مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

آتم ڪٿا ۽ سفرنامو

انتظار حسين جي ڪتاب ”جستجو کیا ہے؟“ جي ٽائٽل تي لکيل آهي تہ اهو سوانح حيات آهي. پر ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ليکڪ پاڻ اهو فيصلو نہ ٿو ڪري سگهي تہ اهو آتم ڪٿا آهي، سفر نامو آهي يا اڃا بہ ٻي ڪا صنف آهي. سندس چوڻ آهي تہ پڙهندڙ پاڻ اهو فيصلو ڪن تہ اهو ڇا آهي. ڇاڪاڻ تہ هو تہ بس لکندو ويو آهي. ان ۾ نہ هن پنھنجي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي کي پوري ريت آندو آهي ۽ نہ ئي ان ۾ سندس خاص طور يورپ، آمريڪا ۽ ڪينيڊا وغيرہ جا سفر شامل آهن.
ان ڪتاب ۾ لاهور جي ادبي ماحول جي حوالي سان سندس ڪتاب ”چراغوں کا دھواں“ جو ڪجهہ ورجاء بہ ملي ٿو پر گهڻي ڀاڱي اهو پنھنجي ليکي هڪ ڌار ڪتاب آهي.
وقت سان گڏ شيون ۽ جايون وغيرہ تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ورهاڱي جي ڪري ڀارت ۽ پاڪستان جي شھرن وغيرہ ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. نہ رڳو گهرن جا مڪين نہ پر گهر، روڊ رستا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهين ورهاڱو نہ بہ ٿئي ها تہ پوء بہ انھن شين کي تبديل ٿيڻو هو ۽ اهي ساڳيون نہ رهن ها.
ليکڪ ان ڪتاب ۾ ڀارت جي ٻين شھرن جي ذڪر سان گڏ پنھنجي جنم ڀومي ڊبائي ميرٺ جو بہ ذڪر ڪيو آهي. علي ڳڙه ۾ هوندي کيس پنھنجي شھر جي سڪ محسوس ٿئي ٿي. هو پنھنجن ڪجهہ واقفڪارن ۽ دوستن سان اتي وڃي ٿو. پر اتي تہ سڄو منظر تبديل ٿيل ۽ نوان ماڻھو ۽ نوان روڊ رستا هجن ٿا. هو نيٺ ياد ڪري ٿو تہ ان جي ويجهو فلاڻو مٺائي جو دوڪان ۽ فلاڻو ڪرياني وارو هوندو هو. هو انھن جي پڇا ڪري ٿو. اهي ماڻھو تہ ڪڏهوڪو ٻي دنيا روانا ٿي چڪا هئا پر سندن پويان سندس رهنمائي ڪن ٿا ۽ هو پنھنجي گهر تائين پھچي ٿو. اها ساڳي صورتحال ڀارت مان پاڪستان جيڪي ماڻھو اچن ٿا، انھن سان بہ لاڳو ٿئي ٿي. هو تہ پنھنجو اباڻو گهر ۽ شھر ڏسڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو پر ساڻس گڏ جيڪي دوست هجن ٿا، اهي ساڳي وقت انھن سڀني گهڙين کي هڪ دستاويزي فلم جي صورت ۾ محفوظ ڪندا وڃن ٿا. ليکڪ علي ڳڙه يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پنھنجي رهائش رکي هئي. اتان واپس وڃڻ وقت هو يونيورسٽي ۾ وڳوڙ ۽ هنگامن جي ڳالھہ ڪري ٿو ۽ سندس دوست صبوح سوير کيس پوليس پاران يونيورسٽي کي گهيري ڪرڻ کان اڳ اتان نڪرڻ لاء چون ٿا. هو يونيورسٽي کي ان وڳوڙ ۾ ڇڏي نڪري ٿو پر اهو نہ ٿو لکي تہ ان جو ڪارڻ ڇا هو ۽ اهو سڀڪجهہ ڇا جي ڪري هو.
هو پنھنجي خاندان سان گڏ ڊبائي مان هاپوڙ هليو ويو هو، جنھن جي ڪري کيس مئٽرڪ ڪرڻ کانپوء ميرٺ ڪاليج ۾ داّخلا وٺڻي پيئي، ٻي صورت ۾ هو علي ڳڙه هليو وڃي ها. ڪرار حسين سندس پاڙيسري بہ هو ۽ پوء ميرٺ ڪاليج ۾ هو ايم اي اڙدو ۾ سندس استاد بہ هو. ڪرار حسين خاڪسار هو ۽ علامہ مشرقي سان گڏ هو، پر ڪجهہ اختلافن جي ڪري هو کانئس ڌار ٿي ويو هو. هي اتي الامين اخبار ڪڍندا هئا ۽ علامہ مشرقي سان اختلاف ڪندڙ خاڪسار ڪرار حسين وٽ اچي پناه وٺندا هئا. هتي اخترحميد خان بہ ايندو هو، جنھن ڪليڪٽر جي سرڪاري نوڪري ڇڏڻ کانپوء تالن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. علامہ مشرقي جڏهين انگريز جي نوڪري ڇڏڻ جو سڏ ڏنو هو تہ ان وقت سندس هڪ ناٺي بہ ڪنھن اعليٰ سرڪاري عھدي تي هو. اختر حميد جڏهين نوڪري ڇڏي وٽس ويو تہ هن چيو تہ اسان اهڙين نوڪرين وارن ماڻھن کي استشنا ٿا ڏيون جنھن تي اختر حميد کيس چيو تہ هو اهو رڳو ان ڪري پيو ڪري، جيئن سندس ڌي کي ڪا تڪليف نہ ٿئي، پر مون کي اها رعايت قبول ناهي. الامين اخبار ۾ ليکڪ جا ڪجهہ ليک بہ شائع ٿيا. ان وقت حسن عسڪري سان بہ سندس دوستي هئي ۽ ٻيئي ميرٺ ۾ گڏجي گهمندا ڦرندا ۽ رولاڪيون ڪندا هئا. پوء انھن ٻنھي جو آخري ٺڪاڻو ڪرار حسين جو گهر هو. پاڪستان اچڻ کانپوء هو ڪرار حسين سان پنھنجي تعلق متعلق ڪجهہ نہ ٿو ٻڌائي.
مختلف پروگرامن جي حوالي سان ڀارت اڪثر سندس وڃڻ ٿيندو هو. 2007 ۾ جڏهين بمبئي ۾ دھشت گردن حملو ڪيو هو ان وقت بہ هو ڪنھن پروگرام ۾ شرڪت لا۽ ڪجهہ ٻين پاڪستان جي اديبن سان سنڀريو بيٺو هو. پر حالتن جي سازگار نہ هئڻ ڪري کيس اهو پروگرام ختم ڪرڻو پيو. دھلي ۾ سندس قرت العين حيدر سان بہ ملاقات ٿيندي رهي، جيڪا پھرين لوڌي گارڊن جي ويجهو رهندي هئي جتي سندس رهائش بہ هوندي هئي پر پوء هو اتان ٻئي علائقي ۾ هلي ويئي. ليکڪ کي هندن جي هڪ مذهبي جاء بندرا بن ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي ڀولڙن جو وڏو تعداد هو. اتي مندر جي پروهت کيس ٻڌايو تہ اهو مندر اڪبر جي مدد سان ٺھيو هو ۽ هن ان جي لاء اهو ساڳيو پٿر فراهم ڪيو هو، جيڪو فتحپور سيڪري ۾ شاهي محل جي تعمير ۾ استعمال ٿيو هو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ مندر وارن هندو راجا خلاف جنگ ۾ اڪبر جي مدد ڪئي هئي. اهو مندر گنگا جمني مسلم تھذيب جو مظھر هو، جيڪا ڳالھہ ان جي فن تعمير مان ظاهر ٿئي ٿي، جنھن جي مسلمانن جي تعمير ڪيل گهڻين عمارتن سان هڪجھڙائي هئي. ٻي ڳالھہ تہ هتي مندر جي ديوار ۾ جيڪا خانا ٺھيل هئا اتي بجائي مورتين جي، جيئن عام مندرن ۾ هوندو آهي، انھن کي خالي رکيو ويو هو. پروهت جو چوڻ هو تہ انھن اڪبر سان يڪجھتي ۽ سندس ٿوري مڃڻ لاء اهو ڪيو هو. پروهت جو چوڻ هو تہ مندرن وغيرہ کي اڪبر پاران ڏنل مراعتن کي واپس وٺڻ جو ڏوه جيڪو اورنگزيب مٿان مڙهيو وڃي ٿو، اهو صحيح ناهي بلڪہ اهو ڪم شاهجهان ڪيو هو ۽ اورنگزيب تہ اقتدار ۾ اچي کين انھن مراعاتن کي واپس ڪري ڏنو هو. ليکڪ هڪ اهڙي ٻئي مندر جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو لکنو جي حڪمران واجد علي شاه پاران تعمير ڪرايو ويو هو ۽ اهو سڏجي بہ ان جي نالي سان ئي ٿو.
هونئن تہ ليکڪ کي جڏهين ڪنھن پروگرام لاء سڏايو ويندو هو تہ کيس هڪ يا ٻن شھرن جي ويزا ملندي هئي پر کيس جڏهين پريم چند فيلو شپ ڏني ويئي تہ ان تحت کيس گهڻين جاين ڏسڻ ۽ گهمڻ جو موقعو ملي ويو. هن اجنتا الورا جا غار ۽ اتان جي فن کي اڳ بہ ڏٺو هو. پر هن ڀيري سندس چوڻ آهي تہ وڏي عمر جي ڪري سندس لاء ٽڪرين تي مٿي وڃڻ ڏکيو هو. ڪجهہ پنڌ تہ کيس ڪھار کڻي هليا پر پوء ان ڊپ کان تہ ڪٿي انھن جو پير وير نہ نڪري وڃي هو ان تان لھي پاڻ هلڻ لڳو ۽ قديم دور جي انسان جا ٺھيل اهي شاهڪار هن هڪ ڀيرو.وري ڏٺا.
هڪ ڀيري هو آصف فرخي سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ هو. هوٽل جي لفٽ ۾ سوار ٿيڻ وقت هڪ عورت وڄ وراڪي وانگر تيزي سان لفٽ ۾ داخل ٿي ۽ سندن وچ ۾ بيھي رهي. جڏهين منٽ ٻن کان پوء لفت گرائونڊ فلور تي پھتي تہ اها ساڳي تيزي سان نڪري ويئي. استقباليه واري کين ٻڌايو تہ هي جيڪا عورت اوهان سان لفٽ ۾ هئي اها ماڌوري ڊڪشت هئي. انھن جيسين ڪنڌ ورائي ان کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي تيسين اها پارڪنگ لاٽ مان پنھنجي گاڏي ۾ ويھي وڃي چڪي هئي.
هو دريا جي ڪناري ٺھيل شھر سرنگا پتم ۾ حيدر علي ۽ ٽيپو جي قبرن تي بہ ويو. هن وقت ميسور وڏو شھر ۽ پرڳڻي جي گادي جو هنڌ آهي. سندس چوڻ آهي تہ جيڪڏهين حيدرعلي ۽ ٽيپو چاهين ها تہ انھن شھرن جي نالن کي مٽائي پنھنجا نالا رکي ٿي سگهيا پر انھن ائين نہ ڪيو ۽ اصلوڪن نالن کي برقرار رکيو.
ليکڪ ڪلڪتي ۾ ٺاهيل ننڍي لکنو کي ڏسڻ ويو. انگريزن جڏهين اوڌ جي حڪمران واجد علي شاه کي تخت تان لاٿو تہ هو پھرين ڪانپور ويو ۽ پوء پنھنجي خاندان، درٻارين ۽ ڳائڻن وغيرہ سان ميٽيابرز ڪلڪتي هليو آيو. هتي انگريزن پاران کيس ڪلڪتي کان ڪجهہ ميل پري پر تعيش محل ۽ ٻارنھن لک روپيا سالياني پينشن ڏني ويندي هئي، جنھن کي هوکلي نموني خرچ ڪندو هو. هن هتي لکنو وارو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موسيقارن کي نوازيو. هتي سندس قبر تي مقبرو ٺھيل آهي جڏهين تہ سندس زال جي قبر ٻي جاء تي آهي.
ليکڪ پنھنجي ان دوري دوران راجستان بہ ويو. جئہ پور پنھنجين عمارتن جي رنگ وغيرہ جي ڪري هڪ گلابي شھر طور مشھور آهي. ان کي ڀارت جو پيرس بہ چيو ويندو هو. جيتوڻيڪ شھر جو گلابي رنگ اڃا باقي آهي، پر ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهو رنگ هاڻي گهڻو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. ٻي اهم شي جنھن ليکڪ کي متاثر ڪيو، اها پنجاب جي دريائن ستلج ۽ بياس جي سنگم تي ٺاهيل راجستان ڪينال، جنھن کي هاڻي اندرا گانڌي ڪئنال چيو وڃي ٿو، آهي. اها نھر 290 ميل ڊگهي ڏکڻ اولھہ ۾ وهي ٿي. ان سان ڀارت جي پاسي واري ٿر جو هڪ وڏو حصو آباد ٿئي ٿو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هاڻي ريگستان گهڻي فاصلي کانپوء ئي نظر اچي ٿو.
هي ليکڪ جي پريم چند فيلو شپ جو آخري حصو هو. هتان هو دھلي هليو ويو جتي مختلف ليکڪن ۽ دوستن سان ملاقات کانپوء لاهور روانو ٿي ويو.
ڀارت ۾ ليکڪ جي لاء وڏو مسئلو اهو هو تہ اتي گهڻن علائقن ۾ اڙدو گهٽ ماڻھو سمجهن ٿا ان ڪري کيس بہ گهڻين جاين تي تقريرن ۽ ليڪچرن وغيرہ ۾ انگريزي جو سھارو وٺڻو پوندو هو. کانئس اهو سوال بہ ڪيو ويو تہ هو جڏهين اخبارن ۾ ڪالم وغيرہ انگريزي ۾ لکي ٿو تہ پوء فڪشن انگريزي ۾ ڇو نہ ٿو لکي. سندس جواب هوندو هو تہ انگريزي سندس پروفيشنل ٻولي آهي ۽ هو ان جو استعمال پنھنجي روزگار لاء ڪندو آهي، جڏهين تہ سندس فڪشن جي ٻولي اڙدو آهي ۽ هو ان کي نہ ٿو ڇڏي سگهي.
ليکڪ پنھنجي ماء پي جو اڪيلو پٽ هو. کيس ڀينر تہ هيون پر سندس ڪو ڀاء نہ هو. ساڳي ريت کيس پنھنجو ڪو اولاد نہ هو ۽ پنھنجين ڀيڻن ۽ انھن جي ٻارن جي وڌيڪ ويجهو هو. هڪ ڪل وقتي صحافي ۽ ليکڪ ۽ گهڻو ڪري ادبي دورن ۽ سفر ۾ هئڻ جي باوجود هو پنھنجي زال جي گهڻو ويجهو ۽ ان جو خيال ڪندو هو. هو گهڻن سفرن ۽ ايستائين تہ بيماري جي حالت ۾ بہ ساڻس گڏ هوندي هئي. ان حوالي سان اي آر وائي پاران ايوارڊ ڏيڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ کيس ان سلسلي ۾ ڪراچي وڃڻو هو. سندس زال جو بيمار هئڻ باوجود اهو اصرار هو تہ ساڻس گڏ هلندي. ايئرپورٽ تي جنھن ڇوڪري سندس وهيل چيئر پي هلائي اهو بورڊنگ ڪارڊ لاء انتظار ڪندي غائب ٿي ويو. هو پريشان ٿي ويو تہ هاڻي ڇا ڪجي. ايتري ۾ اشفاق احمد ۽ بانو قدسيہ ايندي نظر آيا جيڪي پڻ ان ساڳي تقريب ۾ شرڪت لاء ڪراچي وڇي رهيا هئا. انھن کي جڏهين اها خبر پيئي تہ اشفاق احمد چيو تہ اسان جي ڀيڻ اسان سان هلندي. اهي ٻيئي زال مڙس ان کي وهيل چيئر تان اٿاري پاڻ سان جھاز ۾ وٺي ويا. پوء ڪراچي ۾ بہ هو انھن سان ٺيڪ نموني پئي هلي. جڏهين انٽرڪانٽينينٽل هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ داخل ٿيا تہ اتي هڪ عجيب نظارو ڏسڻ ۾ آيو. اتي ويٺل گهڻا ماڻھو اشفاق احمد کي ڏسي وٽس ڊوڙندا آيا. ڪن سندس پيرن کي ٿي ڇھيو تہ ڪن سندس هٿن کي ٿي چميو. سندس چوڻ آهي تہ منھنجي زال اڳ ۾ ئي اشفاق احمد جي ڳالھين جي قائل هوندي هئي ۽ مون کي بہ ان تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. پر آئون ڪنھن همعصر ليکڪ لاء ائين سوچڻ مناسب نہ سمجهندو هوس. اشفاق احمد لاء ان وقت هو چوندو هو تہ هي ڪجهہ ڏينھن ۾ بابا ٿي ويندو، پر ان کان اڳ ئي ڪجهہ عرصي کانپوء ان جي وفات ٿي ويئي. لاهور واپس اچڻ کانپوء سندس زال جي بيماري جي ساڳي حالت ٿي ويئي ۽ اها بستر ڀيڙو ٿي ويئي. زال جي وفات کانپوء پنھنجن آخري ڏينھن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو تہ سندس نوڪر هارون ساڻس گڏ هوندو هو. سندس ڏينھن ان ريت گذرندو هو تہ هو پنھنجي معمول موجب صبوح سج نڪرڻ کان اڳ واڪ ڪرڻ، گلن ٻوٽن کي ڏسڻ ۽ پکين جي لات ٻڌڻ لاء جناح گارڊن هليو ويندو هو. واپس اچي وهنجي سھنجي نيرن ڪري پنھنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. ٻنپھرن جي ماني کائي ٿوري دير آرام ڪري وري لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. جيئن تہ هاڻي ٽي هائوس وغيرہ وارو ماحول نہ رهيو هو ان ڪري شام جو دوست وٽس ڪچھري لاء ايندا هئا ۽ اهڙي ريت ڏينھن پورو ٿيندو هو.