باچا خان جي آتم ڪٿا
منھنجي پنھنجي تجربي ۾ اها ڳالھہ آهي تہ پٺاڻ پنھنجي ٻولي متعلق گهڻو حساس آهي. نوڪري دوران پنھنجي ڪم جي سلسلي ۾ پشاور گهڻو وڃڻ ٿيندو هو. اتي منھنجي هڪ واقف هڪ ڀيري مون کي چيو تہ اوهان اڪثر پشاور اچو ٿا، پوء اوهان پشتو ڇو نہ سکي آهي. اهڙي ريت غفارخان جڏهين خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ هجرت ڪري افغانستان ويو تہ ان وقت اتي امان ﷲ خان جي حڪومت هئي، جيڪو پاڻ کي پشتونن جو انقلابي بادشاه چوندو هو. هڪ ملاقات ۾ غفار خان کيس چيو تہ پشتو افغانستان جي قومي ٻولي آهي، پوء اوهان کي اها ڇو نہ ٿي اچي. سندس چوڻ آهي تہ ان کان ٽن مھينن کانپوء امان ﷲ پشتو سکي ورتي. ساڳي وقت هو ان ڳالھہ جي پڻ وڪالت ڪري ٿو تہ احمد شاه ابدالي جي چوڻ موجب جهلم دريا کان آمو دريا تائين جيڪي بہ ماڻھو رهن ٿا پوء ڀلي اهي ڪھڙي بہ ٻولي ڳالھائين ٿا، سڀ ائين پٺاڻ آهن جيئن آمريڪا ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالھائينڙ سڀ آمريڪي آهن.
هن پنھنجن ساٿين سان گڏجي 1929 ۾ خدائي خدمتگار تنظيم جو بنياد وڌو. ان تنظيم جو هڪ مقصد صوبي جي مختلف علائقن ۾ تعليمي ادارا قائم ڪري تعليم کي ڦھلائڻ هو. عدم تشدد ان جو بنيادي اصول هو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ پٺاڻن ۾ قبائلي جهيڙن ۽ ذاتي دشمني جي ڪري گهڻي رتوڇاڻ ٿيندي هئي. ان تنظيم جي هر رڪن کي اهو حلف کڻڻو پوندو هو تہ هو ذاتي دشمني وغيرہ جي ڪري ڪوبہ بدلي وٺڻ وارو ڪم نہ ڪندو ۽ هٿيارن کان پري رهندو. اها رڳو سياسي نہ پر هڪ ثقافتي ۽ اقتصادي تحريڪ پڻ هئي جنھن جو مقصد ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ هو.
باچا خان جو چوڻ آهي تہ پٺاڻ هڪ شاهوڪار تھذيب جا وارث آهن. آريا هتان ئي ٻين ملڪن ڏانھن ويا ۽ انھن مان هتي رڳو پٺاڻ ۽ بلوچ رهجي ويا. هو مذهب جي حوالي سان ڪو فرق نہ ڪندو هو. سندس چوڻ هو تہ سڀ مذهب سچائي ۽ انسان ذات جي ڀلائي جي واٽ جو ڏس ڏين ٿا. هن قرآن ۽ گيتا جو تفصيلي مطالعو ڪيو هو. جيل ۾ هوندي پنھنجن سک ساٿين کان گرنٿ بہ ٻڌو هو. جيئن تہ پٺاڻ اسلام جي هت اچڻ کان اڳ ٻڌ مت جا پوئلڳ هئا، ان ڪري هو ان مذهب جي ڪتابن جو مطالعو پڻ ڪرڻ چاهيو ٿي پرکيس اهي ملي نہ سگهيا. ساڳي ريت سندس چوڻ آهي تہ زرتشت هڪ پٺاڻ پيغمبر هو، جنھن جو واسطو افغانستان جي شھر بلخ سان هو. پر ان مذهب متعلق کيس ڪي ڪتاب ملي ناهن سگهيا.
غفارخان خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ هجرت ڪري افغانستان بہ ويو جتي امان ﷲ خان جي حڪومت هئي، جنھن مھاجرن جي گهڻي سارسنڀال لڌي. پر انھن مھاجرن ۾ انگريز جا ايجنٽ هئا جيڪي ان تحريڪ کي نقصان پھچائڻ لاء پروپئگنڊا ڪندا رهندا هئا.
ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاء هڪ تہ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ ٻيو مختلف علائقن جا دورا ڪرڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ سندس ڪو سياسي ايجنڊا ۽ گهرون نہ هيون پر اها ڳالھہ انگريز سرڪار کي پسند نہ هئي ۽ عام ماڻھن ۾ شعور آڻڻ جي انھن ڪوششن کي انھن پنھنجي لاء خطرو سمجهيو ٿي. هن جيل مان پنھنجي صوبي جي مسئلن جي حل لاء پھرين پنھنجن ساٿين کي مسلم ليگ سان رابطوڪرڻ لاء چيو پر ان جي اڳواڻن پاران ڪا مثبت موٽ نہ ملڻ جي ڪري ڪانگريس سان رابطو ڪيو ويو، جن مدد ڪرڻ لاء ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جي شرط رکي ۽ اهڙي ريت هو ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويو ۽ اڳتي هلي ان جي ورڪنگ ڪاميٽي جو رڪن ٿيو.
صوبي جي انگريز آفيسر پاران سندس پي ذريعي کيس چيو ويو تہ هو هڪ تہ تعليم لاء ڪوششون نہ ڪري ۽ ٻيو مختلف علائقن جا دورا ڪري ماڻھن سان ملاقاتون نہ ڪري. پر هن پنھنجي پيءُ کي چيو تہ علم جو حصول تہ هڪ مذهبي فرض آهي ۽ هو انگريز جي چوڻ تي ان کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهي. ساڳي ريت جيل ۾ هوندي کيس آڇ ڪئي ويئي تہ هو تعليم لاء ڀلي ڪوششون ڪري، پر رڳو دورا ڪرڻ بند ڪري تہ کيس آزاد ڪيو ويندو پر هن ان ڳالھہ کي قبول نہ ڪيو.
خدائي خدمتگار پنھنجي ڪم جي ڪري سرحد صوبي جي هڪ مقبول تنظيم هئي. 1945 جي چونڊن ۾ اها مسلم ليگ جي ڪوششن ۽ مذهبي ڪارڊ جي استعمال جي باوجود صوبي جي هڪ اڪثريتي جماعت طور سامھون آئي. پر گورنر صاحبزادہ عبدالقيوم کي ڪجهہ آزاد سک ۽ عيسائي ميمبرن جي مدد سان حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني، جيڪا گهڻو عرصو نہ هلي سگهي ۽ پو۽ ڊاڪٽر خان صاحب ڪانگريس ۽ خدائي خدمتگار جي مدد سان اتي حڪومت قائم ڪئي.
غفارخان جو چوڻ آهي تہ ڪانگريس هندوستان جي ورهاست جي حمايت ڪئي. ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽي ۾ رڳو مھاتما گانڌي ۽ هن پاڻ ان ڳالھہ جي مخالفت ڪئي. ڪانگريس سان سندس ٻيو اختلاف اهو هو تہ ان سرحد صوبي ۾ ريفرينڊم جي حمايت ڪئي هئي، جڏهين تہ ٻين سڀني صوبن ۾ پاڪستان يا هندوستان ۾ شامل ٿيڻ جو آپشن 1945 جي چونڊن ۾ قائم ٿيل صوبائي اسمبلين کي ڏنو ويو هو. خدائي خدمتگار پاران اها گهر ڪئي ويئي تہ جيڪڏهين ريفرينڊم ڪرائڻو آهي تہ اهو بجائي پاڪستان ۽ هندوستان جي پاڪستان ۽ پشتونستان تي ڪرايو وڃي، پر ان ڳالھہ کي انگريز سرڪار پاران نہ مڃيو ويو ۽ نتيجي ۾ انھن ريفرينڊم جو بائيڪاٽ ڪيو.
ليکڪ پندرنھن سال انگريز سرڪار ۽ پندرنھن سال پاڪستان حڪومت جي جيل ۾ رهڻ کانپوء 1964 ۾ پھرين لندن ۽ پوء افغانستان هليو ويو.
