اشرافيا ۽ پنجابي ٻولي
اهو مسئلو خاص طور پنجاب جي مسلمانن سان لاڳو ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ سکن ڪڏهين بہ پنھنجي ٻولي ۽ ان جي رسم الخط تان هٿ ناهي کنيو. مسلمانن مذهبي بنيادن تي نہ رڳو ان رسم الخط کي قبول نہ ڪيو پر ماڳيئي پنھنجي ٻولي تان ئي هٿ کڻي ويا. انگريزن پاران ان ورهاست کي اهڙي ريت هڪ ادارتي شڪل ڏني ويئي تہ بجائي پنجابي کي صوبي جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي ۽ ان جي ترقي لاء جوڳا قدم کنيا وڃن اردو کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ان مسئلي تي ڪو احتجاج نہ ٿيو. ان جي برخلاف اها هڪ عجيب صورتحال آهي تہ پنجاب جي ليکڪن جھڙوڪ پطرس بخاري، عبدالمجيد سالڪ ۽ دين محمد تاثير وغيرہ جو يوپي، حيدرآباد دکن ۽ دھلي جي اردو ليکڪن سان جيڪڏهين ڪو اختلاف رهيو آهي تہ اهو پنجابي ۽ اردو متعلق نہ پر ان ڳالھہ تي رهيو آهي تہ صحيح اردو ڪير ٿو لکي. انھن سڀني ليکڪن اردو ۾ لکيو ۽ نالو ڪمايو. مون کي فيض احمد فيض جي اها ڳالھہ سمجه ۾ نہ آئي تہ پنجابي ۾ جڏهين بابا ڀلي شاه، غلام فريد ۽ استاد دامن جھڙا شاعر آهن تہ پوء انھن جي ڀيٽ ۾ سندس ڇا حيثيت هجي ها. منھنجي خيال ۾ اهو رڳو پنھنجي ٻولي ۾ نہ لکڻ جو هڪ بھانو هو. اها ساڳي ڳالھہ اياز، جيڪو پڻ اردو جو هڪ سٺو شاعر هو، ڀٽائيِ، سچل ۽ سامي وغيرہ جي حوالي سان ڪري سگهيو ٿي پر هن ۽ ٻين جديد دور جي سنڌي شاعرن ائين نہ ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعري ۾ پنھنجو هڪ مقام حاصل ڪيو.
اها صورتحال ورهاڱي کان اڳ کان رهندي اچي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پوء جناح واضح طور اها ڳالھہ ڪئي تہ پاڪستان جي قومي ٻولي رڳو اردو هوندي. هن ان کي هندي جي مقابلي ۾ مسلمانن جي ٻولي ڪري پيش ڪيو جڏهين تہ ٻولي جو ڪو مذهب نہ هوندو آهي ۽ ٻي ڳالھہ تہ هندي ۽ اردو ۾ وڏو فرق رسم الخط جو آهي. ڏٺو وڃي تہ اهو موقف رڳو مسلم ٿورائي وارن علائقن يوپي، سي پي ۽ دھلي وغيرہ جو نہ پر ان جي پويان پنجاب جي مسلم اشرافيا بہ هئي. ان ڳالھہ کي خاص طور بنگال ۽ سنڌ پاران قبول نہ ڪيو ويو. پر پنجاب پاران ان سلسلي ۾ ڪو آواز سامھون نہ آيو.
جيتوڻيڪ ان حوالي سان ملڪ ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا، ان جو سڄو ڏوه اردو ڳالھائيندڙن کي ڏنو ويو پر حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي تہ ان ۾ پنجابي اشرافيا جو وڏو هٿ هو. ملڪي معاملن جي حوالي سان سڀ اختيار وٽن ئي هئا. پنجابي ليکڪن جو هڪ حصو ان سلسلي ۾ گهڻي وقت کان سرگرم آهي ۽ ان ڳالھہ لا۽ ڪوشش ڪري رهيو آهي تہ پنجابي ٻولي کي پاڪستان ۾ ڪو جوڳو مقام حاصل ٿي سگهي. پر ان سلسلي ۾ انھن کي ڪا ذڪر جوڳي ڪاميابي حاصل نہ ٿي سگهي آهي. منھنجي خيال ۾ ان جو هڪ اهم ڪارڻ تہ اهو آهي تہ اهي بجائي پنجابي اشرافيا جي اردو ٻولي کي پنھنجو مک حريف سمجهن ٿا جڏهين تہ اها ڳالھہ سڀني جي آڏو آهي تہ پنجابي ٻولي کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ ۽ ان کي تعليم جو ذريعو ڪرڻ جي وڏي مخالفت پنجاب اسمبلي جي ميمبرن پاران ڪئي ويئي، جنھن ۾ اٽڪل سڀ ميمبر پنجابي ڳالھائيندڙ آهن. پنجاب جا گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو پنجابي کي اشرافيه جي بجائي عام ماڻھن جي ٻولي سمجهن ٿا، پنھنجن ٻارن سان پنجابي ۾ ڳالھائڻ کي مناسب نہ ٿا سمجهن ۽ ان کي حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا.
انڊين پنجاب ۾ پنجابي ۾ لکڻ جي روايت پراڻي آهي ۽ ان ۾ اهڙا ليکڪ پيدا ٿيا آهن جن کي عالمي سطح تي مڃتا مليل آهي ۽ انھن جون لکڻيون ٻين گهڻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيون آهن. پاڪستان ۾ ٻولي جي حوالي سان پنجابي دانشورن جون ڪوششون گهڻي پراڻي ڳالھہ ناهي. ان سلسلي ۾ شاعري، ڪھاڻي ۽ ناول وغيرہ ۾ گهڻيون سٺيون شيون سامھون آيون آهن، جيڪي ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيون آهن. پر ان سلسلي ۾ اها ڳالھہ ڌيان طلب آهي تہ هو بجائي پنجابي اشرافيا ۽ حڪمران طبقي جي پنھنجي ٻولي جي محرومي ۽ ان کي جوڳي حيثيت نہ ملڻ جو ذميوار هڪ تہ اردو ٻولي ۽ ان جي ليکڪن ۽ ڳالھائيندڙن کي قرار ڏين ٿا ۽ ٻيو پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ماڻھن کي جيڪي پنجاب جي حڪمران طبقي ِجي پاليسين کي پنھنجي ٻولي جي واڌ ويجهہ ۾ رڪاوٽ سمجهن ٿا.
ان ڳالھہ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ ملڪ جي سڀني ٻولين کي جوڳي حيثيت ۽ مڃتا ڏيڻ سان ئي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٻولين جي واڌ ويجهہ ٿيندي.
