شانتي نڪيتن ۽ ٽيگور
امرتا سين شانتي نڪيتن ۾ 1941 کان 1951 تائين ڏه سال رهيو. هو جڏهين هتي آيو تہ ٽيگور جي وفات ٿي چڪي هئي. هو هتان جي تعليمي نظام جي خاص ڳالھہ اها ٻڌائي ٿو تہ اتي ٻارن کي ڪلاس روم ۾ نہ پر ٻاهر کلي ماحول ۾ ڪنھن وڻ جي هيٺان پڙهايو ويندو هو. موسم خراب هئڻ ۽ مينھن وغيرہ جي صورت ۾ انھن کي اندر ڪمرن ۾ منتقل ڪيو ويندو هو. ٻار فرش تي ويھندا هئا ۽ استاد انھن جي آڏو سيميٽ جي ٺھيل دڪي تي ويھندو هو. ٻي خاص ڳالھہ اها هئي تہ ٻار کي مار ڏيڻ ۽ جسماني تشدد ڪرڻ جي سختي سان منع ٿيل هئي. ان ڳالھہ کي ڏٺو ويندو هو تہ ٻار جو ڪھڙي مضمون ڏانھن لاڙو آهي تہ ان ۾ ان کي اڳتي وڌايو ويندو هو. هروڀرو ڪنھن مضمون کي پڙهڻ لاء زور زبردستي نہ ڪئي ويندي هئي. ليکڪ کي موسيقي ٻڌڻ جو گهڻو شوق هوندو هو پر ڳائڻ وغيرہ ۾ سندس گهڻي دلچسپي نہ هوندي هئي. سندس موسيقي جي استاد جو اهو اصرار هو تہ ماڻھو جيڪڏهين ڪوشش ڪري تہ ڳائي سگهي ٿو، پر هو ڪوشش جي باوجود ان ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو ۽ نيٺ استاد کيس موسيقي جي ڪلاس کان مھلت ڏيئي ڇڏي. هتي نھايت قابل ۽ باصلاحيت استاد هوندا هئا، پر سندن پگهار نھايت گهٽ هوندي هئي. هتان جو بنيادي اصول آزادي سان عقل جو استعمال هو. شاگردن تي پنھنجن خيالن جي اظھار ۽ بحث مباحثي تي ڪا پابندي نہ هئي. هتي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٽيگور مختلف مذهبي ۽ دنيوي معاملن تي ليڪچر ڏيندو هو. ٽيگور جي وفات کانپوء اهو ڪم سندس دوست ۽ ليکڪ جو نانو ڪشتي موئن ڪندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جيئن کيس مذهب سان گهڻي دلچسپي نہ هئي، ان ڪري هن ڪشتي موئن کي چيو تہ هو انھن ليڪچرن ۾ نہ ايندو، جنھن تي هن ڪنھن ناراضگي جو اظھار نہ ڪيو. شانتي نڪيتن کي ان لحاظ کان آشرم بہ چيو ويندو هو تہ اڳ مندرن سان گڏ جيڪي آشرم هوندا هئا، اتي اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي جيڪا آهستي آهستي ختم ٿيندي ويئي.
آزادي عقل سان گڏ شانتي نڪيتن جي تعليمي نظام جو بنيادي اصول هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هو شروع ۾ سڌارٿ ٻڌ کان گهڻو متاثر هو ۽ هن پاڻ کي ٻڌ مت جو پوئلڳ چوڻ شروع ڪيو هو جيتوڻيڪ کيس ان مذهب متعلق گهڻي ڄاڻ نہ هئي ۽ نہ ئي هو جتي رهندو هو، اتي ميلن تائين ڪو ٻڌمت جو پوئلڳ رهندو هو. پر اسڪول پاران کيس هڪ بدہسٽ طور رجسٽرڊ نہ ڪيو ويو. سندس ليکي ٻڌازم ڪو مذهب نہ پر هڪ فلسفو آهي، جنھن ۾ حضرت عيسيٰ جي تعليم جيان زندگي گذارڻ جا اصول ٻڌايا ويا آهن. ساڳي وقت انھن جي تعليم روسو ۽ جديد دور جي ٻين فلاسافرن جيان سماجي معاهدي جي نظرئي تي ٻڌل ناهي، جنھن ۾ ٻنھي فريقن پاران ڏي وٺ ٿئي ٿي. اهو غيرمشروط هوندو آهي بلڪل ائين جڏهين ماء پنھنجي ٻار کي کير پيئاري ٿي يا ان جي سارسنڀال لھي ٿي تہ موٽ ۾ ان کي ڪنھن اجوري وغيرہ جي توقع نہ ٿي هجي. ليکڪ موڪلن ۾ ٻين شاگردن سان گڏ ڀرپاسي جي قبائلي ماڻھن کي تعليم ڏيڻ لاء پڻ ويندو هو.
ليکڪ ٻين شاگردن ۽ استادن سان گڏ بھار ۾ پاٽلي پترا، جيڪو گپتا ۽ موريا سلطنتن جي گادي جو هنڌ رهيو آهي، جي ويجهو نالندا يونيورسٽي ڏسڻ لاء پڻ ويو هو. اها يونيورسٽي ٻڌ مت ۽ ٻين دنيوي علمن جي تعليم جو هڪ وڏو مرڪز هئي. هتي ڀارت ۽ دنيا جي ٻين گهڻن ملڪن کان آيل اٽڪل ڏه هزار شاگرد پڙهندا هئا. چين جا ماڻھو سوائي هتي اچڻ جي تعليم لاء دنيا جي ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ نہ ويندا هئا. شاهراه ريشم جي لاء جيڪو چيو وڃي ٿو تہ ان سان واپار کي ترقي ملي ۽ مختلف ملڪن جا ماڻھو هڪ ٻئي جي ويجهو آيا پر ساڳي وقت اها شاهراه علم جي پانديئڙن لاء نالندا يونيورستي تائين پھچڻ جو هڪ ذريعو پڻ هئي. اها يونيورسٽي پنجين صدي عيسوي ۾ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج کان بہ پنج ڇه سو سال اڳ قائم ٿي. مختلف وقتن تي ٽي ڀيرا ان يونيورسٽي کي تباه ڪيو ويو، آخري حملو ترڪ حملي آور بختيار خلجي ٻارنھين صدي عيسوي ۾ ڪيو جنھن ۾ يونيورسٽي جو نالو نشان ختم ٿي ويو. چون ٿا تہ عمارت کي ڏنل باه اتڪل ٽي مھينا ٻرندي رهي ۽ هتان جي لائبريري ۾ کجور جي پتن تي لکيل هزارين ڪتاب سڙي رک ٿي ويا. هڪ خيال اهو آهي تہ ان کي باه ڏيڻ جو مقصد اهو هو تہ ٻڌ مت جون تعليمات جيئن تہ اسلام جي خلاف آهن ان ڪري انھن کي ٻنجو ڏنو وڃي، جڏهين تہ ٻيو خيال اهو بہ آهي تہ خلجي ان جي تعمير وغيرہ کي ڏسندي ان کي مندر وغيرہ سمجهيو هو ۽ سندس ليکي هتي خزانو وغيرہ هوندو. جيتوڻيڪ کوٽائي مان يونيورسٽي جي حوالي سان گهڻين شين جھڙوڪ ليڪچر هال، آڊيٽوريم ۽ هاسٽل وغيرہ جي خبر پيئي آهي، پر گهڻين شين جو ظاهر ٿيڻ اڃا باقي آهي. ان ڪم جي اڳتي وڌڻ ۾ موجودہ بي جي پي جي حڪومت سان مسئلو اهو آهي تہ اهي ٻڌ مت جا آثار آهن، جيڪي نظرياتي طور ان جي هندوتا جي فلسفي سان ٺھڪي نہ ٿا اچن.
شانتي نڪيتن جي تعليم جي ٻولي بنگالي هئي. ليکڪ جي پسند جا مضمون سسنسڪرت ۽ ميٿميٽڪس هئا. انگريزي ڏانھن سندس گهڻي توجھہ نہ هئي. ڊاڪا جي سينٽ گريگوري مشنيري اسڪول ۾ بہ سندس ڪارڪردگي ڪا چڱي نہ هئي. شانتي نڪيتن کانپوء کيس ڪلڪتي جي پريزيڊينسي ڪاليج وڃڻو هو، جتي کيس انھن ٻنھي مضمونن ۾ مھارت حاصل ڪرڻي هئي. سندس چوڻ آهي تہ شاگردن کي ڪنھن هڪ ڪلاسيڪي ٻولي جھڙوڪ سنسڪرت، لاطيني، يوناني ۽ قديم عربي وغيرہ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ گهرجي، پر ڀارت ۾ ان حوالي سان رڳو سنسڪرت کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. سنسڪرت رڳو اهڙي ٻولي ناهي، جنھن ۾ مذهبي لٽريچر هجي پر ان ۾ فلسفو ۽ ٻيون گهڻيون شيون آهن. مذهب سان گڏوگڏ ان ۾ غير مذهبي خيال بہ ملن ٿا. ويد ۽ مھاڀارت سان گڏوگڏ گهڻو ٻڌ لٽريچر پالي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ ملي ٿو. هو شروع کان شين کي عقل ۽ منطق وسيلي ڏسڻ ڏانھن مائل رهيو آهي. ميٿميٽڪس پنھنجي فلسفي، فارمولن ۽ ٿيوريم وغيرہ ذريعي سندس ان سوچ کي وڌيڪ قوت ٿي ڏني.
ٽيگور شانتي نڪيتن جي فنڊنگ لاء ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڊرامن ۽ ڊانس وغيرہ جا پروگرام ڪندو هو ۽ ايستائين تہ انھن ۾ پاڻ بہ حصو وٺندو هو ۽ ڊانس ڪندو هو. 1913 ۾ اداري جي ڪنھن رٿا جي حوالي سان فنڊنگ وغيرہ جي مسئلي تي گڏجاڻي هلي رهي هئي. ان گڏجاڻي هلندي کيس نوبل ايوارڊ ملڻ متعلق ٻڌايو ويو تہ هن اتي ويٺل همراهن کي چيو تہ بس رقم جو بندوبست ٿي ويو ۽ نوبل ايوارڊ جي اها ملندڙ رقم ان رٿا تي خرچ ٿيندي.
شانتي نڪيتن ۾ گهڻا وڏا اڳواڻ ۽ عالم ايندا هئا ۽ شاگردن کي ليڪچر ڏيندا هئا. ان سلسلي ۾ هن چيانگ ڪائي شيڪ جو ذڪر ڪيو آهي. هن چيني ٻولي ۾ ڳالھايو پر ان جي ترجمي جو ڪو بندوبست نہ هو جنھن جي ڪري تقرير ۾ ماڻھن جي دلچسپي نہ رهي ۽ ان دوران ئي اتي ويٺل پنھنجين ڳالھين ۾ لڳي ويا. پوء کين ان ڳالھہ جو احساس ٿيو. ميڊم چيانگ ڪائي شيڪ هڪ رک رکاء واري عورت هئي ۽ کيس چڱي انگريزي ايندي هئي. مھاتما گانڌي بہ اتي آيو هو، هن پنھنجي تقرير ۾ چيو تہ جڏهين تہ موسيقي زندگي ۾ ئي شامل آهي تہ پوء ان کي ڌار مضمون طور پڙهائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. گانڌي سان ٽيگور جا ٻيا بہ گهڻا اختلاف رهيا. 1934 ۾ جڏهين ليکڪ اڃا سال کن جو مس هو تہ بھار ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو هو جنھن جا اثر ويجهڙائي ڪري شانتي نڪيتن ۾ بہ محسوس ڪيا ويا. ان زلزلي ۾ اٽڪل ٽيه هزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ ٻيو گهڻو نقصان ٿيو هو. ان تي گانڌي جو اهو موقف هو تہ اهو ڀارت ۾ اڇوتن سان ورتاء جي ڪري قدرت پاران سزا آهي. ٽيگور ان تي پنھنجو ردعمل ڏيندي گانڌي کي لکيو تہ اوهان انھن آفتن جي سائنسي توجيه جي بجائي ان کي اخلاقي نموني سان ڏسڻ جي ڪوشش نہ ڪيو. ساڳي ريت هو گانڌي جي ان موقف سان بہ متفق نہ هو تہ هرڪنھن کي روز اڌ ڪلاڪ چرخو هلائڻ گهرجي، جنھن سان ماڻھو جي ذهني صلاحيت وڌي ٿي. سندس چوڻ هو تہ هڪ طرح سان چرخي جي هلڻ سان ڪھڙي ذهني صلاحيت وڌندي ۽ ٻي ڳالھہ تہ جڏهين تيزرفتار مشينون موجود آهن تہ پوء چرخي تي ڇو ڀاڙيو وڇي. ٽيگور جو گانڌي سان اختلاف جو هڪ ڪارڻ اهو بہ هو تہ هو قوم پرستي جو مخالف هو جنھن جو اظھار سندس ناولThe Home and the World ۾ بہ ملي ٿو. هن 1930 هربرٽ ليڪچر ۾ اهو اظھار ڪيو هو تہ سندس شخصيت جي ٺھڻ ۽ سڃاڻپ ۾ ٽن ثقافتن انگريز، اسلام ۽ هندوازم جو ڪردار آهي. ٽيگور سوويت يونين بہ ويو هو. هو اتان جي معاشي مساوات کان گهڻو متاثر ٿيو هو، پر ساڳي وقت هن ان ڳالھہ کي پسند نہ ٿي ڪيو تہ اتي اظھار رائي جي آزادي نہ هئي ۽ مخالف رائي کي پسند نہ ٿي ڪيو ويو. هن اهڙو اظھار سوويت نيوز ايجنسي ازويستا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ بہ ڪيو. پر اهو انٽوويو سندس سوويت يونين کان موٽڻ کان پوء بہ نہ ڇپجي سگهيو. هن جڏهين ان متعلق معلومات ڪئي تہ کيس ڪو تسلي بخش جواب نہ ملي سگهيو. اهو انٽرويو گهڻي عرصي کانپوء ان وقت ڇپيو جڏهين گورباچيف جي دور ۾ سوويت يونين ۾ پابنديون ختم ٿيون.
ڇا ٽيگور جو گانڌي سان اختلاف رڳو شين کي مذهبي حوالي سان ڏسڻ سان هو ۽ ٽيگور پاڻ ان کي عقلي ۽ سائنسي لحاظ کان ڏسندو هو. ائين نہ هو. اولھہ ۾ ٽيگور جو جيڪو تاثر ٺاهيو ويو اهو هڪ صوفي جو هو ۽ هن پاڻ ليکڪ جي ناني ڪشتي موئن کي چيو هو تہ اها ڳالھہ هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي ۽ ان کان پوئتي هٽڻ ڏکيو آهي. برٽينڊ رسل جو سندس متعلق چوڻ هو تہ هو مذهب وغيرہ جي حوالي سان پنھنجي خيالن جي اظھار ۾ مبھم آهي ۽ انھن جو واضح طور اظھار نہ ٿو ڪري. A Passage to India جو ليکڪ اي ايم فوسٽر ٽيگور جي انگريزي مان مطمئن نہ هو سندس چوڻ هو تہ هو پنھنجي انگريزي نثر ۾ تجربا ڪندو رهندو آهي. ان کي هو بابو انگريزي جو نالو ڏئي ٿو.
بھرحال ٽيگور شانتي نڪيتن ۾ وشوا ڀارتي قائم ڪري هڪ متبادل تعليمي نطام جو نمونو ڏنو هو، جنھن کي حڪومتي سطح تي سرپرستي ملي ها ۽ ان کي اختيار ڪيو وڃي ها تہ گهڻا مثبت نتيجا سامھون اچن ها.
