ڪراچي، سنڌي ادب ۽ ثقافت
ورهاڱي کانپوء اهو منظرنامو ڪنھن حد تائين تبديل ٿي ويو. ڪراچي هڪ سنڌي گهڻائي وارو شھر نہ رهيو. گهڻيون سنڌي اخبارون وغيرہ بند ٿي ويون. حشو، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ گوبند مالھي وغيرہ کي هتان زوري لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جڏهين تہ سوڀو گهڻي دٻاء ۽ قيد جي باوجود بہ هتان لڏڻ تي تيار نہ ٿيو. سوائي هڪ اڌ جي سنڌي اخبارن جي اشاعت ڪراچي مان بند ٿي ويئي. سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ پڻ ماٺار اچي ويئي.
ڪراچي کي پھرين وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جو گڏيل گادي جو هنڌ ڪيو ويو پر پوء ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ان کي وفاق جي حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي گادي جو هنڌ حيدرآباد منتقل ٿي ويو. ڪجهہ عرصي کانپوء ون يونٽ ذريعي سنڌ جو وجود ئي ختم ٿي ويو. ان وقت هتي شھر ۾ تنويرعباسي، رشيد ڀٽي، اياز ۽ ابراهيم جويو جھڙا ليکڪ رهيل هئا. انھن جي لکڻين ۽ ياد گيرين مان اها خبر پئي ٿي تہ انھن پنھنجي ليکي پنھنجي لکڻين، مظاهرن ۽ مختلف سياسي جماعتن جي پليٽ فارم تان وال چاڪنگ ۽ ٻين مختلف ذريعن سان انھن قدمن جي مخالفت ڪئي. پر ڪجهہ عرصي کانپوء انھن مان گهڻا پنھنجن پنھنجن شھرن ڏانھن هليا ويا ۽ سنڌي اديبن جو خاص طور ادبي ۽ سياسي مرڪز ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿي ويو. سائين اياز قادري جھڙا ڪجهہ اديب شھر ۾ رهجي ويا جيڪي ادبي ۽ تدريسي سرگرمين ۾ مصروف هوندا هئا. اهي ماڻھو شھر جي سنڌي نوجوانن لاء هڪ اتساه هوندا هئا ۽ انھن کي لطيف ڊي ۽ ٻين پروگرامن ۾ عزت ڏيئي گهرايو ويندو هو. دراصل انھن پروگرامن وغيرہ ڪرڻ جو مقصد اهو ئي هوندو هو تہ شھر ۾ پنھنجي موجودگي ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکيو وڃي.
هتي ڪراچي ۾ جيڪي مقامي ادبي تنظيمون ۽ شخص هئا انھن ادبي سرگرمي تہ ڪئي ٿي پر ٻولي وغيرہ جي تحريڪ جي حوالي سان گهڻو سرگرم نہ هئا. ان حوالي سان ڪراچي جي سنڌي شاگردن جو هڪ ڪردار آهي جن سختين باوجود ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي پروگرامن کي وقت ڏيڻ لاء مظاهرا ۽ جلسا وغيرہ ڪيا.
ٻولي ادب ۽ ثقافت لاء سياسي حالتون هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالھہ سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي حوالي سان ڪري سگهجي ٿي. ڪراچي جيڪو سنڌي ماڻھن ۽ خاص طور ليکڪن لاء هڪ اوپرو شھر بڻجي ويو هو، اتي ون يونٽ جي ختم ٿيڻ ۽ ڪراچي جي هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي گادي جي هنڌ ٿيڻ سان ٻولي ۽ ادب وغيرہ ۾ مثبت تبديلين جو عمل شروع ٿيو. سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت متعلق عالمي سطح جا سيمينار منعقد ڪيا ويا. قديم آثارن ۽ خاص طور موئن جو دڙو جي تحفظ جي حوالي سان مختلف قدم کنيا ويا. سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي اجراء جو عمل شروع ٿيو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ مختلف سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن جي سھڪار سان ڪجهہ دوستن ٻن ڏينھن جي سنڌي اخبارن جي نمائش جو انعقاد ڪيو تہ جيئن شاگردن کي اها ڄاڻ ملي تہ سنڌي صحافت جي پنھنجي هڪ تاريخ ۽ معيار آهي. سنڌي نوجوانن ۽ ليکڪن جي شھر سان اوپرائپ ختم ٿيڻ شروع ٿي. هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌي ادبي سنگت سرگرم ٿي. خاص طور هلال پاڪستان جو ڪراچي مان جاري ٿيڻ ڄڻ شھر ۾ سنڌي صحافت جو Revival هو. ان خاص طور هتان جي مقامي سنڌين، جيڪي اڳ ڄڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت وغيرہ کان ويڳاڻا هئا کي باقي سنڌ سان ڳنڍي ڇڏيو.
هن وقت خاص طور ادب ۽ ثقافت جي لحاظ کان سنڌي ماڻھن لاء ڪراچي هڪ اوپرو شھر ناهي.
