا. هر شي تبديل ٿي ويئي.
