ماڻڪ ۽ ماڻڪ ڪانفرنس
ان پروگرام ۾ آئون بہ شريڪ ٿيس. 24 ڊسمبر 2023 تي اهو پروگرام رٿيل هو. اسان ڪجهہ دوست ڪراچي مان 23 ڊسمبر ٻنپھرن جو نڪتاسين. انڊس هائي وي کان آمري جي پل کان ٿيندا قاضي احمد ۽ پوء نواب شاه پھتاسين. اسان جي رات رهڻ جو بندوبست شھر کان ڏه ٻارنھن ڪلوميٽر پري ڊوڙائي مھر نالي ٻھراڙي جي معاذ فارم هائوس ۾ ڪيو ويو هو. نوابشاه سان هن علائقي کي ڳنڊيندڙ سڙڪ نھايت سٺي حالت ۾ آهي جنھن جو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ٻھراڙي ۾ تصور ڪرڻ ڏکيو آهي. ان جو ڪارڻ هڪ دوست ٻڌايو تہ اها سڙڪ سکر کان حيدرآباد تائين زير تعمير موٽر وي جو حصو آهي. انٽرچينج جيڪو ان موٽروي کي نوابشاه شھر سان ڳنڊيندو.
پروگرام نوابشاه پريس ڪلب ۾ ٿيڻو هو ۽ ان جي شروع ٿيڻ جو وقت صبوح ساڍي ڏهين وڳي هو. پروگرام جي شروع ۾ انجمن جي صدر مشتاق ڪشفي ۽ ترقي پسند دانشور احمد سليم جي وفات تي تعزيتي ريفرينس پيش ڪيا ويا. پوء ڪجهہ ڪتابن جي مھورت ڪئي ويئي. ان کانپوء ماڻڪ ڪانفرنس جي ڪاروائي شروع ٿي. مختلف مقررن ماڻڪ جي حياتي ۽ فن تي ڳالھايو. گهڻن جو اهو چوڻ هو تہ هو معاشي ڏکيئين ۽ خانداني مسئلن جو شڪار هو ۽ دوستن پاران بہ سندس ڪا مدد نہ ڪئي ويئي. ساڳي وقت سندس ڪھاڻين وغيرہ تي بہ بيجا تنقيد ڪئي ويئي. ماڻڪ جي پٽ علي جو چوڻ هو تہ اسان خاندان وارا ماڻڪ کي نہ ٿا سڃاڻون، پر اسان منير احمد کي سڃاڻون ٿا جيڪو آئون جڏهين ستن اٺن سالن جو مس هوس تہ اسان کي ڇڏي هليو ويو.
منھنجو اهو رايو هو تہ ماڻڪ کي بلڪل ئي رد نہ ڪيو ويو هو پر ان سلسلي ۾ ٻہ رايا هئا. هڪڙا کيس فحاشي ڦھلائيندڙ ليکڪ سڏيندا هئا، جڏهين تہ ٻين، جنھن ۾ ان وقت جي ڪراچي سنگت بہ شامل هئي، جنھن جو مٿي حوالو ڏنو آهي، سندس ڪھاڻين ۽ ناولن وغيرہ جي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي تناظر ۾ ادبي حوالي سان تجزيو ڪرڻ تي زور ڏنو ٿي.
انجمن ترقي پسند مصنفين هندوستان جي سياسي حالتن جي پيداوار هئي. شروعاتي سالن ۾ انجمن جي اڳواڻن ان جي گڏيل پليٽ فارم هئڻ تي زور ڏنو ٿي جنھن ۾ رڳو سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نہ پر ملڪ جي آزادي ۽ جمھوريت لاء جدوجھد ڪندڙ سڀ شامل ٿي سگهيا ٿي. اهو موقف سرد جنگ جي شروع ٿيڻ تائين هو. جڏهين دنيا فاشزم خلاف جنگ جي مرحلي مان گذري باقاعدي سرد جنگ جي مرحلي ۾ داّخل ٿي تہ اها باقاعدي طور ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. پھرين بمبئي ۽ پوء لاهور جي انجمن جي ڪانفرنسن ۾ ان ڳالھہ کي ورجايو ويو تہ رڳو ڪميونسٽ نظرئي جا ليکڪ ئي انجمن لاء قابل قبول آهن. ان بنياد تي منٽو کي رد ڪيو ويو، جنھن جو چوڻ هو تہ کيس رجعت پسند ترقي پسند چون ٿا ۽ ترقي پسند رجعت پسند چون ٿا. احمد نديم قاسمي، جيڪو انجمن جو سيڪريٽري جنرل بہ رهيو، پنھنجي رسالي نقوش لاء منٽو کان ڪھاڻي گهري. پر ڪجهہ وقت کانپوء اهو چئي هن اها واپس ڪري ڇڏي تہ انجمن پاران اهڙن ليکڪن جي لکڻين ڇاپڻ تي پابندي وڌي ويئي آهي، جيڪي سوشلسٽ ناهن. ساڳي وقت پاڪستان ٽائمز جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ فيض منٽو جي افساني ٺنڍا گوشت جي حوالي سان جيتوڻيڪ ان جي فحاشي واري الزام جي پريس ڪائونسل ۽ پوء عدالت ۾ حمايت نہ ڪئي، پر ان لاء چيو تہ ادبي لحاظ کان اها هڪ ڪمزور تخليق آهي ۽ ان تي ادبي لحاظ کان تنقيد ٿي سگهي ٿي. اهڙي ريت سندس موقف مبھم ۽ منٽوکي رجعت پسندن جي مقابلي ۾ مڪمل حمايت ڏيڻ وارو نہ هو.
ماڻڪ جي آپگهات وارو معاملو لاڳيتو بحث هيٺ رهندو آيو آهي. هڪ مضبوط رايو اهو آهي تہ وجودي نظريو سندس آپگهات جو مک ڪارڻ آهي. ڪانفرنس ۾ ان حوالي سان ماڻڪ جي بيروزگاري ۽ سندس معاشي ۽ خانداني مسئلا بحث هيٺ آيا، جيڪي سندس آپگهات جو هڪ اهم ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ساڳي وقت خاص طور سنڌ جي شھرن ۾ سنڌ جي وچولي طبقي جي نوجوانن کي جيڪي نفسياتي، معاشي ۽ سماجي مسئلا درپيش هئا، اهي بہ هڪ حساس ليکڪ لاء ان جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. منھنجو رايو اهو آهي تہ جيئن ساره شگفتہ جا ذاتي ۽ خانداني مسئلا سندس آپگهات جو ڪارڻ هئا، اهڙي ريت ماڻڪ جا پڻ آپگهات لاء ڪارڻ سندس ذاتي، نفسياتي ۽ معاشي مسئلا هئا. جيڪڏهين وجودي نظريو آپگهات جو ڪارڻ هجي ها تہ ان جا ٽي وڏا وڪيل ليکڪ البرٽ ڪاميو، سارتري ۽ ڪافڪا آپگهات ڪن ها. بھرحال ماڻڪ جي زندگي ۽ تخليق تي اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جيتوڻيڪ مون کي شھر ۾ رهڻ ۽ گهمڻ جو گهڻو موقعو نہ مليو پر منھنجو فوري تاثر اهو هو تہ نوابشاه کي شھري سھولتن جي حوالي سان سنڌ جي بھتر شھرن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
