آريسر جا ٻہ ڪتاب
سندس ڪتاب ”ويراڳي جي وڃڻا هئا“ مختلف شخصيتن متعلق، جن سان سندس مختلف موقعن تي ملاقات ٿي ۽ واسطو پيو، تاثر آهن. خاص طور رسول بخش پليجو سان هزار اختلافن ۽ جلسن ۽ گڏجاڻين ۾ هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ ۽ گارين ڏيڻ جي باوجود، هو سندس شخصي، ذهني ۽ هڪ مقرر طور صلاحيتن کي ساراهي ٿو.
سندس ٿر جي هڪ ڏندڪٿائي سماجي ڪارڪن مسڪين جھان خان کوسو سان هڪ ملاقات ڪافي متاثر ڪندڙ آهي. مسڪين حيدرآباد جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ داخل هو، جتي آريسر کي بہ جيل مان علاج خاطر آندو ويو هو. ان وقت مسڪين جي حالت اها هئي تہ هو ڳالھائي نہ پيو سگهي ۽ ايستائين تہ پنھنجي بدن تان مکين کي بہ نہ پيو هٽائي سگهي. اسپتال ۾ سندس سار سنڀال لاء ڪو ماڻھو موجود نہ هو. آريسر کي ان ڳالھہ تي افسوس ٿئي ٿو تہ هڪ پاسي مدر ٽريسا کي سندس سماجي ڪم جي مڃتا ڪري نوبل انعام ڏنو ويو ۽ ٻئي پاسي هي ماڻھو آهي، جنھن پنھنجي سڄي حياتي ٿر جي ماڻھن جي خدمت ڪندي گذاري ۽ اڄ ان رحم جوڳي حالت ۾ آهي. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين مسڪين گذاري ويو تہ ڪير سندس مڙه وٺڻ لاء تيار نہ هو ۽ ڪجهہ ڏينھن کانپوء سندس اڪيلو پٽ سندس لاش کڻي ويو.
آريسر جي سياسي جماعت جي ڪارڪنن کيس چوٿين دنيا جي دانشور جو خطاب ڏنو هو. سندس چوڻ آهي تہ هڪ ڀيري لطيف ڊي جي موقعي تي پير حسام الدين راشدي کيس چيو تہ هو پنھنجن ڪارڪنن کي ان لقب کي استعمال ڪرڻ کان منع ڪري ۽ هن پنھنجي تقرير ۾ ائين ڪيو. سندس ان ڪتاب ۾ اياز متعلق ٻہ مضمون شامل آهن. هڪ اياز سان سندس پرنس ڪامپليڪس واري گهر تي ملاقات متعلق آهي، جڏهين تہ ٻئي ۾ اياز کي سندس وفات کانپوء خراج پيش ڪيو ويو آهي. هو اياز جي شاعري کي تہ ساراهي ٿو پر ان وقت سندس لھجو ڪافي معذرت خواهانا هجي ٿو، جڏهين هو خاص طور شاعر جي ڀٽو کي شاه عنايت ۽ مخدوم بلاول سان ڀيٽ ڪرڻ متعلق لکي ٿو.
نامياري ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن ڪيرت ٻاٻاڻي متعلق هو لکي ٿو تہ سندس ڀارت جي دوري وقت هن ڪيرت کي ان ڳالھہ تي قائل ڪيو هو تہ اهي ڀارت ۾ سنڌين لاء ڌار پرڳڻي جي گهر نہ ڪن. ڇاڪاڻ تہ ان سان مھاجرن کي سنڌ ۾ ساڳي گهر ڪرڻ جو بھانو ملي ويندو. ڪيرت نہ رڳو سندس ان ڳالھہ کي مڃيو پر ساڻس گڏجي ان مسئلي تي پريس ڪانفرنس پڻ ڪيائين. پر ڪيرت پنھنجي آتم ڪٿا ۾ اهڙي ڪنھن ڳالھہ جو ذڪر نہ ڪيو آهي ۽ ان جي بجائي هو ڀارت ۾ سنڌين لاء ڌار پرڳڻي جي گهر ڪرڻ ۾ سرگرم رهيو هو.
آريسر هڪ سٺي مقرر طور ڄاتو وڃي ٿو. اها ڳالھہ سندس لکڻين ۾ بہ ظاهر ٿئي ٿي، جتي بجائي مواد جي لفظن جو جادو وڌيڪ ڪم آندو ويو آهي. مختلف موقعن تي ماڻھو کي اهو محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ کي بجائي سحر انگيز ٻولي استعمال ڪرڻ جي انھن شخصن متعلق ڪجهہ معلومات ۽ ٺوس مواد ڏيڻ گهرجي ها. هو نذير عباسي سان جيل ۾ پورو هڪ سال رهيو، پر هن پنھنجي ڊگهي مضمون ۾ ان جي شخصيت ۽ جيئن هن ان کي ڏٺو متعلق رڳو ڪجهہ اکر لکيا آهن.
پنھنجين لکڻين جي حوالي سان هن مولانا غلام مصطفا قاسمي جو حوالو ڏنو آهي. مولانا سندس موجودگي ۾ پير حسام الدين راشدي کي چيو تہ آريسر جون لکڻيون تحقيقي نہ پر دعوتي آهن. پھريون مولانا عبيدﷲ سنڌي جو لکڻ جو انداز هو جڏهين تہ پويون مولانا آزاد جو هو. آريسر ان تي وراڻيو تہ هو مولانا آزاد کان متاثر آهي.
ڪتاب ۾ شامل ڪجهہ مضمون تقريرون آهن جيڪي هن مختلف موقعن تي ڪيون آهن.
آريسر جو ٻيو ڪتاب سندس جيل ڊائري ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ آهي. اها ڊائري اسپتال جي وارڊ ۾ لکيل آهي جتي کيس علاج خاطر داخل ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ جيل ڊائري مان عام طور اهو تاثر ملندو آهي تہ اها جيل جي واقعن ۽ حالتن متعلق هوندي جيئن گهڻو ڪري ٿيندو آهي، پر اها ڪجهہ معاملن ۾ ان کان مختلف آهي ۽ ليکڪ ان جي بجائي ٻين معاملن تي توجھہ مرڪوز ڪئي آهي.
هن ڊائري ۾ ليکڪ مختلف سياسي جماعتين جي قيدي ڪارڪنن جي گڏجاڻين ۽ انھن جي اختلافن ۽ خاص طور سندس ۽ رسول بخش پليجو وچ ۾ مختلف سياسي مسئلن تي اختلافن پر گهڻو ڪري ٻين معاملن متعلق لکيو آهي. هو جيئن تہ نذير عباسي سان بہ هڪ عرصو جيل ۾ رهيو هو ان ڪري مون کي ان متعلق سندس ڪجهہ ٺوس راين ڄاڻڻ جو تجسس هو پر هن ان متعلق رڳو ڪجهہ عام ڳالھيون ڪيون آهن جيئن سندس هڪ ٻي جيل ڊائري ۾ بہ آهي. جيل جي حالتن ۽ اتان جي عملدارن جي روين متعلق تمام گهٽ ڄاڻ ملي ٿي. هي ڊائري جون اهم خاصيتون آهن.
1) ليکڪ جو واسطو جيئي سنڌ محاذ سان آهي ۽ هو جي ايم سيد جو پوئلڳ آهي. پر هو گهڻي ساراه ابوالڪلام آزاد، جواهرلال نھرو ۽ مھاتما گانڌي جي ڪري ٿو. هن انھن متعلق تفصيل سان لکيو آهي جڏهين تہ جي ايم سيد ۽ ان جي سياسي، علمي ۽ ادبي ڪردار متعلق گهٽ لکيو آهي
2) گانڌي جي عدم تشدد جي نظرئي کي ساراهيندي هو نھايت واضح لفظن ۾ اهو لکي ٿو تہ تہ ڀڳت سنگه ۽ انھن سڀني جو جن تشدد جي هڪ سياسي هٿيار طور وڪالت ڪئي ٿي هندوستان جي آزادي جي جدوجھد ۾ ڪو حصو ناهي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ مھاتما گانڌي کي وڃي ٿو.
3) جيتوڻيڪ هن پنھنجي سياسي جدوجھد ۽ پارٽي متعلق گهٽ لکيو آهي پر هڪ مرحلي تي جڏهين جيل جي عملدارن پاران کيس چيو ٿو وڃي تہ هو اسپتال ۾ گهڻن ماڻھن سان نہ ملي تہ هو پاڻ کي روڪي نہ ٿو سگهي ۽ پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي لکي ٿو تہ سندس پنھنجي پارٽي جو همراه ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن جو صدر حبيب ﷲ ناريجو ان سڄي ڳالھہ جي پويان آهي. ڇاڪاڻ تہ کيس ڊپ آهي تہ آريسر جو ائين مختلف ماڻھن سان ملڻ سندس ٻئي ڀيري صدر چونڊجڻ ۾ رڪاوٽوڻ وجهي سگهي ٿو. هو ان ڳالھہ تي افسوس ٿو ڪري تہ اسپتال ۾ سندس مناسب طريقي سان علاج نہ ٿو ڪيو وڃي ۽ اهي ماڻھو ان ڳالھہ کان واقف ناهن تہ جيڪڏهين کيس جيل منتقل ڪيو ويو تہ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي ويندي.
4) جيتوڻيڪ اهي نثر جا ٽڪرا آهن ۽ تقريرون ناهن پر هن ڊائري ۾ پڙهندڙ کي ڪنھن مضمون ۽ ڪنھن سياسي يا ادبي گڏجاڻي ۾ ڪيل تقرير ۾ فرق گهٽ محسوس ٿئي ٿو.
5) ان ڊائري کي ليکڪ جي سڄي دنيا جي معاملن متعلق خيالن جي اپٽار ڪري ليکي سگهجي ٿو.
