يزيدي ڪيرآهن؟
انھن لاء مختلف ڳالھيون مشھور آهن. ڪي انھن کي مسلمانن جو هڪ گمراه ٿيل فرقو چون ٿا تہ ڪي انھن کي عيسائين جو هڪ فرقو چون ٿا جڏهين تہ سندن رسمن ۽ عقيدن وغيرہ ۽ خاص طور انھن جي هڪ فرقي ۾ آواگون جي تصور هئڻ ڪري انھن کي هندن جي ويجهو بہ سمجهيو وڃي ٿو. ڪي انھن کي زرتشت جا پوئلڳ چون ٿا. پر مسلمانن ۽ عيسائين ٻنھي مان ڪير بہ انھن کي قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. مسلمانن جي ليکي اهي شيطان جا پوڄاري آهن جڏهين تہ عيسائي انھن کي جنس پرست قرار ڏين ٿا. اولھہ ۾ انھن کي اهڙا ماڻھو سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي گدلا ۽ پاڻي کان پري رهن ٿا ۽ جن جو ڪم مسافرن کي ڦرڻ هجي ٿو. انھن سڀني ڳالھين جو مک ڪارڻ انھن جو پنھنجي خول ۾ بند رهڻ آهي. اهي نہ ڪنھن ٻئي کي پنھنجي مذهب ۾ قبول ڪن ٿا ۽ نہ ئي پنھنجي ڪنھن ماڻھو کي مذهب مان خارج ڪن ٿا. اهي بنيادي طور بابل ۽ نينوا جي قديم تھذيب جا ماڻھو آهن ۽ سندن لاڳاپو ان ڌرتي سان ئي آهي. انھن جو ڪو مذهبي ڪتاب ناهي ۽ نہ ئي ڪو ٻيو ماڻھو سندن مذهب ۾ شامل ٿي سگهي ٿو يا شادي وغيرہ جي ڪري ان مان نڪري سگهي ٿو. فطرت يعني سج، چنڊ ۽ پاڻي جا پوئلڳ آهن. انھن جي هڪ فرقي ۾ آواگون يعني ٻيھر جنم وٺڻ جو تصور آهي. اهو جنم رڳو انسان ۽ جانورن جي روپ ۾ نہ پر دريا ۽ مينھن جي هڪ قطري جي صورت ۾ بہ ٿي سگهي ٿو. پر عام ماڻھن ۾ هڪ تہ اهو تاثر آهي تہ اهي شيطان جا پوڄاري آهن ۽ ٻيا اهو سمجهن ٿا تہ اهي بنو اميه جي خليفي يزيد جو اولاد آهن. ان ڪري اهي بجائي يزيدي جي پاڻ کي ايزدي سڏائڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
ناول جي هڪ ڪردار آرٿرسمٿ، جيڪو اوڻويھين صدي جي وچ ڌاري ميسوپيٽيما جي تھذيب ۽ خاص طور 2100 قبل مسيح جي ارڪ جي بادشاه گلگيمش جي دور جي هڪ ڊگهي ڪٿا تي تحقيق جي سلسلي ۾ انگلينڊ مان ترڪي جي رستي اتي وڃي ٿو، ان جو تجربو بلڪل مختلف هجي ٿو. هو اتي يزيدين جي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿو جتي سندس سٺي خاطرداري ٿئي ٿي. پر کيس اهو اندازو ٿئي ٿو تہ علائقي جا ڪامورا ۽ حڪمران ڪنھن بہ ريت سندن وجود کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هو جڏهين ٻيو ڀيرو اتي اچي ٿو تہ ان ڳوٺ ۾ ٻيا ماڻھو رهيل هئا. يزيدين کي گهڻي ڀاڱي قتل ڪيو ويو هو جڏهين تہ باقي اتان لڏي ويا هئا.
ليکڪا دجلہ جي ڪناري حسن ڪيف ڳوٺ ۾ آباد هڪ ڪردار نارن ۽ سندس خاندان جي ڪھاڻي ٻڌائي آهي. انھن کي دجله جي ڪناري نارن کي Baptize ڪرڻ جي رسم پوري ڪرڻ نہ ٿي ڏني وڃي. ان لاء اهي ڪجهہ عرصي کانپوء موصل عراق ۾ پنھنجي مقدس جاء لالش وڃن ٿا. اهو اهو وقت هو جڏهين داعش پوري عراق ۽ شام ۾ خاص طور يزيدين ۽ شيعن لاء هڪ دھشت جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. انھن جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي ذخيرن ۾ زهر ملائڻ، وڻن کي وڍڻ ۽ پوک کي نقصان پھچائڻ کانسواء حملا ڪري مڙدن، عورتن ۽ ٻارن کي پنھنجي مذهب نہ ڇڏڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ اهڙيون ڳالھيون آهن جنھن جي سڄي دنيا کي خبر آهي. يزيدين جو چوڻ آهي تہ تاريخ ۾ ايستائين اٽڪل ستر ڀيرا ساڻن سندن مذهب جي بنياد تي ظلم ڪيو ويو آهي.
يزيدي مردن جو قتل ۽ عورتن کي زوري مسلمان ڪري انھن سان شاديون ڪرڻ ويجهي ماضي جي ڳالھہ آهي. عراق جي جنھن ڳوٺ ۾ اهي رهيل هجن ٿا، اتي داعش جي حملي جي ڊپ ڪري نارن پنھنجي ڏاڏي ۽ ٻين گهڻن ڳوٺاڻن سان گڏ ڳوٺ ڇڏي سنجر جبل ڏانھن فرار ٿئي ٿي تہ اتي اهي انتطار ۾ ويٺل داعش جي دھشت گردن جي حملي جو نشانو بڻجن ٿا. گهڻا مارجي وڃن ٿا ۽ گهڻيون عورتون جن ۾ نارن بہ شامل هجي ٿي، اغوا ٿي وڃن ٿيون. استنبول اهڙين عورتن جي وڪري جي هڪ وڏي منڊي هجي ٿي. ڪجهہ عرصي کانپوء نارن کي اتي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. جتان پاڻي تي تحقيق ڪندڙ هڪ محقق زليخا پنھنجي دوست نين سان گڏجي ڪنھن ريت پئسن جو انتظام ڪري کيس آزاد ڪرائي ٿي.
هڪ تہ دنيا مان قديم ٻولين، مذهبن ۽ ثقافتن جي ختم ٿيڻ جو هڪ فطري عمل آهي پر ٻئي پاسي اقتداري حاوي ڌرين پاران انھن کي زوري ۽ طاقت وسيلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. مختلف هئڻ ڪنھن سماج ۽ دنيا جي سونھن آهي. پراقتداري ڌرين کي هميشہ يڪسانيت کپندي آهي ۽ اهي سڀني ماڻھن کي هڪ خول ۾ بند ڪرڻ چاهيندا آهن. ٻين ثقافتي، لساني ۽ مذهبي ٿوراين جيان يزيدي نہ رڳو انتھا پسند گروهن پر مختلف حڪومتن ۽ ايستائين تہ عام ماڻھن پاران ان سوچ ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. اهي اڄ جي دور جون حقيقتون آهن جن کي ليکڪا فڪشن جو روپ ڏنو آهي.
