اميد جو قتل
بينظيرڀٽو جي شھادت هڪ اهم واقعو هو جنھن سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ کي متاثر ڪيو هو. عبدالواحد آريسر جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين ۽ سنڌ جو هڪ اهم دانشور ۽ ليکڪ آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ڀٽوز سان اختلافن جي باوجود سندس ڪتاب ”اميد جو قتل“ بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ سياست جي مختلف پاسن جي حوالي سان هڪ متوازن ڪتاب آهي.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هو جڏهين اٺ سالن کانپوءِ پاڪستان موٽي تہ جيتوڻيڪ سندس لھجو حاڪمن سان ٺاه وارو هو پر هو گهڻو بدليل هئي. ان جو ثبوت اهو آهي تہ هن سميع ﷲ ڪلھوڙي جي قتل جي مذمت ڪئي، جيڪا پيپلزپارٽي جي ڪنھن اڳواڻ لاء ڪنھن قوم پرست اڳواڻ جي حوالي سان هڪ غيرمعمولي ڳالھہ هئي. ساڳي ريت هن جسقم جي باندي اڳواڻ صفدر سرڪي ۽ اختر مينگل لاء همدردي وارا بيان ڏنا. جيتوڻيڪ شروع ۾ سندس استقبال گولين ۽ سندس ڪارڪنن جي لاشن سان ٿيو پوء بہ هن چيو تہ آئون پنھنجي ماڻھن سان ملڻ چاهيان ٿي ۽ سنجها ويلي لاڙڪاڻي جي سارين جي خوشبو سنگهڻ چاهيان ٿي. اها خوشبو سنگهڻ کان اڳ ئي هو سندس انتظار ۾ ويٺل قاتل جي گولي جو نشانو بڻجي ويئي.
جڏهين جي ايم سيد جناح اسپتال ۾ داخل هو تہ گهڻا سياسي اڳواڻ سندس عيادت لاء آيا هئا پر بينظير ڀٽو نہ آئي هئي، بلڪ هن سندس وفات تي اهو بيان ڏنو هو تہ هاڻي سنڌوديش جو نظريو دفن ٿي ويو. جي ايم سيد جي وفات کانپوء جيئي سنڌ جي ڪارڪنن گڏجي جسقم ٺاهي هئي. ان سلسلي ۾ آريسر ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌ جو دورو ڪيو هو. ان وقت نوازشريف بينظير حڪومت خلاف تحريڪ نجات جي تياري ڪري رهيو هو. سکر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران انھن ٻنھي کان ڪنھن صحافي سوال ڪيو تہ جيڪڏهين نوازشريف سنڌ جا معدني وسيلا سنڌ جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪري ٿو تہ ڇا پوء اوهان سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيندو تہ ان جو جواب انھن هاڪار ۾ ڏنو هو. ٻئي ڏينھن اخبارن مين هيڊنگ ڏني تہ آريسر ۽ نيازڪالاڻي نوازشريف جي تحريڪ نجات جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. بينظير کي شايد جيئي سنڌ جي اسٽريٽ پاور جو اندازو هو ان ڪري هن ٻئي ڏينھن اعلان ڪيو تہ سيد جي عذرخواهي لاء سن ويندي. کيس اها خبر هئي تہ ڪنھن سنڌي کي ڪنھن جي خلاف ڪيڏي بہ ڪاوڙ هجي پر جڏهين ڪا نياڻي غم ۾ شريڪ ٿيڻ لاء سندن تڏي تي ويندي آهي تہ هو اها ڪاوڙ وساري ڇڏيندا آهن.
ان گڏجاڻي ۾ هو پنھنجي ماء نصرت ڀٽو سان گڏجي آئي هئي. جي ايم سيد ۽ ڀٽو خاندان جا مثبت ۽ خوشگوار ناتا رهيا آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين ساڄي ڌر جي جماعتن پاران ڀٽو خلاف اها پروپئگنڊا ڪئي پيئي ويئي تہ هو مسلمان ناهي ۽ سندس طھر ٿيل ناهن تہ سيد ليکڪ ۽ تاج جوئي کي چيو تہ ڪتابن جي الماري ۾ شاهنواز ڀٽو پاران ذوالفقار جي طھرن جي دعوت جو موڪليل ڪارڊ پيو آهي، اهو کڻي پريس کي جاري ڪيو. پر هو ائين نہ ڪري سگهيا. اتي امير حيدرشاه ويٺلن جو تعارف ڪرائيندي آريسر لاء چيو تہ هي جي ايم سيد جو سياسي جانشين آهي. اتي بينظير آريسر کي چيو تہ پاڻ وري ملنداسين. جيتوڻيڪ وري ملاقات تہ ٿي پر هڪ تہ جڏهين شاه سچل سامي سيمينار جي موقعي تي کيس ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو تہ ان وقت بينظير جي حڪومت هئي ۽ سندس مداخلت تي کيس وڃڻ ڏنو ويو. ٻي ڳالھہ تہ سندس حڪومت جي دور ۾ کيس گرفتار نہ ڪيو ويو جڏهين تہ ان کانپوء کيس گهڻيون تڪليفون ۽ صعوبتون سھڻيون پيون.
آريسر نصرت ڀٽو جو نھايت پيار ۽ محبت سان ذڪر ڪري ٿو. جي ايم سيد جڏهين ساڻس ڀٽو جي تعزيت ڪرڻ لاء المرتضيٰ ويو تہ هن کيس چيو هو تہ شاه صاحب هتي بنگلي ۾ سرڪار جا ماڻھو موجود آهن، جيڪي سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي سمجهن ٿا، ان ڪري بھتر اهو آهي تہ پاڻ فارسي ۾ ڳالھايون جيڪا اهي سمجهي نہ سگهن ۽ پوء انھن فارسي ۾ ڳالھہ ٻولھہ ڪئي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين مرتضيٰ ڀٽو لاڙڪاڻي مان صوبائي اسمبلي جي چونڊ وڙهي رهيو هو تہ نصرت ڀٽو ان ۾ مدد ڪرڻ لاء جيئي سنڌ جي ڪارڪنن سان رابطو ڪيو هو.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ بينظير ذوالفقار علي ڀٽو جي اجهو اٽو ۽ لٽو جي بدران نئين سماجي معاهدي جو نعرو ڏنو پر هن ان جي وضاحت نہ ڪئي تہ ان مان سندس مراد ڇا هئي. ماڻھو بينظير سان ڇو پيار ڪن ٿا، ان جو ڪارڻ ڄاڻائيندي هو ٻڌائي ٿو تہ ان ڳالھہ جي باوجود تہ هن ماڻھن جي مادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاء گهڻو ڪجهہ نہ ڪيو، پر هو جڏهين ماڻھن وٽ ويندي هئي تہ انھن جهڙي ٿي ويندي هئي. هو کين چوندي هئي تہ آئون اوهان جي ڀيڻ آهيان ۽ اوهان جي ڌي آهيان. هو جڏهين نوابشاه ويئي تہ اتي خطاب ڪندي چيائين تہ آئون اوهان جي ننھن آهيان. عام ماڻھو پيار ۽ پنھنجائپ جو بکيو آهي ۽ جيڪڏهين ڪو ساڻن اهڙو ورتاء ڪري ٿو تہ ان جي لاء سڀڪجهہ ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا ۽ بينظير ۾ اها ڳالھہ هئي.
آئون سمجهان ٿو تہ اهو آريسر جو هڪ اهم ڪتاب آهي جيڪو سنڌ ۾ مختلف سياسي ڪارڪنن ۽ ڌرين کي ويجهي آڻڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو.
