مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

ورهاڱو ۽ فساد

جناح هميشہ قانون ۽ آئين موجب عمل ڪرڻ جو قائل هو. ليکڪ اشتياق احمد پنھنجي ڪتاب Jinnah: His Successes, Failures and Role in History ۾ ان ڳالھہ جي نشاندہي ڪري ٿو تہ ٻين مھاڀاري جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوء هن اهو محسوس ڪيو تہ انگريز سرڪار ڪنھن بہ ريت سندس هندوستان کي ورهائڻ ۽ پاڪستان ٺاهڻ جي گهر کي قبولڻ لاء تيار نہ هئي. ڪابينا مشن پاران بہ هندوستان جي هڪ فيڊريشن جو خاڪو ڏنو ويو هو. ان موقعي تي 29 جولائي 1946 تي مسلم ليگ جي بمبئي جي اجلاس ۾ هن چيو تہ هاڻي گهڻو ڪجهہ ٿي ويو، اسان کي هاڻي آئيني ۽ قانوني واٽ ڇڏي ٻيا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. 16 آگسٽ تي هن ڊائريڪٽ ايڪشن جو سڏ ڏنو. ان ڏينھن تي بنگال ۽ سنڌ، جتي مسلم ليگ جي حڪومت هئي، عام موڪل جو اعلان ڪيو. ان ڏينھن هڙتال جو بہ اعلان ڪيو ويو ۽ بنگال جي وڏي وزير سھروردي پاران جلسو بہ ڪيو ويو. سنڌ ۾ ان سلسلي ۾ ڪا خاص سرگرمي نہ ٿي. ڪانگريس ان هڙتال جي مخالفت ڪئي ۽ پنھنجن حامين خاص طور غير مسلم واپارين کي پنھنجا ڪاروبار کليل رکڻ جو چيو. مسلم ليگ جي ڪارڪنن پاران زوري دوڪان وغيرہ بند ڪرائڻ ۽ هندن تي حملن جي ڪري ڪلڪتي جي صورتحال خراب ٿي ويئي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پھرئين ڏينھن هندن جو گهڻو جاني نقصان ٿيو. ڏوهاري گروهن انھن حالتن مان فائدو وٺڻ ۽ ماڻھن کي مارڻ ۽ ڦرمار ڪرڻ شروع ڪئي. ڪلڪتي ۾ مسلمان ڪل آبادي جو ٽيويھہ سيڪڙو مس هئا. ايندڙ ٻن ڏينھن ۾ هندن پاران سخت ردعمل ڏيکاريو ويو. مجموعي طور انھن فسادن ۾ مسلمانن جو جاني نقصان گهڻو ٿيو. بيگم انيس قدوائي پنھنجي ڪتاب آزادي ڪي ڇائون مين ديره دون ۾ ڪلڪتي جي هڪ مسلم خاندان سان ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن ۾ مرد ذهني طور پريشان ۽ بيمار هجي ٿو. ان وقت بمبئي ۽ ڪلڪتي وغيرہ ۾ واپاري ۽ دوڪاندار پٺاڻ ملازم رکندا هئا. انھن فسادن دوران اهي پٺاڻ پنھنجن سيٺن جي چوڻ ۽ هشي تي ڇرين سان گهڻن ماڻھن کي ڪھڻ ۾ استعمال ٿيا. ليکڪا اندازو لڳائي ٿي تہ ان شخص جو بہ شايد ان ۾ ڪردار هو جنھن جي بار کيس سڪون سان ويھڻ نہ ٿي ڏئو. اهي فساد پوء نواکلي، بھار ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ ڦھلجي ويا. بنگال جي گورنر ان جو ذميوار بنگال جي حڪومت کي قرار ڏنو. ڪلڪتي جي فسادن ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن جو نقصان گهڻو ٿيو، پر ان کي شروع ڪرڻ جي ذميواري مسلمانن تي هئي. گانڌي امن قائم ڪرڻ لاء انھن علائقن جو دورو ڪيو هو. خاص طور بنگال ۾ هن سھروردي سان گڏجي دورا ڪيا هئا. جناح جيتوڻيڪ بھار ۾ مسلمانن جي قتل عام جي نندا ڪئي پر هن اتان جو دورو نہ ڪيو.
ہهندوستان جي ورهاڱي ۾ اهم سوال بنگال ۽ پنجاب جي ورهاست جو هو. انگريزن بنگال جي ترقي جو ڪم هڪ اڪائي طور ڪيو هو. ان ڪري ان کي ورهائڻ هڪ ڏکيو ڪم هو. خاص طور ڪلڪتي جو معاملو گهڻو متنازعہ هو. هڪ تہ اهو شھر هڪ ڊگهي عرصي تائين انگريز سرڪار جي گادي جو هنڌ رهيو هو ۽ ٻيو اهو تہ اها بنگال جي واحد جديد بندرگاه هئي. شھر ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب رڳو ٽيويه سيڪڙو هو. پر ان جي اهميت جي ڪري جناح جو اهو اصرار هو تہ ان کي مسلم بنگال سان شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏ سھروردي ڪانگريس جي سرت چندر بوس ۽ ٻين سان گڏجي اها تجويز پيش ڪئي هئي تہ بنگال کي پاڪستان ۽ هندوستان ۾ ورهائڻ بجائي ان کي هڪ آزاد ملڪ طور متحد رکيو وڃي، جيڪو برٽش ڪامن ويلٿ جو رڪن هجي. ان تجويز کي جناح قبول ڪيو، پر ڪانگريس ان کي قبولڻ لاء تيار نہ هئي. نھرو جو چوڻ هو تہ اهڙي ريت بنگال جا هندو هميشہ مسلمانن جي اقتدار هيٺ رهندا ان ڪري بنگال کي ورهائي اوله بنگال کي ڀارت ۾ شامل ڪيو وڃي. اهو موقف هڪ اهڙي جماعت جي اڳواڻ پاران ڏيڻ عجيب هو جنھن جو چوڻ هو تہ اهي سيڪيولر آهن ۽ ڪوبہ مذهبي مت ڀيد نہ ٿا رکن.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ گانڌي ۽ نھرو جي ڪوششن جي ڪري فساد گهڻي ڀاڱي دھلي ۽ پنجاب تائين محدود رهيا. جن صوبن ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي انھن بہ ڪوشش ڪري صورتحال تي ضابطو آندو. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ گانڌي جي پٽ پنھنجي پي کي خط لکي مٿس تنقيد ڪندي چيو تہ کيس مسلمانن جي گهڻي ڳڻتي آهي جڏهين تہ هندن سان جيڪي ڪجهہ ٿي رهيو آهي ان جي ڪا پرواه ناهي. گانڌي مسلمان اڳواڻن سان دھلي جي مختلف فساد کان متاثر ٿيل علائقن ۾ ويو ۽ مرن برت وسيلي حڪومت کي مجبور ڪيو تہ اها مسلمانن جي تحفظ لاء قدم کڻي. سندس قتل جو هڪ اهم ڪارڻ اهو بہ هو تہ هن هندوستان جي حڪومت کي ان ڳالھہ لاء مجبور ڪيو هو تہ اها پاڪستان کي ان جي حصي جا پئسا ادا ڪري. جيڪڏهين ائين نہ ٿئي ها تہ ڀارت مان جيڪي اٽڪل ساڍا ٽي ڪروڙ مسلمان لڏي پاڪستان اچن ها ان جو بار پاڪستان جي نئين رياست لاء کڻڻ ڏکيو هجي ها. بنگال ۾ 1946 ۾ مسلم ليگ جي ڊائريڪٽ ايڪشن جي نتيجي ۾ جيڪي هندو مسلم فساد ٿيا هئا، اهي گانڌي ۽ سھروردي جي گڏيل ڪوششن جي ڪري ختم ٿي ويا ۽ ورهاڱي کانپوء اتي گهڻي ڀاڱي امن رهيو ۽ فساد ۽ گهڻي لڏپلاڻ نہ ٿي. پر ان سلسلي ۾ بنگال سان واسطو رکندڙ دلت پاڪستان جي قانون جي وزير جوگندر ناٿ منڊل جو استعفا ذڪر جوڳو آهي. جناح جي وفات کانپوء هو گهڻو مايوس هو. آئين ساز اسمبلي ۾ جيڪا قرارداد مقاصد پيش ڪئي ويئي ان تي ٿيل بحث ۾ قانون جو وزير هئڻ باوجود هن بلڪل حصو نہ ورتو۽ استعفا ڏيئي هو ڀارت هليو ويو. استيعفيٰ ۾ هن ڄاڻايو هو تہ اوڀر بنگال ۾ اوچي ذات ۽ گهٽ ذات وارن هندن سان امتيازي ورتاء ڪيو ٿو وڃي. هجوم، جن کي سرڪاري ڪامورن جي پٺڀرائي حاصل هئي، جي حملن ۾ ڏه هزار هندو قتل ٿيا آهن. ساڳي وقت پاڪستان ۾ شھري حقن جي ڪا پاسداري نہ ٿي ڪئي وڃي ۽ سياسي مخالفن سان ورتاء جي حوالي سان هن خاص طور خان عبدالغفارخان جو حوالو ڏنو. سندس چوڻ هو تہ هن سمجهيو ٿي تہ پاڪستان جي گهر هڪ سودي بازي واري ڳالھہ آهي پر ائين نہ هو.