مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

ڀٽو خاندان: جدوجھد جي ڪھاڻي

بشير رياض جيتوڻيڪ افسانا وغيرہ بہ لکيا آهن، پر بنيادي طور هو هڪ صحافي آهي. سندس چوڻ آهي تہ ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس تعلق جنوري 1966 کان شروع ٿيو، جڏهين هن ساڻس خط وڪتابت شروع ڪئي. آگسٽ 1967 ۾ لندن جي دار چيسٽر هوٽل ۾ انھن ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام متعلق تفصيلي ڳالھہ ٻولھہ ٿي. سندس چوڻ آهي تہ کيس ان وقت گهڻي خوشي ٿي جڏهين ڀٽو بيگم نصرت ڀٽو سان سندس پنھنجي هڪ دوست جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو. بينظير سان سندس پھرين ملاقات 1977 ۾ خاڪواني هائوس لاهور ۾ ٿي جتي هو سندس انٽرويو وٺڻ لاء ويو هو. 1978 ۾ جڏهين مرتضا ۽ شاهنواز لندن منتقل ٿيا تہ هي ڀٽو جي حياتي بچائڻ واري مھم ۾ ساڻن گڏ هو. اهو سلسلو لاڳيتو هلندو آيو ۽ ڀٽو کانپوء سندس بيگم نصرت ڀٽو، بينظير، مرتضا ۽ شاهنواز سان بہ ويجهو لاڳاپو رهيو. سندس ڪتاب بھٹو خاندان- جهد مسلسل ان حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي.
1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ڄڻ برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي جاڳائي انھن ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏيو هيو. ڀٽو جي ڪشمير تي موقف ۽ تاشقند ٺاه جي مخالفت کيس برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو هو. ڀٽو جي سياسي سمجه جي واکاڻ ڪندي هو چئي ٿو تہ ان وقت برطانيا ۾ پيپلز پارتي جي تنظيم سازي جو عمل هلي رهيو هو. ان وقت ايم ڪي جنجوعه نالي هڪ همراه ساڻن گڏ هو، جيڪو راولپنڊي سازش ڪيس ۾ جيل بہ ويو هو. ليکڪ جو خيال هو تہ جيئن تہ هي همراه فيض ۽ سجاد ظھير وغيرہ جي صحبت ۾ رهيو آهي، ان ڪري اعتبار جوڳو هوندو. هن ڀٽو کي صلاح ڏني تہ ان کي برطانيا ۾ پارٽي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو وڃي، پر ڀٽو سندس ڳالھہ لنوائي ويو. پوءِ اها ڳالھہ سامھون آئي تہ اهو حڪومت پاران موڪليل ماڻھو هو. ساڳي ريت ان وقت ڀٽو ايوب سرڪار کان الڳ ٿيڻ جي ڪري عتاب ۾ هو، پر هن پنھنجن دوستن کي نہ وساريو هو. انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو جي حڪومت کي ختم ڪري، سندس پرڏيھي وزير سوباندريو کي سوهارتو جي فوجي حڪومت پاران ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سوباندريو 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ واضح طور پاڪستان جو پاسو کنيو هو ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي هئي. ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکندي، ڀٽو ان ڳالھہ کان قطع نظر تہ ان جا نتيجا ڪھڙا نڪري سگهيا ٿي، سوباندريو کي ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ اهڙا بيان ڏيھي ۽ پرڏيھي پريس کي جاري ڪيا.
ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کانپوء پريس جي حوالي سان ليکڪ کي اهم ذميواتون ڏنيون. ان وقت گهڻا ليکڪ جي ڀٽو سان ان قربت کي پسند نہ ڪندا هئا. اها ڳالھہ سڀني جي نظر ۾ هئي ۽ ليکڪ پڻ اها ڳالھہ ڪري ٿو.ليکڪ هيپي مينوالا جو ذڪر ڪري ٿو، جنھن پنھنجي ليکي ڀٽو جي ويجهو ٿيڻ چاهيو ٿي. پرڏيھي صحافين سان وزير اعظم جي ملاقات ۽ انٽرويو وغيرہ جي ذميواري ليکڪ جي ذمي هئي پر مينوالا هڪ آمريڪي خاتون صحافي کي ملاقات جو اڍائي ڪلاڪن جو وقت ڏنو، جنھن جي وزير اعظم ۽ ليکڪ کي ڪا ڄاڻ نہ هئي. اسلام آباد پھچڻ تي ان کي اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏنو ويو جنھن تي اها ناراض ٿي ويئي. وزيراعظم کي ليکڪ متعلق غلط اطلاع ڏنا ويا، جنھن تي هن ليکڪ سان پنھنجي ناراضي جو اظھار بہ ڪيو. ليکڪ هڪ سيڪيوريٽي آفيسر سعيد جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اهو تاثر ڏيندو هو تہ سڀ ڪم سندس مرضي سان ٿين ٿا. جڏهين هن بيگم نصرت ڀٽو سان ان جو ذڪر ڪيو تہ هن جو چوڻ هو تہ ان جي ڳالھہ نہ ڪر هو هڪ پوليس وارو آهي. عدالت ۾ ان ئي ماڻھو ڀٽو خلاف گواهي ڏيندي چيو هو تہ هو تہ بس حڪم جو ٻانھو هو، کيس جيڪي چيو ويندو هو ائين ڪندو هو. اهڙن ماڻھن ڀٽو جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو هو ۽ ڀروسي وارا ماڻھو پري ٿي ويا هئا.
ليکڪ جو چوڻ آهي ۽ عام طور اهو سمجهيو بہ وڃي ٿو تہ ڀٽو کي 1977 جي چونڊن ڪرائڻ ڏانھن زوري ڌڪيو ويو هو. چونڊن کان پوء ڀٽو خلاف تحريڪ کي ڀٽو پاران هڪ عالمي سازش قرار ڏنو ويو. سندس چوڻ هو تہ مخالف ڌر ۾ اهڙي تحريڪ هلائڻ جي سگه ئي نہ هئي. اها ڳالھہ هن قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بہ واضح ڪئي هئي.
جڏهين حڪومت کي ختم ڪري مارشل لاء هنيو ويو تہ ڀٽو مرتضا ۽ شاهنواز کي هدايت ڪئي تہ اهي فوري طور ڪنھن بہ ريت ملڪ مان نڪري وڃن، جڏهين تہ بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ رهيون. ٻيئي ماء ڌي پاڪستان ۾ قيد هيون، جڏهين تہ مرتضا ۽ شاهنواز پنھنجي پڙهائي اڌوري ڇڏي لنڊن ۾ پنھنجي پيءُ جي حياتي بچائڻ جي جدوجھد ۾ مصروف ٿي ويا. انھن خاص طور ڀٽو جي دوست مختلف حڪمرانن سان رابطا ڪيا. ان دوران ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هينري ڪسنجر مرتضيٰ کي فون ڪري ٻڌايو تہ ضياء شاه فهد سان واعدو ڪيو آهي تہ هو ڀٽو کي ڦاهي نہ ڏيندو. ان تي مرتضيٰ کيس چيو تہ هو ڪوڙو ماڻھو آهي، ان جي ڳالھہ تي ڀروسو نہ ٿو ڪري سگهجي. متحدہ عرب امارات جي امير جا ڀٽو سان ويجها ذاتي ناتا هئا. هن مرتضيٰ ۽ شاهنواز جي اخلاقي۽ مالي طورگهڻي مدد ڪئي پر جڏهين مرتضيٰ ڪابل ۾ وڃي رهڻ ۽ اتي پنھنجو مرڪز قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ هن کيس ائين نہ ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. ڇاڪاڻ تہ ان وقت اتي سوويت فوجون هيون، جنھن جي ڪري اولھہ جي ملڪن کان کين جيڪا حمايت ملي پئي اها نہ ملي سگهندي. پر مرتضيٰ ان صلاح تي عمل نہ ڪيو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين ڪابل جي حڪومت الذوالفقار جو گهيرو تنگ ڪيو تہ پوء ڪابل کان دمشق منتقل ٿيڻ جوفيصلو ڪيو ويو. مرتضيٰ جھاز جي اغواء کان انڪار ڪيو هو. ساڳي ريت حڪومت پاران ان ۾ پيپلز پارٽي کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي تہ جيئن ان وقت پاڪستان ۾ ضياء خلاف تحريڪ کي دٻائي سگهجي، پر بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو اهڙي ڪنھن ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو.
ڪرنل قذافي ۽ ياسر عرفات سان ڀٽو جا ويجها ناتا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ شاهنواز ڇهہ مھينا کن ياسر عرفات وٽ لبنان ۾ رهيو. لنڊن ۾ رهڻ دوران مٿس قاتلانا حملا بہ ٿيا. ليکڪ شاهنواز جي ميت سان بينظير سان گڏ ڳڙهي خدابخش بہ ويو هو ۽ پوء پنھنجي گرفتاري جي انديشي ڪري جلدي موٽي انگلينڊ آيو هو.
بينظير مرتضيٰ سان ملاقات لاء دمشق بہ ويئي هئي، اتي مرتضيٰ کيس غنوا، جيڪا فاطمہ کي ٽيوشن پڙهائيندي هئي، سان پنھنجي شادي متعلق ٻڌايو. بينظير کيس صلاح ڏني تہ بجائي ڪنھن پرڏيھي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جي، هو پاڪستان جي ڪنھن ڇوڪري سان شادي ڪري ۽ هن ان سلسلي ۾ کيس ڪجهہ ڇوڪرين جا نالا بہ ڏنا هئا پر مرتضيٰ ان ڳالھہ کي کلي لنوائي ويو. ليکڪ اها بہ ڳالھہ ڪري ٿو تہ ٻنھي ڀائرن جا شروع ۾ مصطفيٰ کر سان خوشگوار ناتا هئا، جيڪي پوء خراب ٿي ويا. مرتضا کيس کر سان ملڻ کان منع ڪيو جڏهين تہ بينظير کيس کر سان رابطي ۾ رهڻ لاء چيو هو. هن بينظير جي چوڻ تي عمل ڪيو جنھن جي ڪري مرتضيٰ گهڻي عرصي تائين ساڻس تعلق ئي ختم ڪري ڇڏيو.
بينظير ۽ مرتضيٰ جي اختلافن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر ليکڪ سميت گهڻا اهڙا ماڻھو هئا، جن انھن کي ويجهي آڻڻ جي ڪوشش بہ ڪئي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سندن اهڙي هڪ ملاقات کانپوء پشاور مان مرتضيٰ جا ڪجهہ ڪارڪن کيس پشاور ڪنھن گڏجاڻي لاء وٺي وڃڻ لاء آيا. اهي مٿس ان لاء ڪاوڙيل هئا تہ هن بينظير سان ملاقات ڇو ڪئي، جڏهين تہ مرتضا کي انھن کي وضاحت ڏيڻي پئي تہ اها ڪا سياسي گڏجاڻي نہ پر هڪ ڀاء ۽ ڀيڻ جي ملاقات هئي. مرتضيٰ جي پارٽي ۾ گهڻا اهڙا ماڻھو اچي ويا هئا جن جو مفاد ان ڳالھہ ۾ هو تہ انھن ٻنھي ۾ ڪا صلح نہ ٿئي.
بينظير کي جيڪا حڪومت ملي اها ڪيتري بااختيار هئي، ان جي سڀني کي ڄاڻ آهي، پر ان سلسلي ۾ بينظير جي اها ترجيح هئي تہ ضياء جي دور ۾ پارٽي جي ڪارڪنن جيڪي تڪليفون سٺيون هيون انھن جو ڪنھن حد تائين تدارڪ ڪيو وڃي ۽ کين ريليف ڏنو وڃي. ان حوالي سان اليڪشن لاء پارٽي ٽڪيٽ وغيرہ ڏيڻ جو معاملو بہ گهڻو منجهيل هو. ليکڪ اهڙن ڪجهہ اڳواڻن جو ذڪر ڪري ٿو جن فائدن حاصل ڪرڻ لاء وزيراعظم کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو هو. خاص طور عدم اعتماد واري تحريڪ جي موقعي تي پارٽي جي ڪجهہ اسمبلي ميمبرن وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪرڻ لاء اهو ڏيکاء ڏيڻ شروع ڪيو هو تہ مٿن مخالف ڌر پاران گهڻو دٻاء هو.
گهڻن ٻين ماڻھن جيان ليکڪ بہ اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ مرتضيٰ جي قتل کي بينظير جي حڪومت ختم ڪرڻ لاء ان صدر پاران استعمال ڪيو ويو جنھن کي هو پنھنجو وڏو ڀاء چوندي هئي.
بشير رياض لندن ۾ هوندي ڀٽو ۽ سندس خاندان سان لاڳاپيل رهيو. هن برطانيا جي مختلف شھرن ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پارٽي جي تنظيم ۽ ان جي مختلف جلسن وغيرہ جو انعقاد پڻ ڪيو. ان سان گڏوگڏ سندس وڏو ۽ اهم ڪم اهو هو تہ اتي هن هفتيوار مساوات جاري ڪرڻ شروع ڪئي جنھن ۾ پاڪستان مان گهڻو اهڙو مواد ايندو هو جيڪو اتي شائع نہ ٿي سگهندو هو. ان کانسواء ڀٽو جي مختلف ڪتابن جي مسودن کي ڪنھن طريقي سان لنڊن آڻي، اتان دھلي ۾ انھن کي اشاعت لاء موڪليو ويندو هو.
ڀٽو خاندان ۽ پارٽي سان ويجهي لاڳاپي هئڻ ڪري هن ڪتاب مان گهڻين ڳالھين جي خبر پئي ٿي.