ڪرشن کٽواڻي، سوڀو ۽ سنڌ
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ننڍي هوندي مون تي ٽيگور، ڪيٽس ۽ شيلي جو گهڻو اثر هو. پھريان ٽي ناول هن پنھنجي يادگيرين کان مڪت ٿيڻ لاء لکيا، جڏهين تہ ٻين ۾ شانتي نڪيتن ۽ ڀارت جي مختلف علائقن جي ڪيل دورن جون يادگيريون آهن. سنڌ جي يادگيرين متعلق سندس ناول منھنجي مٺڙي سنڌ خاص طور سنڌ ۾ گهڻو مقبول ٿيو. ڪتاب هن پار مان هن پار تون ۾ سندس ڪھاڻين، شاعري مضمونن ۽ آتم ڪٿا وغيرہ جون ڪجهہ جهلڪيون ملن ٿيون.
هن چار سال شانتي نڪيتن ۾ گذاريا. ورهاڱي وقت کيس اتي اڃا ٻہ سال ٿيا هئا ۽ هو سنڌ ۾ ويڪيشن تي آيل هو. هتي پاڪستان ٺھڻ وقت جناح جي تقرير ٻڌڻ کانپوء هو 16 آگسٽ 1947 تي شانتي نڪيتن لاء روانو ٿي ويو. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين هن ٿر جي سرحد پار ڪئي تہ کيس اهو خيال آيو تہ هو شايد وري سنڌ موٽي نہ اچي سگهي. ڪلڪتي ۾ ڀارتيہ وشيہ پاران مليل ايوارڊ وقت هن چيو تہ بنگال سندس ٻيو گهر آهي. سندس گهر وارا سنڌ ڇڏڻ کانپوء راجستان ۾ هڪ جهوپڙي نما گهر مسواڙ تي وٺي اچي رهيا هئا.
هو سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي جي وڌيڪ ويجهو رهيو آهي. هو ڪراچي ۾ لائيٽ هائوس جي ويجهو ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ۾ سوڀي سان ڪچھري وغيرہ لا ويندو هو جتي سندس ملاقات ڪامريڊ بخاري سان بہ ٿيندي هئي. سوڀو کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏيندو هو ۽ کيس چوندو هو تہ ناول خاص طور زندگي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا آهن. سوڀو ان وقت جيل مان نڪرڻ کانپوء جڏهين سنڌ جي مختلف علائقن جي دوري تي ويو تہ کيس بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو. سوڀي کيس وشوا ڀارتي شانتي نڪيتن ۾ داخل ڪرايو، جتي هن چار سال گذاريا. جڏهين هو اسي جي ڏهاڪي ۾ سگا پاران ٿيل سچل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاء سنڌ آيو هو تہ هن هند جي ٻين سنڌي اديبن سان گڏ ڪجهہ وقت سوڀي سان سندس ڳوٺ ۾ گذاريو هو. سوڀي سان ايتري قربت جي باوجود هن ڪتاب مان اهڙو ڪو اشارو نہ ٿو ملي تہ سندس ڪميونسٽ پارٽي سان ڪو لاڳاپو هو يا هو ان جي نظرئي کان متاثر هو. هن مجموعي ۾ سوڀو گيانچنداڻي هڪ انسان جي عنوان سان هڪ مضمون آهي جنھن ۾ هن انھن سڀني ڳالھين جا تفصيل ڏنا آهن ۽ سوڀي کي خراج پيش ڪيو آهي. هڪ لحاظ کان سوڀو ڄڻ سندس آدرش رهيو آهي.
هن مجموعي ۾ ٻارنھن ڪھاڻيون شامل آهن. انھن ڪھاڻين ۾ پيار ۽ وڇوڙي جا احساس آهن. انھن مان اهو اندازو پڻ ٿئي ٿو تہ ورهاڱي جي نتيجي ۾ خاص طور هند جي سنڌين جي نئين نسل کي جيڪو ماحول مليو آهي ان جي ڪري سندن خاص طور سنڌي ٻولي ڏانھن ڪھڙو رويو آهي ۽ ان جي هندوستان ۾ ڇا صورتحال آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سمنڊ ۽ ان سان قربت جو گهڻو ذڪر ملي ٿو. ڪھاڻي هڪ ننڍڙي مرڪ جيان ننڍا ننڍا احساس سندس ڪھاڻين کي اندر کي ڇھندڙ ٺاهين ٿا. ڪھاڻي اڪيلي هڪ اهڙي آرٽسٽ ڇوڪري جي ڪھاڻي آهي، جيڪا پنھنجي پريوار وارن سان نہ ٿي هلي سگهي ۽ اڪيلي رهڻ ۾ ئي کيس سڪون ملي ٿو. سمنڊ ڪناري، ماستر صاحب. هڪ سنڌي جي آتم ڪھاڻي ۾ هن اهڙا ڪردار پيش ڪيا آهن جيڪي ورهاڱي جي ڪري آيل تبديلين جي ڪري تبديل ٿي ويا آهن يا جن کي انھن تبديلين متاثر ڪيو آهي. سمنڊ ڪناري هڪ اهڙي سنڌي خاندان جي ڪھاڻي آهي جنھن جي ڇوڪرين ڪانوينٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ انھن جو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان ڪو واسطو ناهي. انھن مان هڪ ڇوڪري کي هو ڀٽائي سمجهائي ۽ پڙهائي ٿو. ماستر صاحب سنڌي جي هڪ اهڙي استاد جي ڪھاڻي آهي جنھن کي اسڪول ۾ سنڌي پڙهندڙ ٻارن جي گهٽجندڙ تعداد جي ڪري ننڍين ڪلاسن کي هندي پڙهائڻ لاء چيو وڃي ٿو ۽ سندس پگهار بہ گهٽائي وڃي ٿي. ٻن سڀيتائن ۾ پلي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ اهڙي ڇوڪري جي ڪھاڻي آهي، جنھن جي شادي هندوستان جي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ هندو خاندان ۾ ٿئي ٿي پر اهي ان مان هندوستان جي روايتي طور طريقن مطابق هلڻ جي توقع رکن ٿا. پر آمريڪا ۾ نپني وڏي ٿيڻ جي ڪري اها انھن جي معيارن تي پوري نہ ٿي لھي ۽ نتيجو عليحدگي جي صورت ۾ نڪري ٿو.
ليکڪ جا مختلف شوق ۽ مصروفيتون رهيون آهن. لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏوگڏ کيس موسيقي ٻڌڻ جو شوق آهي. ان ۾ اولھہ جي موسيقي ۽ هندوستان جي ڪلاسيڪي موسيقي شامل آهن. لطيف ۽ سندس شاعري ڄڻ تہ سندس شخصيت جو حصو آهن جنھن جو هو مختلف موقعن تي ذڪر ڪري ٿو. پنھنجي شروعاتي دور ۾ هن مصوري جي تربيت پڻ حاصل ڪئي هئي.
هندوستان جي سنڌي ليکڪن ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪن ۾ فرق متعلق هو لکي ٿو تہ هندوستان جي سنڌي ليکڪن ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪن ۾ هڪ وڏو فرق آهي. اسين هن ڀر جا سنڌي ليکڪ وشو ساهتيہ جون ڳالھيون ڪندا آهيون ۽ هر وشيہ تي لکندا آهيون ( شايد سنڌين جي زندگي ۽ سندن مسئلن کي ڇڏي) پر سنڌ ۾ مون کي ليکڪن ٻڌايو تہ جو سنڌ جو سنڌي ليکڪ سنڌين جي هن جياپي جي لڙائي لاء نہ ٿو لکي، اهو اسان لاء ليکڪ ئي ناهي.
ڪرشن کٽواڻي هڪ گهڻ پاسائتو سنڌ دوست ليکڪ آهي جنھن جون لکڻيون پڙهندڙ جي احساسن ۽ جذبن ۾ نرمي ۽ مھذب پڻو پيدا ڪن ٿيون ۽ ڀارت لڏي ويل سنڌين ۽ خاص طور نئين نسل جي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت ڏانھن روين کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.
