ورهاڱو: شھر ۽ ليکڪ
هند جي سنڌي ليکڪ جيا جادواڻي جو ناول ”هن شھر ۾ هڪ شھر هو“ اهڙي ئي هڪ المئي جي ڪٿا آهي. اهو ناول هڪ آتم ڪٿا جي طور لکيو ويو آهي. ليکڪ جنوري 1948 ۾ اٽڪل ڏهن سالن جي عمر ۾ شڪارپور مان ڪراچي ۽ پوء اتان بحري جھاز ۾ بمبئي هليو ويو هو. اتي کين بمبئي کان پري هڪ ويران علائقي ۾ رهايو ويو هو. کيس ريل گاڏين ۽ سڙڪن تي شيون وڪڻي پنھنجو ۽ پنھنجي پريوارجو پيٽ پالڻو پيو ٿي. ان صورت ۾ پڙهائي کي جاري رکڻ هڪ ڏکيو ڪم هو.
گهڻن لڏي ويل سنڌين جيان ليکڪ جو بہ آر ايس ايس سان ويجهو تعلق رهيو. هو ان جي سرگرمين ۾ شامل رهيو. هڪ اڌ دفعو سندس مودي سان ريل ۾ واسطو پيو ۽ واجپائي سان بہ ڪجهہ ملاقاتون ٿيون.
هو اٽڪل ٻٽيھہ سالن کان پوء سنڌ موٽي ٿو. کيس هونئن ويزا نہ ٿي ملي پر هڪ جوهري جي حيثيت ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ويزا ملي ٿي. هو جھاز ۾ ڪراچي اچي ٿو ۽ صدر ۾ هڪ هوٽل ۾ رهي ٿو. جڏهين کيس ماني جي طلب ٿئي ٿي ۽ هو هندو کاڌو کائڻ چاهي ٿو. پر جڏهين ڏسي ٿو تہ هوٽل وارا تہ ساڳيا چمچا ۽ ڪفگير ماس ۾ بہ استعمال ڪن ثا ۽ سبزي ۾ بہ تہ هو اتان ماني کائڻ کانسواء اٿي اچي ٿو ۽ سوامي نارائڻ مندر جو رخ ڪري ٿو، جتي کيس خبر پئي ٿي تہ هتان جو پنڊت هڪ مسلمان کي هوٽل وڪڻي پاڻ ڀارت هليو ويو هو. بھرحال اتي رهندڙ ڪجهہ هندو کيس ماني کارائين ٿا ۽ هو واپس پنھنجي هوٽل هليو وڃي ٿو. صدر بمبئي جي ڪناٽ پيلس جو هڪ ننڍو حصو لڳي ٿو. ڪراچي ۾ بہ بمبئي وانگر وڏيون عمارتون ۽ پلازا آهن، پر بمبئي ۾ عمارتن کي ڏسندي آسمان نظر نہ ٿو اچي جڏهين تہ ڪراچي ۾ آسمان صاف طور نظر اچي ٿو ۽ شھر کليل ۽ ڪشادو لڳي ٿو.
سندس اصل منزل شڪارپور آهي، پر اتان جو وٽس ويزا ناهي. هو لڪل نموني ڪجهہ دوستن جي مدد سان سکر ۽ پوء اتان شڪارپور وڃي ٿو. اتي هو شھر، پنھنجي گهر ۽ پنھنجي ننڍپڻ جي محبت سنڌو کي ڏسڻ ۽ ملڻ چاهي ٿو. شھر ڪجهہ ساڳيو آهي ۽ ڪجهہ بدلجي ويو آهي. گهڻا نوان ماڻھو اچي ويا آهن جن کي نہ هو سڃاڻي ۽ نہ ئي اهي کيس سڃاڻن ٿا. هو ڳولھيندو پنھنجي گهر تائين تہ پھچي ٿو ۽ اتي رهندڙ ماڻھن سان پنھنجو تعارف ڪرائي ٿو ۽ کين شيخ اياز جو ڪتاب ڏيکاريندي ٻڌائي ٿو تہ هي شاعر سندس دوست آهي ۽ هو رڳو پنھنجي گهر کي ڏسڻ چاهي ٿو، پر اهي ماڻھو کيس اندر اچڻ نہ ٿا ڏين. هو هڪ عورت مائي زيني سان ملي ٿو جيڪا سندن ڪپڙا ڌوئندي هئي. هو ان جي هٿ جي ماني بہ کائي ٿو ۽ کيس ڪجهہ پئسا بہ ڏئي ٿو.
شڪارپور ۾ هوندي اسڪول مان ايندي ويندي سندس ملاقات هڪ ڇوڪري سنڌو سان ٿي هئي. اهي روز پاڻ ۾ ملن ۽ ڳالھيون ڪن ٿا. سنڌو کيس چئي ٿي تہ هو اڳتي پڙهندي ۽ جيڪڏهين سندس پي کيس ان کان جهليو تہ هو سندس ڳالھہ نہ مڃيندي. ساڳي ريت اهيِ ڀارت بہ لڏي نہ ويندا. ليکڪ جي سوچ ان جي بلڪل ابتڙ هجي ٿي. هو هاڻي ان ڇوڪري جي ڳولھا ۾ نڪري ٿو. گهڻي ڪوشش کانپوء هو رڳو پري کان سندس هڪ جهلڪ ڏسي سگهي ٿو ۽ ان تي اڪتفا ڪري واپس موٽي ٿو.
لڏي ويندڙ هندن ۾ سنڌي مسلمانن لاء جيڪو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ آهي ان جو لعل بشپ وٽ بہ اظھار ٿيل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ بہ ان جو ذڪر ٿيل آهي. هن سيٺ نائون مل سان ٿيل وارتا جو بہ ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ شيخ ايازجي پي هڪ هندو شادي شدہ استري، جنھن کي ٽي ڌيئر هيون، کي ڀڄائي پنھنجي گهر کڻي آيو هو. ساڳي ريت هن بمبئي جي هڪ واقعي جو ذڪر ڪيوآهي. پندرنھن ويه ماڻھن جي هڪ محفل هئي، جنھن ۾ شيخ اياز پنھنجا شعر پڙهيا. سڀني واه واه ڪئي پر موھن ڪلپنا خاموش رهيو. اياز کانئس پڇيو تہ ڇو توکي منھنجو شعر نہ وڻيو. جنھن تي موھن ڪلپنا جواب ڏنو بڪواس. ان تي اياز کيس چيو تہ هڻانء پٿر. موئن جواب ڏنو تہ مسلمان ٻيو ڪري بہ ڇا پيا سگهن. ان تي ڪافي گرما گرمي ٿي ويئي ۽ موجود ماڻھن وچ ۾ پيئي معاملي کي ٿڌو ڪيو.
مسلمان ۽ هندن ۾ هڪ محبت ۽ نفرت جو تعلق رهيو آهي. ورهاڱي کان پوء سنڌ جي حالتن جي ڪري انھن جي ناتن ۾ هڪ مثبت تبديلي آئي آهي پر ماضي جا ڦٽ وقت بوقت ظاهر ٿيندا رهن ٿا.
