مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

ن م دانش

ن م دانش جي سڃاڻپ جيتوڻيڪ اڙدو جي هڪ شاعر جي آهي، پر هو ساڳي وقت هڪ ادبي نقاد،ِ مضمون نگار ۽ اڙدو جو استاد پڻ آهي. اڙدو ادب ۾ کيس ان ڪري بہ هڪ منفرد حيثيت حاصل آهي تہ اڙدو سندس مادري ٻولي ناهي، پر هن هڪ تہ اڙدو ۾ امتيازي طور ماسٽرس ڪئي ۽ ٻيو اڙدو ڪاليج، جنھن کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي، ۾ گهڻي وقت تائين اڙدو پڙهائيندو رهيو. آمريڪا وڃڻ کانپوء هو نيويارڪ يونيورسٽي ۾ پڻ اڙدو جو استاد رهيو. ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلن ۾ هو حصو وٺندو هو ۽ پنھنجو پاڻ کي مڃرائيندو هو.
لياري جو ماحول ادبي ۽ سياسي لحاظ کان شاهوڪار رهيو آهي. ڪنھن باشعور ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو لاء ان کان مڪمل طور ڌار ۽ لاتعلق رهڻ ممڪن ناهي. دانش جي گهر جي ڀرسان ئي منھنجي دوست ۽ ڪلاس فيلو غلام نبي بصر جو گهر ۽ ڌوٻي جو دوڪان هوندو هو جتي دوست شام جي وقت اڪثر گڏبا هئا. اتي ئي دانش سان ملاقات ٿيندي هئي. ان پاڙي ۾ ئي بلوچي جو شاعر، عالم ۽ استاد صبا دشتياري بہ رهندو هو، جيڪو اڪثر پنھنجي خاص لباس ۾ پنھنجن ئي پورن ۾ پيو هلندو هو. اتي گل محمد لين ۾ کاٻي ڌر جي دانشور ۽ ليکڪ اڪبر بارڪزئي جو بہ گهر هو، جڏهين تہ لالا لعل بخش رند ۽ يوسف نسڪندي بہ ويجهو ئي رهندا هئا. ٿورو پرڀرو سنگولين ۾ رحيم بخش آزاد جو گهر هو، جنھن جو سڀني دوستن سان لاڳاپو هوندو هو.
اسان گهڻن دوستن جو ڪنھن نہ ڪنھن سياسي ڌر سان واسطو هوندو هو. دانش جو ڪنھن بہ سياسي جماعت سان تہ تعلق نہ هو، پر هو عوامي ادبي انجمن ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. ان وقت ضياءالحق جي مارشل لاء جي ڪري سڄي ملڪ ۽ خاص طور لياري ۾ سياسي سرگرميون زور تي هيون. ساڳي وقت ترقي پسند ادب دانش جي مطالعي ۾ هو. ان ڪري ڪنھن سياسي ڌر سان وابستہ نہ هئڻ جي باوجود هو سڄي صورتحال ۽ شين متعلق هڪ ترقي پسند نڪتہ نظر رکندو هو. پر ساڳي وقت مارڪس، لينن وغيرہ جي لکڻين کي پڙهڻ جي باوجود هو هڪ Non-conformist هو. سندس ڳالھائڻ مروج نڪتہ نظر کان مختلف هوندو هو. سندس چوڻ آهي تہ عوامي ادبي انجمن جو نور محمد شيخ کيس چوندو هو تہ دانش تون پاڻ تہ منجهيل آهين پر تون پنھنجين ڳالھين سان ٻين کي بہ مونجهارن ۾ وجهين ٿو.
سندس شاعري جو جيڪو واحد مجموعو بچي، تتلي اور ڦول ايستائين سامھون آيو آهي ان ۾ حسن بہ آهي تہ درد بہ آهي. هو پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو تہ هڪ ڀيري جون ايليا مولوي عثمان پارڪ لياري ۾ ڪنھن پروگرام ۾ آيو هو. هن کيس چيو هو تہ دانش تون هڪ منفرد ماڻھو آهين ۽ تنھنجي شاعري بہ ائين منفرد هئڻ گهرجي. سندس چوڻ آهي تہ هن ڪوشش ڪئي آهي تہ هو پنھنجي انفراديت برقرار رکي. آمريڪا ۾ پنھنجي چوويه سالن جي ڊگهي عرصي دوران هن گهٽ شاعري ڪئي آهي. ان جو ڪارڻ هو ٻڌائي ٿو تہ شاعري رڳو ڪتابن پڙهڻ سان نہ ٿيندي آهي. اها ماڻھن جي وچ ۾ رهڻ ۽ انھن جي ڏکن ۽ خوشين کي محسوس ڪرڻ سان ٿيندي آهي. هتي هو پنھنجن ماڻھن کان ڪٽيل آهي ۽ هو ان شي کي محسوس نہ ڪري سگهندو آهي. هتي هو شاعري کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنھن جي ڪري سندس اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي آهي، جنھن کي گهڻا ڊيپريشن ڪري سمجهندا آهن، جيڪا ڳالھہ درست ناهي. منھنجي ان سوال جي جواب ۾ تہ آمريڪا ۾ جتي هو رهي ٿو اتان جي مقامي ماڻھن سان سندس ڪيترو تعلق ۽ واسطو آهي تہ سندس جواب هو تہ اتي پاڪستاني پنھنجي ڪميونٽي ۽ پنھنجي دائري ۾ ئي رهن ٿا. سندن ٻين ماڻھن سان واسطو نہ هئڻ برابر آهي. سندن زندگي هڪ کوه جي ڏيڏر واري آهي، اتي هڪ وچولي درجي جو اڙدو جو اديب بہ پاڻ کي وڏي شي سمجهي ٿو.
لياري سان واسطو رکندڙ، منھنجو پاڙيسري ۽ دوست هن وقت اٽڪل چوويھہ سالن کان آمريڪا ۾ آهي. جڏهين هو اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ هاڻي دانشور جي ضرورت ناهي رهي يا هن هڪ ٽين دنيا جي ملڪ ۾ ٽئين درجي جي شھري ٿي رهڻ بجائي هڪ پھرين دنيا جي ملڪ ۾ ٽئين درجي جي شھري ٿي رهڻ کي ڇو ترجيح ڏني تہ ان جي پسمنظر ۽ ڪارڻن تي غور ڪرڻ ضروري آهي.
پنھنجي سڃاڻپ جي حوالي سان هو پنھنجي اباڻي شھر ڪراچي کي پنھنجي لاء هڪ درد ۽ تڪليف جو شھر قرار ڏئي ٿو، جتي سندس رنگ جي حوالي سان هر ڪو کانئس اهو سوال ڪندو هو تہ هو ڪٿان آيو آهي ۽ ڪيئن اڙدو، جيڪا سندس مادري ٻولي ناهي، ايتري صاف ڳالھائي ٿو.ِ کيس هر ڪنھن آڏو ان جي وضاحت پيش ڪرڻي پوندي هئي. ان ڪري هو هڪ تڪليف ۽ احتجاج طور پاڻ کي ڪارو بلوچ سڏرائي ٿو.
دانش سان منھنجي جيڪا ڳالھہ ٻولھہ ٿي آهي ۽ جيڪي ڪجهہ هن پنھنجي مختلف انٽرويوز ۽ مضمونن ۾ چيو آهي ان مان اها ڳالھہ ظاهر ٿئي ٿي تہ آمريڪا وڃڻ جو فيصلو هن جي لاء ڏکيو هو ۽ هن پاڪستان ۾ ئي رهي ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي. هن ماسٽرس اڙدو ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. اڙدو ڪاليج، جيڪو هن وقت يونيورسٽي آهي، سندس مادر علمي بہ آهي ۽ هن گهڻو عرصو اتي پڙهايو بہ آهي. ان اداري ساڻس نھايت سٺو ورتاء ڪيو ۽ سندس نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ ساڻس هر طرح جو سھڪار ڪيو.
ڪراچي يونيورسٽي جي اڙدو ڊپارٽمنٽ ۾ جڏهين هن ليڪچرار جو انٽرويو ڏنو تہ انٽرويو وٺندڙن ۾ اڙدو شعبي جو پروفيسر ڊاڪٽر اسلم فرخي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڊاڪٽر فرمان فتح پوري ۽ بيا هئا. انٽرويو ۾ دانش جي پھرين پوزيشن هئي ۽ سڀني کيس مبارڪون پئي ڏنيون، پر ڪڻو ٻئي ڪنھن جي نالي نڪتو. هڪ عارضي ليڪچرار جنھن کي اتي پڙهائيندي گهڻا سال ٿي ويا هئا ۽ جنھن جي لاء چيو ٿي ويو تہ سندس شاگرد بہ ليڪچرار ٿي ويا هئا. دانش ان جا ڪي ٻيا ڪارڻ بہ ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي تہ ضياء الحق پاران تعليمي ادارن مان شاگرد يونين کي ختم ڪرڻ ۽ سڄي سماج کي نسلي ۽ ٻولي جي بنياد تي ورهائڻ جو اثر جتي سماج جي ٻين حصن تي پيو اتي تعليمي ادارن جا استاد ۽ شاگرد بہ ان کان محفوظ نہ رهي سگهيا ۽ سندس اڙدو شعبي جي استاد نہ چونڊجي سگهڻ ۾ اهو بہ هڪ عنصر هو. دانش جي ڪجهہ دوستن کيس اهو چئي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن تہ يونيورسٽي جي انتظاميا جميعت جي اثر ۾ آهي ان ڪري اهي نہ چاهيندا تہ دانش جهڙو ترقي پسند خيالن جو استاد هتي اچي. پر منھنجو خيال اهو آهي تہ ان سان گڏ سندس نسلي ۽ لساني سڃاڻپ پڻ هڪ وڏو ڪارڻ هئي جنھن ان ڳالھہ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان سڄي صورتحال متعلق سندس چوڻ آهي تہ ڪجهہ وقت کانپوء فرمان فتحپوري ۽ انٽرويو پينل ۾ شامل هڪ ٻئي رڪن جي ڌيئن کي اڙدو شعبي ۾ عارضي ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ بہ ٻہ ڀيرا جڏهين هن ان شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي لاء درخواست ڏني تہ مختلف طريقن سان کيس ان کان محروم ڪيو ويو. ڪڏهين انٽرويو ليٽر ئي کيس انٽرويو ٿيڻ کان پوء مليو ۽ ڪڏهين انھن عھدن تي اڳ ئي ايڊهاڪ بنيادن تي پنھنجن ماڻھن جو تقرر ڪيو ويو جن کي انٽرويو جي رسمي ڪاروائي کان پوء پڪو ڪرڻو هو.
ان کي ڏسندي دانش جو ويجهڙ ۾ پاڪستان اچڻ ممڪن نہ ٿو لڳي.