هندوستان ۾ بحث مباحثي جي روايت
ويد رڳو مذهبي ڪتاب ناهن، پر ان ۾ فلسفي، ڪائنات جي وجود ۽ ايستائين تہ پالڻھار جي هئڻ نہ هئڻ ۽ ان جي وجود متعلق بحث ٿيل آهن. ڀڳود گيتا جيڪا مھاڀارت جو هڪ ننڍو حصو آهي ڪرشن ۽ ارجن جي وچ ۾ هڪ اهم بحث آهي. ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي جنگ ۾ اهو سوال اهم بڻجي وڃي ٿو تہ آيا رتوڇاڻ کي روڪڻ اهم آهي يا پنھنجي فرض کي پوري ڪرڻ جي اهميت آهي. ارجن جيڪو پانڊوئن جي شاهي خاندان جو هڪ بھادر سپاهي هجي ٿو، جنگ جي خراب نتيجن ۽ رتوڇاڻ کان بچڻ چاهي ٿو، پر ڪرشن جيڪو انسان جي روپ ۾ ديوتا جو اوتار ۽ ارجن جي رٿ کي هلائيندڙ هجي ٿو، دليل ڏيئي کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ فرض کي پورو ڪرڻ اتم ۽ اهم آهي. ان ۾ جيتوڻيڪ ڪرشن سوڀارو ٿئي ٿو پر ارجن جي موقف جا پڙاڏا اڃا عالمي طور ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ساڳي ريت هو رامائن ۾ هڪ پنڊت جوالي جو حوالو ڏئي ٿو جيڪو رام کي ليڪچر ڏئي ٿو تہ کيس ڪيئن پنھنجو ورتاء رکڻ گهرجي. ساڳي وقت ان عمل ۾ هو پنھنجي مذهب تي شڪ کي ان ڳالھہ سان ڳنڍي ٿو تہ اسان کي رڳو انھن ڳالھين تي ڀاڙڻ گهرجي جيڪي اسان جي مشاهدي ۽ تجربي ۾ اچن. هو مذهبي رسمن جھڙوڪ ديوتائن جي پوڄا، قرباني، تحفا ۽ توبہ تائب ٿيڻ متعلق چئي ٿو تہ اهي سڀ شاسترن ۾ چالاڪ ماڻھن پاران ٻين ماڻھن تي حڪمراني ڪرڻ لاء ڏنا ويا آهن. هو چئي ٿوتہ موت کانپوء حياتي ناهي ۽ نہ ئي ان جي لاء ڪنھن پوڄا جي ضرورت آهي. هو رام کي صلاح ڏيندي چئي ٿو تہ پنھنجي تجربي موجب هل ۽ پاڻ کي ان ڳالھہ ۾ نہ منجهائي جيڪا ڳالھہ انساني تجربي کان ٻاهر هجي. هو سندس غلطين جي نشاندہي ڪري ٿو ۽ کيس اهو باور ڪرائي ٿو تہ هو ڀڳوان ناهي.
ساڳي ريت ليکڪ اها ڳالھہ بہ واضح ڪري ٿو تہ سنسڪرت رڳو هڪ مذهبي ڪتابن جي ٻولي ناهي پر ان ۾ مختلف موضوعن ۽ علمن تي گهڻو مواد موجود آهي.
هن ان ڳالھہ کي واضح ڪيو آهي تہ ڀارت ڪنھن هڪ مذهب جو ملڪ ناهي. ان ڪري ان کي رڳو هندو انڊيا چوڻ صحيح ناهي. هتي اٽڪل هڪ هزار سالن جي ڊگهي عرصي تائين ٻڌمت هڪ حاوي مذهب جي طور رهيو آهي. هندوستان جي ٻن وڏن بادشاهن اشوڪ ۽ اڪبر ملڪ جي گهڻ مذهبي ۽ گهڻ ثقافتي حيثيت کي مڃيو ۽ ان کي اڳتي وڌايو. مختلف مذهبن جي ماڻھن هندوستان جي ثقافت ۽ ٻولي وغيرہ کي اڳتي وڌائڻ ۽ شاهوڪار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ليکڪ جو مقصد ان ڳالھہ کي واضح ڪرڻ آهي تہ هندوستان جي بقاء ئي ان جي مذهبي ۽ ثقافتي لحاظ کان مختلف نوع هئڻ ۾ آهي. شوسينا ۽ بي جي پي جي هندوتا ۽ هندو انڊيا جي نظرئي ڀارت کي رڳو هڪ مذهب تائين محدود ڪري، ان جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيو آهي.
هندوتا جي حامين هڪ لحاظ کان ڀارت جي تاريخ کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انھن ان ڳالھہ تي زور ڏنو آهي تہ آريا ٻاهران آيل نہ پر ڀارت جا ئي هئا. ان سلسلي ۾ انھن هڪ تہ سنڌو تھذيب کي هندو رنگ ڏيئي ان کي سنڌو سرسوتي تھذيب چوڻ شروع ڪيو آهي. گهوڙو سنڌو تھذيب ۾ موجود نہ آهي پر هندوتا جا پوئلڳ اها دعوا ڪن ٿا تہ هڪ تہ انھن سنڌو تھذيب جي لکت، جنھن کي اڃا تائين پڙهيو نہ ويو آهي، کي پڙهي ورتو آهي ۽ اتان کين اهڙيون مھرون مليون آهن جن تي گهوڙي جو نشان آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنسڪرت ٻولي آريا ٻاهران کڻي آيا هئا ۽ شروعاتي ويد ان ٻولي ۾ ئي لکيا ويا هئا.
جيتوڻيڪ هندوتا جي حامين کي پاڻ سنسڪرت نہ ٿي اچي ۽ اهي ٻڌل سڌل ڳالھين تي ڀاڙين ٿا پر ان جو هڪ اهو فائدو ضرور ٿيو آهي تہ ان ٻولي، جنھن ۾ گهڻو مواد موجود آهي، ۾ ماڻھن جي هڪ دلچسپي پيدا ٿي آهي.
ليکڪ جو اهو موقف آهي تہ هندوستان جي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ بقاء ان ڳالھہ ۾ آهي تہ ان جي گهڻ مذهبي، گهڻ لساني ۽ گهڻ ٿقافتي حيثيت کي مڃيو وڃي ۽ ان کي اڳتي وڌايو وڃي.
