دريائن جي ڪٿا
ساڳي وقت اهو انساني تھذيب جو هڪ تضاد آهي تہ انسان جن دريائن جي ڪنارن تي پنھنجا شھر اڏيندو آهي ۽ جتي تھذيب ۽ علم ۽ ادب جي پالنا ٿيندي آهي، انھن ئي دريائن کي شھرن جي آبادي وڌڻ ۽ وڌيڪ جاء جي گهرج ڪري زمين ۾ پوري ڇڏيندو آهي، جنھن جي ايندڙ نسلن کي ڪا خبر نہ هوندي آهي. ناول جي هڪ ڪردار زليخا پاڻي جي سائنس جي ماهر آهي ۽ ان جي مختلف پاسن تي تحقيق ڪري ٿي. هن هڪ اهڙي سائنسدان سان ڪم ڪيو هو، جنھن اهو نظريو پيش ڪيو هو تہ پاڻي بہ هڪ جيو آهي ۽ اهو هڪ سوچ رکي ٿو. ساڳي ريت ان جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي. سندس ان نظرئي کي قبوليت نہ ملي، پر هو پنھنجي سوچ تي قائم رهيو ۽ حياتي جي پڇاڙي ڏاڍي تڪليف ۾ گذاريائين. ساڳي ريت بابل ۽ نينوا جي بادشاه اشربني پال جي مٿي تي مينھن جو جيڪو پھريون ڪڻو ڪريو هو، اهو هزارين سال پوء انگلينڊ جي ٿيمز دريا جي ڪناري جنم وٺندڙ مستقبل جي آرڪيالوجسٽ آرٿرسمٿ جي منھن تي برف جي ٽڪڙي جي صورت ۾ ڪري ٿو.
پيرس جي سين دريا جي تہ هرڪنھن کي ڄاڻ آهي. زليخا فرينچ سائنسدانن سان گڏجي پيرس جي هڪ ٻئي دريا Bievre، جيڪو سين جي شاخ هو ۽ گهڻو عرصو اڳ غائب ٿي ويو هو، جي ڳولھا ۽ ان کي وري جيئارڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. اوڻويھين صدي تائين اهو آمد ورفت جو اهم ذريعو هو ۽ پوء ماڻھن ۽ ڪارخانن جي ڪچري جي ڪري پيدا ٿيل گدلاڻ جي ڪري ان کي ڍڪي ۽ وساري ڇڏيائون. اهڙا دريا دنيا جي هر وڏي ننڍي شھر ۾ موجود آهن. ايٿنز ۾ اهڙا ٽي دريا هئا، جن جو هاڻي نالو نشان ناهي. ٽوڪيو کي پاڻي جو شھر چيو ويندو هو. هتي سو کان وڌيڪ چشمن ۽ نھرن کي سڙڪن ۽ رستن ٺاهڻ لاء ڍڪي ڇڏيائون. بڪنگهم محل هڪ نھر مٿان ٺاهيو ويو آهي. لندن ۾ ننڍا وڏا گهڻا دريا آهن، جن کي شھر جي واڌ ۽ گدلاڻ جي ڪري ڍڪي ڇڏيو ويو آهي. لنڊن جو دريا ٿيمز، جيڪو هن وقت هڪ صاف سٿرو ۽ شفاف دريا آهي، اوڻھويھين صدي جي وچ ڌاري هڪ گدلو دريا هو، جنھن ۾ گهرن ۽ ڪارخانن وغيرہ جو سڄو گند اڇلايو ويندو هو. سيوريج جي پيئڻ جي پاڻي ۾ گڏجي وڃڻ ڪري اڪثر ڪالرا جي وبا ظاهر ٿيندي هئي ۽ سوين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيندا هئا. شھر ۾ ان وقت اٽڪل ٽي لک گهوڙا هئا، جيڪي سواري لاء استعمال ٿيندا هئا. صفائي جو مناسب بندوبست نہ هوندو هو ۽ انھن گهوڙن جي لڏن تان ترڪي گهڻيون گهوڙا گاڏيون ڪري پونديون هيون، جيڪي ساڳي وقت ماڻھن لاء تماشي ۽ ڦرمار جو ذريعو هونديون هيون.
جيئن ننڍي کنڊ ۾ سنڌو، گنگا، جمنا ۽ سرسوتي متعلق مختلف ڏند ڪٿائون آهن، ائين دجله ۽ فرات متعلق بہ آهن. اهي ساڳئي علائقي جا ٻہ دريا آهن، پر ٻنھي جي مزاج ۾ فرق آهي. دجله هڪ تيز، جوشيلو ۽ ڪاوڙ وارو دريا آهي، جڏهين تہ فرات هڪ شانت ۽ سڪون سان وهندڙ دريا آهي. اهي ترڪي، شام ۽ عراق ۾ وهن ٿا. انھن دريائن متعلق اها ڏند ڪٿا آهي تہ اهي ٻن ڳوڙهن مان وجود م آيا. تيامت کاري پاڻي جي ديوي هئي ۽ اپسو چشمن ء مٺي پاڻي جو ديوتا هو. انھن جي پاڻ ۾ شادي ٿي، پر اپسو مردوڪ جي هٿان مارجي ويو. تيامت بدلي وٺڻ جي تياري ڪري ٿي. مردوڪ جي دعا جي نتيجي ۾ سندس بدن ڦھلجي زمين برابر ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙي ريت هو مردوڪ جي تير جو نشانو بڻجي وڃِي ٿي. تيامت اپسو جي ڏک ۾ جيڪي ٻہ ڳوڙها ڳاڙهيا، انھن مان اهي ٻہ دريا وجود ۾ آيا. بادشاه گلگيمش متعلق اها روايت آهي تہ جڏهين ان جي وفات ٿي تہ ان کي دريا جي هيٺان دفن ڪرڻ لاء فرات جي وهڪري کي غيرفطري طور ٻئي پاسي موڙيو ويو ۽ پوء ان کي دفن ڪرڻ کانپوء وهڪري کي وري ساڳي جاء تي آندو ويو. جن پورهيتن اهو سڄو ڪم ڪيو هو، انھن سڀني کي قتل ڪيو ويو تہ جيئن بادشاه جي دفن ٿيڻ جي اصل جاء جي ڪنھن کي خبر نہ پئجي سگهي. هتان جا ماڻھو پاڻي کي ايتري اهميت ڏين ٿا جو سندن ليکي هر شيءِ پاڻي آهي. مثال طور وڻ ڌرتي ۾ کتل پاڻي آهي، چشما وهندڙ پاڻي آهن جڏهين تہ انسان هلندڙ ڦرندڙ پاڻي آهي.
انساني سرگرمين دريا ۽ جيوت کي متاثر ڪيو آهي. حڪومتن پاران ڊيمن وغيرہ جي تعمير نہ رڳو اصلوڪن رهاڪن کي پنھنجا اجها ڇڏي لڏڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر ٻي جيوت پڻ متاثر ٿي آهي. صدام جي دور ۾ موصل ڊيم جي تعمير ڌٻڻن جي علائقي ۾ رهندڙ ماڻھن کي متاثر ڪيو ۽ گهڻا ماڻھو اتان لڏي ويا. ان علائقي جا ماڻھو هڪ ڊپ ۽ هراس جي زندگي گذاريندا هئا. خوشي ۽ معاشي سرگرمي ختم ٿي ويئي هئي. سياسي مخالفن جو غائب ٿيڻ هڪ معمول بڻجي ويو هو. انھن مان ڪجهہ موٽي ايندا هئا ۽ ڪجهہ بہ نہ ٻڌائيندا هئا تہ ساڻن ڇا وهيو واپريو ۽ گهڻن جا لاش دريا ۾ لڙهندي ملندا هئا. ايستائين تہ ان علائقي جي مذهبي عالمن دريا جي مڇي کائڻ کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو هو. ماحولياتي تبديلين ۽ مٿين علائقن ۾ ڊيمن وغيرہ جي تعمير انھن دريائن جي وهڪرن کي متاثر ڪيو آهي. خاص طور پڇڙي وارن ماڻھن تي ان جو گهڻو اثر پيو آهي.
