ڪشور ناهيد: زندگي جا مختلف پاسا
سندس سڃاڻپ هڪ شاعرہ طور آهي پر هن ساڳي وقت نثر بہ لکيو آهي. ايڪ بري عورت ڪي ڪٿا سندس آتم ڪھاڻي آهي. سندس خاندان جو تعلق يوپي جي بلند شھر سان هو. پاڪستان ٺاهڻ جي تحريڪ ۾ سندس خاندان سرگرم حصو ورتو هو. علي ڳڙه ۾ پاڪستان لاء ٿيندڙ جلسن ۾ هو بہ پنھنجي ماء سان گڏ هوندي هئي.
پاڪستان ٺھڻ وقت سندس پي کي گرفتار ڪيو ويو هو. آزاد ٿيڻ کانپوء هو ڪنھن ريت پنھنجن هندو دوستن جي مدد سان سرحد پار ڪري پاڪستان هليو ويو. نئين ملڪ وڃڻ لاء خاندان جي ٻين فردن بہ تياري ڪئي پر کين چيو ويو تہ ريلن تي ٿيندڙ حملن جي ڪري اهو سفر خطري کان خالي ناهي. نيٺ اهي پنھنجا زيور وغيرہ وڪڻي ٿوري ضروري سامان سان جھاز ۾ پاڪستان پھتا.
لاهور ۾ اهي ڪجهہ عرصو مائٽن وٽ رهيا ۽ پوء مسواڙ جي گهر ۾ منتقل ٿي ويا. سندس پي ڀارت ۾ ڇڏي آيل پنھنجي ملڪيت لاء ڪوڪليم وغيرہ داخل نہ ڪيو.
لڏپلاڻ ۽ هڪ ماحول ۽ ڪلچر کان ٻئي ماحول ۽ ڪلچر ۾ وڃڻ سان گهڻا پراڻا سماجي قدر ختم ٿي ويندا آهن ۽ گهڻن ۾ تبديلي اچي ويندي آهي. اهو عمل ان وقت ئي اچڻ شروع ٿي ويو هو جڏهين انھن هوائي جھاز ۾ پاڪستان اچڻ جي تياري پئي ڪئي. کيس ستن سالن جي عمر ۾ ئي برقعو پارايو ويو هو. پر جڏهين اهو پتو پيو تہ جھاز ۾ ٻارن جي ٽڪيٽ ۾ رعايت آهي تہ کيس ان مھل ئي برقعو لھرايو ويو. يوپي ۾ برقعو پيرن تائين هوندو هو جڏهين تہ لاهور ۾ اهو مرن کان مٿي هوندو هو. برقعو کيس يونيورسٽي تائين پائڻو پيو. تعليم جي حوالي سان سندس چوڻ آهي تہ سندس ٻہ وڏيون ڀينرون ميٽرڪ ڪري گهر ۾ ويھي رهيون هيون ۽ کيس بہ اهو چيو ويو تہ اڳتي پڙهڻ جي ضرورت ناهي. پر سندس احتجاج ۽ ضد جي ڪري مائٽن پاران نہ رڳو کيس پر سندس وڏي ڀيڻ کي بہ اها اجازت ڏيڻي پيئي.
شادي جي حوالي سان ڇوڪريون ڪنھن شريف، مھذب ۽ سٺي گهر جي سيد زادي جي انتظار ۾ عمر ڳاري پوڙهيون ٿي وينديون هيون. سندس وڏين ڀيڻن سان ائين ٿي رهيو هو پر هن فيصلو ڪيو تہ هو ائين ٿيڻ نہ ڏيندي ۽ پنھنجي خاندان جي مرضي جي خلاف پنھنجي پسند سان شادي ڪيائين، جنھن جي ڪري کيس هڪ پاسي پنھنجي گهر وارن جي مخالفت کي منھن ڏيڻو پيو ۽ ٻئي پاسي سندس مڙس جي گهر وارا کيس ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا.
هن اخبار ۾ قلمي دوستي سان شروعات ڪئي. مشاعرن ۾ وڃڻ ۽ ريڊيو تي ادبي پروگرام شروع ڪيا هڪ اخبار پاران کيس چيو ويو تہ هو سندن لاء ادبي پروگرامن جي رپورٽنگ ڪري جنھن جي لاء کيس معاوضو ۽ سائيڪل ڏني ويندي. هن سوچيو تہ گهر ۾ هونئن ئي سندس انھن سرگرمين کي پسند نہ ٿو ڪيو وڃي ۽ سندس پي بہ کيس چئي چڪو آهي تہ اهو سڀ ڇڏي ڏي ۽ ان صورت ۾ ڇا کيس شھر ۾ سائيڪل هلائڻ ڏني ويندي.
هو اهڙن شاعرن، ليکڪن ۽ ايڊيٽرن وغيرہ جو ذڪر ڪري ٿي جيڪي نظم وٺڻ وغيرہ جي بھاني سان سندس گهر پھچي ويندا هئا، جنھن کي سندس گهر وارا پسند نہ ڪندا هئا. سندس تعلق انھن ليکڪن سان گهڻو رهيو جيڪي کانئس عمر ۾ ٽيھہ سال وڏا هئا. انھن مان گهڻا سندس گهر جي ويجهو ئي رهندا هئا ۽ هن انھن جي صحبت مان گهڻو ڪجهہ پرايو. هو فيض، جنھن جي ڌي ساڻس ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، سان خاص طور پنھنجي ويجهڙائي جو ذڪر ڪري ٿي.
هو هڪ پاسي گهر ۾ پنھنجي اڪيلائي جو ذڪر ڪري ٿي تہ جڏهين گهر ۾ آسودگي هوندي هئي تہ سندس مڙس ۽ پٽ هڪ ڪمري ۾ ٽھڪ ڏيئي رهيا هوندا هئا ۽ هو ٻئي ڪمري ۾ پنھنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري رهي هوندي هئي. ٻئي پاسي هو پنھنجي ٻنھي پٽن، جيڪي پرڏيھہ۾ رهن ٿا، جي تعريف ڪندي چئي ٿي تہ انھن ننڍي هوندي ئي پنھنجي محنت سان پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي شروعات ڪئي هئي.
پوليس ۽ ٿاڻي سان سندس واسطو ننڍي هوندي ان وقت ئي پيو جڏهين آزادي وقت سندس پي کي گرفتار ڪيو ويو هو. اهو ڄڻ آئندہ جيڪي ساڻس ٿيڻو هو ان لاء کيس تيار ڪرڻو هو. 1970 ۾ فوج خلاف ڳالھائڻ جي ڏوه ۾ سندس مڙس يوسف ۽ ان جي پي کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انھن کي هڪ سال قيد جي سزا ڏني ويئي هئي. 1977 کان 1979 تائين سندس سخت نگراني ڪئي ٿي ويئي. هڪ موٽرسائيڪل گاڏي جي اڳيان ۽ هڪ جيپ ان جي پويان هوندي هئي.
هو هڪ ڊگهي عرصي تائين سرڪاري نوڪري ۾ رهي آهي. هن ڪامورن جا اهڙا احوال لکيا آهن جيڪي مختلف طريقن سان مراعاتون حاصل ڪن ٿا. اهو ساڳيو ڪم ليکڪن جي حوالي سان ٽي وي پروڊيوسر ۽ پبلشر بہ ڪن ٿا.
ليکڪا جو چوڻ آهي تہ کيس لکڻ جو گهڻو لطف ان وقت ايندو آهي جڏهين هو جھاز ۾ ڪنھن ڊگهي سفر تي هوندي آهي. ان معاملي ۾ جھاز جو اسٽاف بہ سندس خيال ڪندو آهي ۽ ڌار نشست ۽ لکڻ لاء ضروري لوازمات پڻ مھيا ڪيا ويندا آهن.
سندس نظر ۾ هن سماج ۾ هڪ عام گهريلو عورت جي ڀيٽ ۾ هڪ نوڪري ڪندڙ عورت کي گهر ۽ ٻاهر وڌيڪ مسئلن ۽ رڪاوٽن کي منھن ڏيڻو پئي ٿو.
