ورهاڱو ۽ هندوستان جون رياستون
حيدرآباد، ڪشمير، ۽ جوناڳڙه آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان اهم رياستون هيون.
حيدرآباد ۾ نظام عثمان آصف جاه نومبر 1947 ۾ ڀارت سان هڪ ٺاه ڪيو، جنھن ۾ سوائي هندوستان جي فوجن کي رياست ۾ رکڻ جي، باقي انگريز سرڪار سان ڪيل سڀني اڳوڻن ٺاهن کي برقرار رکيو ويو. هڪ پاسي خاص طور ڀارت جي عائد ڪيل معاشي پابندين جي ڪري رياست جي معاشي حالت خراب هئي ۽ ٻئي پاسي تلنگانا جي بغاوت هئي جنھن کي نظام جي حڪومت ڪچلڻ ۾ ناڪام ويئي هئي ۽ جنھن حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. ڀارت کي اهو خدشو هو تہ هتي ڪميونسٽ راڄ جو قائم ٿيڻ سندس لاء هڪ مسئلو ٿي پوندو. ساڳي وقت رضاڪارن جي نالي سان هڪ گروپ رياست ۾ اڀريو هو جنھن کي حڪومت ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي هئي. 7سيپٽمبر 1948 تي ڀارت پاران نظام کي رضاڪارن کي ختم ڪرڻ لاء چيو ويو ۽ 13 سيپٽمبر 1948 تي ڀارت رياست ۾ پنھنجي فوج موڪلي، آپريشن پولو جنھن کي پوليس ايڪشن جو نالو ڏنو ويو. اهو آپريشن پنج ڏينھن 18 سيپٽمبر 1948 تائين جاري رهيو جنھن کانپوء نظام ڀارت سان الحاق جي ٺاه تي صحيح ڪئي. ان کانپوء رياست ۾ فرقيوارانا فساد شروع ٿي ويا، جنھن ۾ ڀارتي فوج جي ملوث هئڻ جي پڻ ڳالھہ ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم نھرو ان جي جاچ لاء سندرلال ڪاميٽي قائم ڪئي، جنھن جي رپورٽ هڪ ڊگهي عرصي کانپوء 2013 ۾ جاري ڪئي ويئي. ان رپورٽ موجب انھن فسادن ۾ اٽڪل ٽيھہ هزار ماڻھو ماريا ويا جڏهين تہ آزاد ذريعا اهو تعداد ٻہ لک کان وڌيڪ ٻڌائين ٿا.
جونا ڳڙه رياست جو حڪمران جيتوڻيڪ مسلمان نواب محمد مھابت خانجي هو، پر ان جي آبادي جي گهڻائي يعني اٽڪل اسي سيڪڙو هندو هئي. رياست جي پاڪستان سان ڪابہ زميني سرحد نہ هئي ۽ اها رڳو سمنڊ رستي پاڪستان سان ڳنڍيل هئي. نواب کي مائونٽ بيٽن هندوستان سان الحاق ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي پرنواب پاڪستان سان الحاق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنھن تي ڀارت جي اڳواڻن پاران ناراضگي جو اظھار ڪيو ويو. رياست تي معاشي دٻاء سان گڏ اتان جي ماڻھن کي نواب خلاف احتجاج ڪرڻ لاء چيو ويو ۽ بمبئي ۾ رياست جي عارضي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ويئي. حالتن خراب ٿيڻ جي ڪري نواب ڪراچي ڀڄي ويو ۽ اتي پنھنجي جلاوطن حڪومت قائم ڪيائين. ڊسمبر 1947 ۾ ٿيل ريفرينڊم ۾ 99.95 ماڻھن ڀارت ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ فيبروري 1948 ۾ رياست جو ڀارت سان الحاق ٿي ويو.
سڀ کان ڏکيو ۽ منجهيل معاملوڪشمير جو هو جيڪو اڃا حل نہ ٿي سگهيو آهي ۽ ٻنھي ملڪن ۾ لاڳيتو تنازعي جو ڪارڻ بڻيل آهي. هتي آبادي جي گهڻائي مسلمانن جي، پر حڪمران غير مسلم هو. اهو چيو وڃي ٿو تہ ريڊ ڪلف ايوارڊ ۾ پنجاب جي ورهاست ڪندي، گرداسپور، جتي مسلمانن جي گهڻائي هئي، ان ڪري ڀارت کي ڏنو ويو تہ هتان ڪشمير تائين سڙڪ ويئي ٿي جيڪا اڳ ۾ ڪچي هئي ۽ آزادي کان پوء ڀارت جي حڪومت ان کي پڪو ڪيو. پر اهو مائونٽ بيٽن جو نھرو کي ڏنل تحفو نہ هو، جيئن سمجهيو وڃي ٿو، پر ان کان اڳ واري وائسرائي لارڊ واويل اڳ ئي جناح کي اهو ٻڌائي ڇڏيو هو تہ گرداسپور پاڪستان کي نہ ملندو. پنجاب جي معاملي ۾ ريڊ ڪلف جون مقرر ڪيل سرحدون نوانوي سيڪڙو اهي ئي هيون جيڪي لارڊ واويل پنھنجي ورهاڱي واري رٿا ۾ تجويز ڪيون هيون. ڪشمير جي ڊوگرا حڪمران پاران هندوستان سان الحاق جي فيصلي کانپوء جناح رياست ۾ فوج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان وقت پاڪستان جي فوج جي انگريز سربراه جنرل گريسي ان بنياد تي سندس ان ڳالھہ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو تہ ان سان ٻنھي ملڪن جي فوج ۾ جيڪي برطانوي افسر آهن اهي متاثر ٿيندا. ان کانپوء قبائلي لشڪر پاران ڪاه جي نتيجي ۾ ڪشمير جي گهڻي علائقي تي انھن جو قبضو ٿي ويو پر سرينگر جي ويجهو پھچي انھن پنھنجي قبائلي روايتن موجب ڦرمار ڪرڻ شروع ڪئي. ان دوران مھاراجا جي درخواست تي ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پھچي ويئي ۽ قبائلي گهڻو اڳتي نہ وڌي سگهيا. ان وقت اهو مسئلو افھام تفھيم سان حل ٿي سگهيو ٿي. دھلي ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ سردار پٽيل لياقت علي خان کي اها آڇ ڪئي هئي تہ پاڪستان حيدرآباد جي نظام جي حمايت نہ ڪري ۽ رياست تان هٿ کڻي تہ موٽ ۾ ڀارت ڪشمير تان دستبردار ٿي ويندو پر پاڪستان اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنھي ملڪن ۾ ان معاملي تي 1948 جي جنگ کانپوء اهو معاملو گڏيل قومن جي حوالي ٿي ويو جنھن اهو فيصلو ڪيو تہ ٻيئي ملڪ رياست مان پنھنجيون فوجون واپس گهرائين ۽ پوء اتي ماڻھن جو رايو معلوم ڪرڻ لاء ريفرينڊم ڪرايو وڃي پر ائين ٿي نہ سگهيو. وزيراعظم نھرو شيخ عبدﷲ کي پاڪستان موڪليو هو تہ جيئن مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي پر شيخ عبدﷲ اڃا پاڪستان ۾ ئي هو تہ نھرو جي وفات ٿي ويئي. 1973 ۾ شملا ۾ ٻنھي ملڪن ۾ جيڪو ٺاه ٿيو هو ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو تہ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ جيڪي حل طلب مسئلا آهن انھن کي بجائي عالمي فورمن ۾ کڻي وڃڻ جي باهمي سطح تي حل ڪيو ويندو. بھرحال اهو مسئلو اڃا تائين حل طلب آهي ۽ ان جي ڪري ٻنھي ملڪن وچ ۾ ناتا نہ رڳو معمول تي ناهن اچي سگهيا پر ڇڪتاڻ اڃا وڌي ويئي آهي.
