سارا شگفتہ: هڪ آزاد عورت جو الميو
انھن ڪتابن مان سارا جي شخصيت جو جيڪو خاڪو سامھون اچي ٿو، ان مان سندس خاندان سان گڏ خاص طور ان ادبي ماحول جو پڻ اندازو ٿئي ٿو، جنھن سان سندس واسطو هو. هڪ هيٺئين وچولي طبقي جي خاندان جي ڇوڪري جنھن جو وڏو مسئلو ڌي جي شادي ڪري پنھنجي جان آجي ڪرڻ هوندو آهي. اهڙي خاندان ۾ ڇوڪري جو رسمي تعليم حاصل ڪرڻ ئي وڏي ڳالھہ هوندي آهي. اهڙي ماحول ۾ سندس لکڻ، پڙهڻ، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ، ادبي محفلن ۾ وڃڻ ۽ اديبن سان ميل ملاقاتن کي پسند نہ ٿي ڪيو ويو. پنھنجي خاندان جي اصرار ۽ خاص طور پنھنجي ماء جي چوڻ تي هن ٽي ڀيرا شادي ڪئي. جيئن هڪ آزاد عورت کي خاص طور هڪ روايتي مرد هميشہ پنھنجي لاء هڪ خطرو ۽ عزت جو مسئلو سمجهي ٿو، ان ڪري مٿس شاعري ڪرڻ ۽ ادبي سرگرمين وغيرہ تي پابنديون لڳائي، کيس گهر تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
کيس پنھنجي مرضي موجب هلائڻ لاء مارموچڙو بہ ڪيو ويو پر هو پنھنجي ڪنھن بہ مڙس سان ٺھڪي نہ هلي سگهي ۽ ڪجهہ عرصي کانپوء وري پنھنجن مائٽن وٽ موٽي ٿي آئي. پنھنجي خاندان ۾ هو پنھنجي ماء جي وڌيڪ ويجهو هئي پر اها بہ ساڳي وقت کيس اهو سڀڪجهہ ڪرڻ کان منع ڪندي هئي ۽ هو جيڪي ڪجهہ لکندي هئي تہ اهي پنا بہ ساڙي ڇڏيندي هئي. سندس گهر وارن، ڀائرن ۽ ڀينرن کيس ئي پنھنجي ماء جي موت جو ذميوار قرار ڏنو ٿي.
ادبي دنيا جو کيس نھايت تلخ تجربو هو. جيتوڻيڪ سندس انور سن رائي، عذراعباس ۽ عطيہ دائود وغيرہ سان ويجها لاڳاپا هئا، پر سندس گهڻي ويجهڙائي امرتا پريتم ۽ احمد سليم سان هئي. کيس ۽ سندس شاعري کي گهڻا اديب ناپسند ڪندا هئا. ايستائين تہ پروين شاڪر جھڙي نامياري شاعرا کان کيس اها شڪايت رهي تہ هو سندس شاعري کي فحش چوندي ۽ مٿس تنقيد ڪندي هئي.
هن مڙداڻي پدرسري سماج ۾ کيس اها غلط فھمي هئي تہ ليکڪ ۽ اديب جيڪي عورت ۽ مڙد جي برابري جون دعوائون ڪندي نہ ٿا ٿڪجن انھن جو عورت ليکڪائن ڏانھن رويو عام ماڻھن کان مختلف هوندو. پر ائين ناهي ۽ اهو رڳو هڪ استشنا ئي ٿي سگهي ٿو. سارا کي ان جا نھايت تلخ تجربا ٿيا. هن جنھن شاعر تي ڀروسو ڪري ان سان شادي ڪئي ان کيس رڻ ۾ رولي ڇڏيو. وٽس جيڪي ڪجهہ هو، اهو کانئس ڦرڻ سان گڏ هڪ روايتي مڙد جي ذهنيت جو مظاهرو ڪندي کيس نوڪري ڇڏرائي گهر ويھاري ڇڏيو. سندس چواڻي تہ ان ليکڪ جا دوست روز سندن جهوپڙي ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ گهر ۾ فلسفو رڌبو ۽ منطق کائبي هئي.
سندس ڏک جو وڏو ڪارڻ سندس ٻار هئا. سندس ٽي ٻار تہ سندس اڳوڻي مڙس پاڻ وٽ رکيا. انھن کي نہ رڳو ساڻس ملڻ نہ ٿي ڏنو ويو پر انھن جي ذهن ۾ سندس خلاف مختلف ڳالھيون وڌيون ٿي ويون، جنھن جي ڪري انھن کيس هڪ سٺي ڪردار جي عورت نہ ٿي سمجهيو. سندس وڏو ڏک سندس اهو نئون ڄاول ٻار هو، جنھن جي اسپتال جو بل تہ ٺھيو هو، ان جي مري وڃڻ تي کيس ڪفن بہ نہ ڏيئي سگهي.
ان سڄي صورتحال کيس هڪ نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو هو. مائٽن پاران کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي کيس بجلي جا شاڪ ڏنا ويندا هئا. ڪجهہ عرصو اتي رهڻ کانپوء هو وري اصل چرين جي دنيا ۾ موٽي آئي. سندس نظم ۽ نثر منجهيل آهن. ان ۾ سندس پنھنجن ڏکن سان گڏ مڙد خلاف هڪ نفرت ۽ ڪروڌ ملي ٿو.
سندس ريل هيٺان اچي مرڻ پڻ هڪ معمو آهي. عام تاثر اهو آهي تہ هن آپگهات ڪيو هو جڏهين تہ هڪ ٻيو رايو اهو بہ آهي تہ هو پنھنجي پٽ جي قبر تي گل کڻي وڃي رهي هئي ۽ ريل هيٺان اچي ويئي.
سندس جيئري سندس شاعري جو هڪ مجموعو ڀارت ۾ ديوناگري رسم الخط ۾ شائع ٿيو هو جنھن کي هو پاڻ بہ پڙهي نہ پئي سگهي. پاڪستان ۾ ان وقت سندس ڪو ڪتاب شائع نہ ٿي سگهيو هو. مرڻ کانپوء گهڻن اديبن ساڻس ويجهڙائي جو ڊونگ رچايو ۽ سندس شاعري جي مجموعي کي شائع ڪرڻ جون ڳالھيون ڪيون.
