سنڌو تھذيب: ڪجهہ سوال
ان سلسلي ۾ مون تازو ممبئي ۾ رهندڙ هڪ ليکڪ ديودت پٽانائڪ جو انٽرويو ٻڌو ۽ سندس ڪتاب 100 Reflections on the Harappan Civilization- AHIMSA جو جائزو ورتو. ليکڪ جو بنيادي موضوع ڏند ڪٿائن جو ماڻھن جي ثقافت ۽ زندگي تي پوندڙ اثرن جو مطالعو ڪرڻ آهي. پيشي جي لحاظ کان هو ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي، پراٽڪل ٽيھہ سالن کان ان موضوع تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پنجاه کن ڪتاب لکيا آهن. سندس چوڻ آهي تہ ڏند ڪٿائن جي ماڻھن جي زندگي ۾ وڏي اهميت آهي ۽ ان کاسواء سندن جياپو ڏکيو آهي.
سچ تہ اهو آهي تہ اسان کي سنڌو تھذيب جي ڄاڻ انگريزن جي ڪري ٿي. ان کان اڳ اهو سمجهيو ويندو هو تہ ستن دريائن جي ان سرزمين تي مانو جي وارث بادشاهن ۽ ڏاهن ماڻھن جو راڄ هو جيڪي سنسڪرت ڳالھائيندا هئا ۽ سماج سناتن ڌرم ۽ مانو جي اصولن موجب چار ذاتين ۾ ورهايل هو. مسلمانن جي اچڻ کانپوء اهو سڀ تبديل ٿي ويو ۽ مندرن جي جاء تي مسجدون قائم ٿي ويون ۽ سنسڪرت جي جاء فارسي ورتي. ايستائين تہ ٻڌمت، اشوڪ ۽ سڪندر اعظم جو هندوستان ۾ اچڻ وغيرہ پڻ وساريل باب هئا. پر اوڻھويھين صدي ۾ انگريزن جي قائم ڪيل ايشياٽڪ سوسائٽي جنھن گهڻن قديم مسودن جو ترجمو ڪيو ۽ انڊيا جي آرڪيالوجيڪل سوسائٽي جنھن گهڻن قديم ماڳن کي دريافت ڪيو، ان سڄي سوچ کي تبديل ڪري ڇڏيو. ان سڄي ڪوشش پويان اها ڳالھہ بہ هئي تہ بائبل جي ان نطرئي کي ثابت ڪجي تہ هي دنيا 4004 قبل مسيح ۾ شروع ٿي پر سائنس ان نظرئي کي ان لحاظ کان غلط ثابت ڪيو تہ هڪ تہ ويد بائبل کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ ٻيو تہ هڙپا جي تھذيب ويدن کان بہ اڳ جي آهي.
1924 ۾ دنيا کي سنڌو تھذيب جي ڄاڻ پھرين هڙپا ۽ پوء موئين جو دڙو جي دريافت وسيلي پئي. ليکڪ سنڌو تھذيب جي ڪجهہ اهم ڳالھين تي روشني وڌي آهي. سندس چوڻ آهي تہ ان تھذيب جي شھرن مان ڪي هٿيار نہ مليا آهن. اها ڳالھہ انھن جي پرامن هئڻ جي ثابتي آهي. ان جو ڪارڻ سندس نظر ۾ اهو آهي تہ اهو بنيادي طور واپارين جو سماج هو، جنھن کي جنگ کان وڌيڪ امن جي ضرورت هئي. اصل حڪومت تہ انھن واپارين جي هئي ۽ بادشاه تہ رڳو سندن نمائندو ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪندڙ هو جيئن اڄ جي سماجن ۾ بہ آهي. انھن جو واپار بابل، سمير ۽ دنيا جي ڏورانھن علائقن سان هو. جڏهين مصر ۾ اهرام تعمير ٺھي رهيا هئا تہ هتان جا ماڻھو پنھنجي واپار ۾ رڌل هئا. مصر ۾ گهري نيري رنگ جا جيڪي پٿر(Lapis Lazuli) مليا آهن اهي رڳو افغانستان ۾ ملن ٿا. اهي سنڌو وسيلي مڪران، ايراني نار ۽ ميسوپوٽيما کان ٿيندا اٽڪل پنج هزار ميل جو فاصلو طئي ڪري مصر پھتا آهن. ان مان سنڌو تھذيب جي شھرن جي سپلائي چين ۽ اتان جي امن امان جي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
اتي طبقاتي نظام بہ موجود هو جنھن جي خبر شھرن جي بيھڪ مان ملي ٿي تہ مٿين حصي ۾ حڪمران ۽ امير رهندا هئا جڏهين تہ هيٺئين حصي ۾ پورهيت ۽ غريب رهندا هئا ۽ انھن مٿي رهندڙ ماڻھن کي هيٺ رهندڙ ماڻھن جي ڀيٽ ۾ خاص طور پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي حوالي سان وڌيڪ شھري سھولتون حاصل هيون. پريسٽ ڪنگ جو ڪم مختلف گروهن جي وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ امن ۽ شانتي کي برقرار رکڻ هو. ان جي ڄاڻ پريسٽ ڪنگ جي چوڌاري مختلف جانورن، جيڪي مختلف قبيلن ۽ گروهن جي نمائندگي ڪن ٿا، جي گڏ هئڻ مان پڻ ملي ٿي.
مذهب جي حوالي سان سندس چوڻ آهي تہ ان متعلق يقين سان ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهجي. ويد، جيڪي هندو يا سناتن ڌرم جو بنياد آهن، جي لکڻ جي شروعات ان تھذيب جي ختم ٿيڻ جي پنج سو سالن کان پوء ٿي. اها تھذيب 2500 کان 1900 قبل مسيح تائين رهي. ان جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ آريا نہ هئا جيڪي ان تھذيب جي ختم ٿيڻ جي اٽڪل پنج سو سالن کان پوء آيا ۽ ويدن جي لکڻ جو عرصو 1500.کان 500 قبل مسيح آهي. ان جي ختم ٿيڻ جي ڪارڻن ۾ موسم جي تبديلي، دريائن جو لنگه بدلائڻ، مون سون جو باقاعدي نہ رهڻ، نون تجارتي رستن جو سامھون اچڻ ۽ اڪاڊين سلطنت جي سمير ڪلچر تي حاوي ٿيڻ ڪري هتان جي شين جي گهرج ۾ گهٽتائي وغيرہ ٿي سگهن ٿا.
آريا ڀارت کان ٻاهران آيل ماڻھو هئا. سندن ٻولي سنسڪرت کي ٻين ٻولين جي بنياد طور پيش نہ ٿو ڪري سگهجي. ان جي ثابتي طور هو اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ هتي جيڪي جانور هئا انھن ۾ گهوڙو شامل نہ هو جيڪو آريائن هتي آندو هو.
اهڙي ريت سنڌو تھذيب متعلق گهڻا سوال آهن. اهم ڳالھہ هتان جي لکت کي پڙهڻ آهي جنھن سان ان بحث ۾ هڪ اهم پيش رفت ٿي سگهي ٿي.
