دريا ۽ ماڻھو
سنڌو جو انت لھڻ گهڻن لاء هڪ خواب مثل رهيو آهي. ڪن تبت تائين سفر ڪيو آهي، جتان دريا شروع ٿئي ٿو، ڪن اٽڪ کان پنھنجو سفر شروع ڪيو آهي، جتي ڪابل دريا سنڌو جو حصو بڻجي ٿو، جڏهين تہ اڳوڻي براڊ ڪاسٽر رضا علي عابدي لداخ کان اهو سفر شروع ڪيو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ اڳتي وڃڻ جي اجازت نہ هئي. اهو علائقو ٽن ملڪن پاڪستان، ڀارت ۽ چين جي فوجي سرگرمين جو مرڪز آهي. هن بي بي سي جي نمائندي طور اهو سفر گذريل صدي جي اسي جي ڏهاڪي جي آخر ڌاري ڪيو. ريديو تان ان جو تفصيل سلسليوار هليو ۽ پوء ان کي شير دريا جي نالي سان ڪتابي شڪل ويئي. اهو سفر ڪنھن ٻيڙي وغيرہ ۾ نہ پر دريا جي ڪنارن کان ڪيو ويو آهي ۽ مختلف علائقن جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، ٻولي ۽ ڪلچر وغيرہ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. گهڻو دارومدار، ليکڪ سفر ڪندي جنھن علائقي کي ڏٺو آهي ۽ مختلف ماڻھن کان جيڪي انٽرويو ورتا آهن، انھن تي آهي. ائين کڻي چئجي تہ ٽيه پنجٽيھہ سال اڳ انھن علائقن جي جيڪا صورتحال هئي ان تي هڪ طائرانہ نظر وڌي ويئي آهي.
لداخ ۾ ٻڌمت، هندومت جا پوئلڳ ۽ مسلمان آهن. انھن ۾ گهڻائي ٻڌ مت جي پوئلڳن جي آهي. دريا هوندي بہ اهو علائقو ويران ۽ غير آباد آهي. ڪجهہ ڳوٺ دريا جي سطح کان مٿي آهن جنھن جو اتان جي ماڻھن کي ڪو بہ فائدو ڪونھي. ليکڪ اسڪردو، چلاس، گلگت، ڪوهستان ۽ ٻين مختلف اهڙن علائقن، جيڪي دريا کان مٿي آهن ۽ دريا سان لڳ آهن، اهو پڇيو تہ ڇا کين دنيا جي هن وڏن دريائن مان هڪ مان ڪو فائدو آهي. گهڻن، بلڪہ اٽڪل سڀني جو اهو چوڻ هو تہ کين ڪو فائدو تہ ڪونھي، پر اڪثر نقصان ٿيندو آهي. جبلن تان جيڪي ڇپون ڪرنديون آهن، انھن جي ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي ۽ دريا جي سطح مٿي ٿي ويندي آهي، جنھن جي ڪري گهر زمينون ۽ ماڻھو ٻڏي ويندا آهن. شاهراه قراقرم جي ٺھڻ کان اڳ اهو سڄو علائقو ڄڻ دنيا جھان کان ڪٽيل هو. ماڻھن کي نہ ريڊيو ٽيليويزن جي ڄاڻ هئي ۽ نہ انھن موٽرڪار ۽ جيپ وغيرہ ڏٺي هئي. شاهراه جي ٺھڻ سان جيتوڻيڪ گهڻيون تبديليون آيون آهن، پر خاص طور چيني انجنيئرن جي واپس وڃڻ کان پوء ان جي خراب حالت آهي ۽ ڪن ڪن جاين تي ٻھراڙي جي سڙڪن جو ڏيک ڏيندي آهي.
هتان جو واپار گهڻي ڀاڱي هندن جي هٿ ۾ هو. مقامي ماڻھن کي واپاري معاملن جي گهڻي ڄاڻ ناهي. ان ڪري انھن جي لڏي وڃڻ کانپوء پنجاب ۽ ڪي پي جي ماڻھن هتي اچي ڪاروبار سنڀاليو آهي. تعليم ۾ واڌارو آيو آهي ۽ ڇوڪرن کانسواء ڇوڪريون بہ تعليم حاصل ڪرڻ لڳيون آهن. بالغن جي تعليم لاء نئين روشني اسڪول قائم ڪيا ويا، جيڪي پوء بند ٿي ويا. پر هتي پڙهيل لکيل نوجوانن لاء ڪو ڍنگ جو روزگار ناهي. اهي هوٽلن تي ڪم ڪن ٿا، دريا تي مڇيون مارين ٿا ۽ يا سڄو ڏينھن ائين ئي رلندا رهن ٿا.
ڪوهستان جي ماڻھن جي اکين ۾ هڪ وحشت آهي، جنھن کي ڏسي ڊپ لڳندو آهي. کيس ٻڌايو ويو تہ هتي ڦرمار ۽ مسافرن کي ڦرڻ وغيرہ جا واقعا تہ نہ ٿا ٿين، پر قتل جو بدلو چاليه پنجاه سال کانپوء بہ ورتو وڃي ٿو.
ٿاڪوٽ اخري شھر آهي، جتان پوء دريا ميدانن ۾ داخل ٿئي ٿو. هتي هڪ وڏو جبل جيڏو تربيلا ڊيم ٺاهي، دريا تي بندش وڌي ويئي آهي. هن ان ڪالوني کي بہ ڏٺو، جيڪا ڊيم جي ڪري بي گهر ٿيل ماڻھن لاء ٺاهي ويئي هئي. ان لاء اهو چيو ويو هو تہ ان ۾ ماڻھن کي سڀ سھولتون مھيا ڪيون وينديون. پر ان ڪالوني ۽ اتان جي ماڻھن کي پنھنجي حال تي ڇڏيو ويو ۽ اهي اتي ڪسمپرسي جي حالت ۾ رهي رهيا هئا.
ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ ٿورو اڳتي هلي خيبر پختونخواه جو هندو جو علائقو آهي جتان دريا پار ڪري پنڊي جي علائقي حضرو ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. پراڻي دور ۾ هندوستان تي حملو ڪندڙ هندو مان دريا پار ڪري حضرو پنجاب ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ پوء دھلي ڏانھن رخ ڪندا هئا. حضرو پنجاب جو اهو علائقو آهي، جيڪو ولايت جو ڏيک ڏئي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ ان علائقي جا گهڻا ماڻھو ٻين ملڪن ۽ خاص برطانيا ۾ لڏي ويا آهن. گهر جو هڪ اڌ فرد هتي رهي ٿو پر گهرن جي آرائش نھايت سھڻي نموني ڪئي وڃي ٿي ۽ زندگي جي هر آسائش موجود هجي ٿي. کين اها شڪايت هجي ٿي تہ کين انگلينڊ جو ويزا ڏکيو ملي ٿو ۽ اهڙا گهڻا مڙس پنھنجين زالن کانسواء رهي رهيا هئا.
ان کانپوء ليکڪ ميانوالي جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪو انتظامي طور تہ پنجاب جو حصو آهي پر پنجاب وارن جي ليکي اهو ڪي پي ۾ آهي جڏهين تہ ڪي پي وارا ان کي پنجاب ۾ سمجهن ٿا. ان علائقي ۾ سرائيڪي ۽ پشتو ڳالھائي وڃي ٿي.
ليکڪ اتان جي هڪ علائقي ڪلر مثاني ۾ ويو. هڪ پٺتي پيل علائقو جتي ماڻھو بجلي لڳائڻ بہ قبول نہ ٿا ڪن تہ ان سان اهي مري ويندا. هو ڊيرہ اسماعيل خان ۾ خاص طور گومل يونيورسٽي جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا اتان جي مخير ۽ شھر جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. هتان جي ماڻھن جو چوڻ آهي تہ دريا جو کين ڪو فائدو ناهي. اڳ جبلن تان جيڪو پاڻي ايندو هو ان تي بند ٻڌي ان کي زراعت لاء استعمال ڪيو ويندو هو، پر هاڻي اهو نظام ختم ٿي ويو آهي ۽ جبلن جو اهو پاڻي سندن پوک ۽ زمينن کي نقصان پھچائي سڌو دريا ۾ هليو وڃي ٿو.
ليکڪ وٽ جيڪو نقشو هو، ان مطابق هو دريا جو ڪنارو وٺي، سڌو ڊيرا غازي خان وڃي سگهيو ٿي، پر کيس ٻڌايو ويو تہ اها سڙڪ هاڻي زبون حالت ۾ آهي ۽ سفر جوڳي ناهي. ان ڪري کيس دريا پار ڪري بکر وڃڻو پيو ۽ اتان ريل رستي ڊيرہ غازي خان. ديرا جات جي ان علائقي ۾ گهڻي ڀاڱي بلوچ قبيلا رهن ٿا ۽ بلوچستان سان پنھنجي وابستگي کي ظاهر ڪن ٿا. ليکڪ جڏهين اتي هو تہ اتي بلوچستان جي ڪنھن تنظيم پاران بلوچستان جي مسئلن جي حوالي سان جلسو ٿي رهيو هو. هتان جي ماڻھن جو بہ مينھن جي مند ۾ جبلن کان ايندڙ پاڻي جو مسئلو آهي، جنھن سان سندن جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو. هتان جي ماڻھن جي بہ دريا کان ساڳي شڪايت آهي تہ کين ان مان فائدو نہ پر نقصان آهي.
سنڌو بھاولپور ۾ ريتي جي علائقي مان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. سکر ۾ هن عورتن کي ٻيڙي هلائيندي ڏٺو ۽ هڪ عورت جي ٻيڙي ۾ سفر بہ ڪيو. هو عورت کيس ٻڌائي ٿي تہ اهي بہ عام ماڻھن وانگر گهر ۾ رهڻ چاهين ٿا، پر حڪومت پاران اهڙي ڪا سھولت نہ ٿي ڏني وڃي. هتي ان ڳالھہ جي کوجنا ڪري ٿو تہ سنڌي ۽ مھاجر اڳ هتي ڀائرن وانگر رهندا هئا نيٺ منجهن اهو تفرقو ۽ تضاد ڇو پيدا ٿيو. ان لاء هو حليم پيرزادو سان ڳالھائي ٿو، جيڪو کيس ٻڌائي ٿو تہ ان جو مک ڪارڻ ون يونٽ آهي، جنھن جي ڪري هتي ننڍيون وڏيون سڀ نوڪريون بجائي مقامي ماڻھن کي ڏيڻ جي ٻين صوبن جي ماڻھن کي ڏنيون ويون ۽ جڏهين سڀ جايون ڀرجي ويون تہ ون يونٽ کي ختم ڪيو ويو.
هتان هو لاڙڪاڻو وڃي ٿو، جتي شھر جي صورتحال ڏسي کيس افسوس ٿئي ٿو تہ اڳ اهو هڪ صاف سٿرو ۽ سٺو شھر هو، پر هاڻي گندگي ۽ بي توجھي جو شڪار ٿي ويو آهي. اڳ جتي مختلف ميون جا باغ ۽ پارڪ هوندا هئا، اتي هاڻي عمارتون ٺھي ويون آهن. سندس چوڻ آهي تہ اهو واحد شھر هو جتان جي ماڻھن جو چوڻ هو تہ کين رائيس ڪينال وغيرہ جي ڪري دريا مان فائدو ٿيو آهي. هتي کيس عبدالعزيز نالي هڪ همراه ملي ٿو، جنھن جو چوڻ هو تہ سندس خاندان ڀارت مان لڏي آيو هو ۽ کيس هتي رهندي هڪ ڊگهو عرصو ٿي ويو آهي. هو پاڻ کي سنڌي سمجهي ٿو پر هتان جا ماڻھو کيس قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. گهڻا اڙدو ڳالھائيندڙ لاڙڪاڻي مان لڏي ويا آهن ۽ کيس بہ جيڪڏهين پنھنجي گهر جا مناسب پئسا مليا تہ هو بہ هليو ويندو.
هتان هو حيدرآباد وڃي ٿو. هتي بہ شھر جي بدليل حالت ڏسي کيس افسوس ٿئي ٿو. شھر ۾ گندگي ۽ رش وڌي ويئي آهي. اڳ شھر ۾ ويڪرا رستا ۽ پارڪ هوندا هئا، اهي سڀ ماڻھن ۽ حڪومت ختم ڪري ڇڏيا آهن. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ شھر جا ماڻھو جيڪي اڳ امن ۽ سڪون سان رهندا هئا اهي هاڻي ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا تہ ڪٿان جي گولي اچي ۽ ڪٿي ٿو بم ڦاٽي.
هتان هو سجاول وغيرہ مان ٿيندو ٺٽي پھچي ٿو، جتي جيتوڻيڪ ڪا نسلي ۽ لساني ڇڪتاڻ موجود نہ ٿي هجي، پراهو شھر جيڪو اڳ سنڌ جي گادي جو هنڌ ۽ علم ۽ ادب جو مرڪز هو، لاهري بندر جي ختم ٿي وڃڻ ۽ حيدرآباد جي گادي جي هنڌ ٿيڻ ڪري، هن وقت هڪ ڪسمپرسي واري حالت ۾ آهي. هتان سنڌو جي ڊيلٽا جو علائقو شروع ٿئي ٿو.
هتي خاص طور ابوظھبي جي حڪمرانن پاران پنھنجي شڪار جي سھولت لاء سڙڪون ۽ محل وغيرہ ٺھرايا ويا آهن. اهڙي هڪ محل ۾ ملازمن پاران ليکڪ کي محل گهمڻ جي اجازت ڏني ويئي، جنھن جا تفصيل هن بي بي سي تي نشر ڪيا جنھن جي ڪري اتان جي ٻن ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
ڊيلٽا جي پنھنجي هڪ ڏکوئيندڙ ڪھاڻي آهي. دريا ۾ پاڻي جي اڻھوند ڪري گهڻيون شاخون ختم ٿي ويون آهن. هڪ اڌ شاخ ئي آهي جنھن جي وسيلي دريا سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. ڏينھون ڏينھن سمنڊ جي دخل اندازي وڌنڌي وڃي ٿي. زرعي زمينون ختم ٿي ويون آهن. پيئڻ لاء پاڻي ناهي. ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن ۽ شھر ويران ٿي ويا آهن. شاه بندر جو رڳو نالو وڃي رهيو آهي. هتي سنڌو ۽ ليکڪ ٻنھي جو سفر ختم ٿئي ٿو.
