مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي زندگي

”ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري شخصيت ۽ سياسي جدوجھد“ ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت متعلق لکيل ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ ترتيب سيد مڪرم سلطان بخاري ڪئي آهي. اهو ڪتاب سنڌي ۽ اڙدو ٻنھي ٻولين ۾ ڇاپيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ان ڪري بہ اهميت آهي تہ هن پاڻ پنھنجين يادگيرين کي سھيڙڻ ۽ لکڻ جو ڪم نہ ڪيو.
ڪامريڊ مارچ 1900 ۾ احمد آباد ۾ پيدا ٿيو. جڏهين هن هوش سنڀاليو تہ دنيا وڏين تبديلين مان گذري رهي هئي. پھرين مھاڀاري جنگ ۽ آڪٽوبر انقلاب ٻہ اهڙا واقعا هئا، جن دنيا کي گهڻو متاثر ڪيو. ان سان گڏ هندوستان ۾ انگريز راڄ خلاف جدوجھد پڻ هلندڙ هئي. انھن سڀني ڳالھين کيس گهڻو متاثر ڪيو. مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا محمد علي جوهر سان سندس قربت سندس شخصيت، سوچ ۽ نظرين کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سفر سندس زندگي جو اهم حصو رهيو آهي. نوجواني ۾ ئي پئسن نہ هئڻ جي باوجود هو واپارين جي هڪ قافلي سان گڏ افغانستان، تاشقند، بخارا ۽ ماسڪو جي سفر تي نڪري پيو. هن سفر ۾ هن پنڌ ۽ خچرن تي ڏکين حالتن ۾ سفر ڪيو. ماسڪو ۾ سندس ڪميونسٽ اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون ۽ هو انھن کان گهڻو متاثر ٿيو. واپسي جي سفر ۾ کيس گرفتار بہ ڪيو ويو ۽ ڪجهہ عرصو هن قيد ۾ گذاريو. ان کانسواء بحري جھاز ۾ نوڪري دوران بہ هو مختلف ملڪن ۾ ويو.
ائين چئي سگهجي ٿو تہ سندس جواني جو عرصو جدوجھد ڪندي ۽ مختلف جيلن ۾ گذريو. مختلف وقتن تي هن اٽڪل ايڪويھہ سال هندوستان جي مختلف جيلن ۾ گذاريا. 1921 ۾ هو ڪراچي آيو ۽ هتي هارين ۽ پورهيتن جي تنظيمن کي منظم ڪرڻ جو ڪم ڪيو. هو ڪجهہ عرصو الوحيد سان بہ لاڳاپيل رهيو، جيڪا ان دور ۾ خلافت تحريڪ جي ترجمان هئي. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ پڻ سندس ڪردار هو. 1943 ۾ مزدور ڪنونشن جي سلسلي ۾ احمد آباد ويو، جتي سندس ملاقات شانتا سان ٿي جيڪا اتي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هئي، ۽ پوء ٻنھي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شادي کانپوء هو ڪراچي ۾ لائٽ هائوس سينيما جي ويجهو ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ۾ رهيا. هتي پارٽي جي گهڻن ڪارڪنن جو اچڻ هوندو هو ۽ ڪامريڊ شانتا انھن جي سارسنڀال ۽ کاڌي پيتي جو خيال رکندي هئي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ هڪ ڪميون هو.
ڪامريڊ بخاري انھن اڳواڻن ۾ شامل هو، جن 1924 ۾ ڪانپور ۾ انڊين ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو. هو 1942 کان 1948 تائين سنڌ جي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري هو. سوڀو گيانچنداڻي جو چوڻ آهي تہ کيس پارٽي ۾ آڻڻ وارو ڪامريڊ بخاري هو. هن پارٽي ۾ ان جي نائب طور ڪم ڪيو. سوڀي جو چوڻ آهي تہ جيتوڻيڪ ڪامريڊ اسٽالن جي پاليسين جي حمايت ڪندو هو جڏهين تہ سوڀو ان جو مخالف هو پر ان سان سندن ناتن تي ڪو فرق نہ پيو.
پاڪستان ٺھڻ کانپوء ڪراچي ۾ پيلس هوٽل جي بيرن جي هڙتال جي معاملي تي سندس پارٽي سان اختلاف ٿيو. گهڻا ميٽروپول هوٽل جي حوالي سان اها ڳالھہ ڪن ٿا جيڪا صحيح ناهي. ان هوٽل ۾ پرڏيھي سفارتڪار ۽ ٻيا وڏا ماڻھو رهندا هئا. بيرن جي هڙتال انھن ماڻھن لاء مسئلا پيدا ڪيا. بخاري جو ان سلسلي ۾ موقف اهو هو تہ حڪومت جي لاء اها هڪ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي ۽ اها ڪو بہ قدم کڻڻ کان نہ ڪيٻايندي ان ڪري اها مھم جوئي نہ ڪرڻ گهرجي ۽ هڙتال ختم ڪرڻ گهرجي. پر سندس ان موقف سان پارٽي جا گهڻا اڳواڻ متفق نہ هئا ۽ هڙتال کي جاري رکيو ويو. نتيجي ۾ حڪومت هڙتال ڪندڙ گهڻن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو جنھن ۾ بخاري بہ شامل هو.
بخاري جو پارٽي سان ڪلڪتي جي ڪانگريس ۾ اختيار ڪيل انتھا پسند پاليسي تي بہ اختلاف هو. ساڳي وقت هو ان ڳالھہ جي حق ۾ بہ نہ هو تہ پاڪستان جي پارٽي لاء ڪلڪتي ۾ فيصلا ڪيا وڃن. سندس موقف اهو هو تہ اهو پاڪستان ۾ موجود پارٽي جي ڪارڪنن جو حق اهي تہ اهي پنھنجي تنظيم متعلق پاڻ فيصلا ڪن. هو جيتوڻيڪ سجاد ظھير کي گهڻو پسند ڪندو هو، پر سندس چوڻ هو تہ ان کي نئين ملڪ جي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ڪرڻ مناسب نہ هو. ڇاڪاڻ تہ هڪ تہ ان کي پاڪستان جي ماڻھن ۽ انھن جي طور طريقن جي خبر نہ هئي ۽ ٻي ڳالھہ تہ هو بنيادي طور هڪ اديب هو، جنھن جو پارٽي معاملن سان گهڻو واسطو نہ رهيو هو.
پيلس هوٽل جي واقعي ۽ سندس ان موقف جي ڪري پارٽي اهو چئي، سندس پارٽي جي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي تہ هن حڪومت سان ساز باز ڪري پارٽي کي نقصان پھچايو هو. جيل ۾ هوندي سندس زال ۽ ٻآرن جي سنڀال ڪرڻ وارو ڪير ڪونہ هو. سندس نالي تي ماڻھن چندا گڏ ڪري پنھنجا ڀڀ تي ڀريا. هن جيل ۾ هوندي پنھنجي زال شانتا کي چيو تہ هو سندس آزادي لاء ڪوشش ڪري.
هو قاضي فضل ﷲ جي ضمانت تي آزاد ٿيو جيڪو کيس پاڻ سان لاڙڪاڻي وٺي ويو جتي هو سندس گهر ۾ پنھنجي خاندان سان ڪجهہ عرصو رهيو. لاڙڪاڻي مان هن سنڌي ۾ هفتيوار اخبار انصاف ۽ انگريزي ۾ نيو ايرا شروع ڪئي. هتي هن مختلف سنڌي اردو مشاعرا منعقد ڪيا ۽ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ساڳي ريت هو ون يونٽ مخالف تحريڪ جو پڻ حصو رهيو. لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس خاص تعلق رهيو. کيس سياست ۽ عوامي زندگي ۾ متعارف ڪرائڻ لاء هن قاضي فضل ﷲ سان گڏ کيس آبادگار بورڊ جي صدر ڪرڻ لاء ڪوشش ورتي. ذوالفقار علي ڀٽي گهر ٺھرائڻ لاء کيس علي حسن منگي جي ڪوآپريٽو بينڪ مان قرض وٺي ڏنو ۽ جڏهين هو اهو قرض ادا نہ ڪري سگهيو تہ ڀٽي پنھنجي کيسي مان سندس اهو قرض ادا ڪيو. ساڳي ريت جڏهين کيس ٽي بي ٿي تہ هن بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪري کيس ڪوئيٽا ۾ فاطمہ جناح ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايو جتي هو چار سال کن رهيو ۽ صحتياب ٿي واپس آيو. هتي ڪامريڊ امام علي نازش سندس عيادت لاء آيو ۽ کيس چيو تہ کيس پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو هڪ غلطي هئي پر ڪامريڊ کيس چيو تہ ان موضوع کي ڇڏيو ۽ ٻي ڪا ڳالھہ ڪريو.
1984 ۾ سندس وفات ٿي. سندس اٺ پٽ ۽ هڪ ڌي آهن جيڪي سڀ پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق آهن. پر سندس سياسي ۽ نظرياتي وارث سندس زال شانتا هئي، جيڪا زندگي جي هر موڙ تي ساڻس جدوجھد ۾ شامل رهي. ڪامريڊ شانتا جي وفات 2014 ۾ ٿي.