موريا سلطنت ۽ زوال جا ڪارڻ
موريا خاندان نندا خاندان، جنھن جو تعلق شودرن جي ذات سان هو، کان اقتدار حاصل ڪيو هو. اشوڪ ان جو ٽيون حڪمران هو. ان خاندان جو بنياد چندرگپت موريا وڌو هو. هي اهو دور هو جڏهين هندوستان جي معيشت، سماج ۽ سياست ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون هيون. خانہ بدوشي ۽ جانور پالڻ واري زندگي کان سماج زرعي معيشت ۽ هڪ جاء تي سڪونت اختيار ڪرڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو هو. ان وقت جيتوڻيڪ ذات پات جو نظام رائج ٿي چڪو هو. پر هڪ تہ اهو سخت ۽ موروثي نہ هو ۽ ذات تبديل ٿي سگهي ٿي جڏهين تہ ٻي ڳالھہ اها هئي تہ برهمڻ سڀ کان اتم ذات نہ هئي پر اهو درجو کشترين کي حاصل هو. پوء جي دور ۾ ڪاريگر ۽ واپارين جو طبقو، جنھن جو ٽئين درجي وئيش سان واسطو هو، هڪ مضبوط حيثيت اختيار ڪري رهيا هئا ۽ اوچي ذات خاص طور برهمڻن لاء هڪ چئلينج بڻجي رهيا هئا. ٻڌ مت، جين مت ۽ ٻيا مختلف عقيدا انھن لاء ڀرجهلو بڻجي رهيا هئا.
سڌارٿ ٻڌ 563 قبل از مسيح ۾ پيدا ٿيو. جڏهين تہ 323 قبل از مسيح ۾ سڪندر اعظم جي وفات ڪري پيدا ٿيل خال جو فائدو وٺندي چندر گپت موريا هڪ وڏي فوج گڏ ڪري 321 قبل از مسيح جي لڳ ڀڳ اوڀر هندوستان ۾ مگدا تي قبضو ڪري نندا خاندان جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ هڪ وسيع سلطنت جو بنياد وڌو جيڪا 185 قبل مسيح تائين رهي. پنھنجي اقتدار جي پوئين دور ۾ چندرگپت جين مت اختيار ڪيو ۽ پوء اقتدار پنھنجي پٽ بندو سرا جي حوالي ڪري پاڻ هڪ راهب جي زندگي اختيار ڪندي ملڪ جي ڏورانھن علائقن ۾ نڪري ويو. سندس موت جين طريقي موجب فاقہ ڪشي ڪري ٿي.
بندو سر راهبن جي هڪ فرقي اجيويڪا، جيڪو هندوستان ۾ سڌارٿ ٻڌ ۽ مھاوير کان بہ اڳ موجود هو، جو پوئلڳ هو.
ساڳي وقت موريا حڪمرانن جو ان وقت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سڪندر مقدوني جي مقرر ڪيل حڪمرانن سان پڻ رابطو هو. موريا دربار جي حرم ۾ يوناني عورتون بہ هيون جن جي اثر رسوخ کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي. اشوڪ جي وفات کانپوء سندس وسيع سلطنت انتشار ۽ زوال جو شڪار ٿي ويئي. موريا خاندان جي حڪومت 321 قبل مسيح کان 185 قبل مسيح تائين يعني اٽڪل 136 سال رهي. ان مان اٽڪل چوراسي سال پھرين ٽن حڪمرانن حڪومت ڪئي. اشوڪ کان پوء ان خاندان جا ڇه حڪمران آيا جن جي حڪومت جو ڪل عرصو ٻاونجاه سال آهي. اهي ڪمزور حڪمران هئا جن مختصر عرصي لاء حڪومت ڪئي. انھن جي حڪومت جو دارومدار دربار جي طاقتور ڌرين جي خوشنودي ۽ رضامندي تي هوندو هو ۽ ڪن کي تہ انھن اقتدار کان هٽائي ٻين کي مقرر ڪيو ٿي. مختلف ذريعا انھن جي نالن تي بہ متفق ناهن. بھرحال آخري حڪمران برهادراٿا کي سندس جنرل پشيا مترا فوجي پريڊ جي معائني جو بھانو ڪندي قتل ڪري ڇڏيو ۽ شنگا خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو.
اشوڪ هڪ وسيع سلطنت جو بنياد رکيو هو جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو هندوستان شامل هو. سندس وفات کانپوء ان کي سندس وارثن ٻن حصن اوڀر، جنھن جي گادي جو هنڌ پاٽلي پترا هو، ۽ اتر اولھہ جنھن جو مرڪز ٽيڪسيلا هو، ۾ ورهائي ڇڏيو. ان جي ڪري رياست جي مرڪزيت ختم ٿي ويئي ۽ ٻاهرين ڪاهن، خاص طور پاڙيسري يوناني رياستن جي اتر اوله واري حصي تي ڪاهن جي صورت ۾ اوڀر پاران ان جي واهر نہ ٿي ٿي سگهي. موريا سلطنت جي زوال جو هڪ اهم ڪارڻ برهمڻن جي ناراضگي بہ ڄاڻايو وڃي ٿو. جيٽوڻيڪ اشوڪ پاران پنھنجن ڪامورن کي برهمڻن جي عزت ۽ خيال ڪرڻ لاء واضح هدايتون هيون پر سندس کنيل قدمن خاص طور جانورن جي قرباني تي پابندي، جيڪا برهمڻن جي آمدني جو اهم ذريعو هوندي هئي، ۽ ٻيو برهمڻن کي مٿائهين حيثيت ڏيڻ بجائي سڀني ماڻھن سان برابري جو ورتاء بہ سندن ناراضگي جو ڪارڻ هو. جيتوڻيڪ موريا حڪمرانن جو واسطو کشتري ذات سان هو پر ڪجهہ تاريخدان نندا خاندان جيان انھن کي بہ شودر سمجهن ٿا جيڪا ڳالھہ پڻ برهمڻن لاء برداشت جوڳي نہ هئي. شنگها خاندان جي صورت ۾ وري برهمڻن جو راڄ قائم ٿيو هو. ان خاندان جي باني پشومترا لاء چيو وڄي ٿو تہ هن چيو هو تہ اشوڪ جيڪي چوراسي هزار ڪتبا ٺاهيا هئا، هو انھن سڀني کي ڊاهي ڇڏيندو پر هن ائين نہ ڪيو. زوال جو هڪ ڪارڻ اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ بادشاه انتظام لاء جيڪي ڪامورا مقرر ڪندو هو، اهي رياست جي بجائي بادشاه سان وفادار هوندا هئا ۽ پوء نئون بادشاه انھن کي تبديل ڪري پنھنجي پسند جا ماڻھو آڻيندو هو. اهڙي ريت هڪ تہ پاليسين ۾ تسلسل نہ هوندو هو ۽ ٻيو هڪ غيريقيني واري صورتحال هوندي هئي. ان سلسلي ۾ هڪ عنصر اهو بہ هو تہ سماج ڌيري ڌيري تبديل ٿيندو رهندو هو جڏهين تہ سياسي ڍانچو ان تبديلي سان پاڻ کي ٺھڪائي نہ سگهندو هو ۽ نتيجي ۾ سياسي تبديلي جو عمل واقع ٿيندو هو.
جيتوڻيڪ اها هڪ وسيع سلطنت هئي پر مختلف علائقن جي ماڻھن ۾ معاشي، ثقافتي ۽ ٻولي وغيرہ جي لحاظ کان وڏا فرق هئا. اتر ۾ گنگا ماٿري معاشي لحاظ کان ڏکڻ کان وڌيڪ اڳتي وڌيل هئي ۽ ان فرق کي ختم ڪرڻ لاء ڪي جوڳا قدم بہ نہ کنيا ويا. ساڳي ريت اتر ۾ پراڪرت ڳالھائي ويندي هئي جڏهين تہ گنڌارا واري علائقي ۾ يوناني ۽ آرمينائي ڳالھائي ويندي هئي. مطلب اهو تہ اها هڪ قوم بجائي مختلف گروهن جو اهڙو مجموعو هئي جنھن ۾ گهڻا فرق ۽ اختلاف موجود هئا جيڪي مرڪزي ضابطي جي ڪمزور ٿيڻ ڪري معاندانا صورت پڻ اختيار ڪري ويندا هئا.
