چلي: فلم ۽ مھم جوئي
آلندي جي حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ سندس قتل ٿيڻ کانپوء ملڪ ۾ وڏي پئماني تي سندس حامين ۽ ٻين ترقي پسند ماڻھن جي گرفتارين ۽ انھن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. پنوشي اهو اعلان ڪيو هو تہ هو ملڪ مان جمھوريت جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندو.
ميگوئيل لٽن کي آلندي چلي فلمز جو سربراه مقرر ڪيو هو. هن اداري جو مقصد چلي جي ثقافت ۽ ماڻھن جي زندگي جي حقيقي تصوير کي دنيا آڏو پيش ڪرڻو هو. آلندي جي قتل کانپوء کيس فلم اڪيڊمي مان گرفتار ڪيو ويو هو، پر فلمن جي شوقين هڪ سپاهي جي مدد سان کيس اتان تہ ڇوٽڪارو مليو پر هو آلندي جي حامي طور نشاني تي هو. هو پنھنجي خاندان سان گهر ڇڏي اٽڪل هڪ مھيني تائين دوستن ۽ واقفڪارن جي گهرن ۾ رهيو ۽ پوء ملڪ ڇڏي جلاوطني ۾ هليو ويو. ٻارنھن سالن تائين حڪومت پاران جن ماڻھن کي جلاوطني ختم ڪري ملڪ موٽڻ جي اجازت ڏني ويئي انھن ۾ سندس نالو شامل نہ هو.
ان دوران هن چلي جي موجودہ صورتحال تي هڪ فلم ٺاهڻ جي رٿا ٺاهي. هن ان لاء تياريون ڪيون. پرڏيھہ جي فلم سان لاڳاپيل مختلف ماڻھن سان رابطو ڪيو ۽ فرينچ، اٽالين ۽ ڊچ ماڻھن تي مشتمل ٽي ٽيمون ٺاهيون، جن کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪم ڪرڻو هو. پر مسئلو سندس لاء هو تہ پاڻ ملڪ ۾ ڪيئن داخل ٿيندو. ان مقصد لاء سندس سڄو حليو تبديل ڪيو ويو. اهڙي ريت تہ هو پنھنجو پاڻ کي بہ سڃاڻي نہ ٿي سگهيو. هو هاڻي يورا گوائي جو هڪ بزنس مين هو. کيس نئون پاسپورٽ ڏنو ويو. چلي جي زير زمين مزاحمت سان واسطو رکندڙ هڪ عورت ايلينا، جيڪا يورپ ۾ ڪم ڪري رهي هئي، زال جي طور ساڻس گڏ وڃي رهي هئي. اها چلي ۾ زير زمين ڪم ڪندڙ تحريڪ جي اڳواڻن سان سندس رابطو هئي.
هو ٻارنھن سالن جي جلاوطني کانپوء جڏهين چلي جي گادي جي هنڌ سنتياگو ۾ لٿو تہ کيس گهڻو ڪجهہ تبديل ٿيل نظر آيو. ايئر پورٽ کان شھر ڏانھن ويندي کيس عاليشان عمارتون۽ صاف سٿرا روڊ رستا نظر آيا. پھرين تہ کيس اهو محسوس ٿيو تہ هو هروڀرو آيو هو هتي تہ سڀڪجهہ ٺيڪ هو. پر جڏهين هو رستي تي ويندي ماڻھن کي ڏسي ٿو جيڪي پنھنجن خيالن ۾ گم تيز قدم کڻندا هلندا وڃن ٿا، جيڪو چلي جي ماڻھن جو طور طريقو نہ هو تہ کيس محسوس ٿئي ٿو تہ اهي عمارتون روڊ رستا سڀ ايئر پورٽ کان ايندڙ ٻاهر جي ماڻھن کي ڏيکارڻ لاء هئا، جڏهين تہ ماڻھو ڊپ ۽ هراس جي ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا. اها خبر نہ هوندي هئي تہ ڪير سندن سڄڻ هو ۽ ڪير دشمن. هوٽلن ۽ ٻين عام جاين تي ڪئميرا ۽ جاسوسي جا آلات لڳل هوندا هئا. ملڪ ۾ محاصري واري ڪيفيت هئي. رات ٿيندي ئي ڪرفيو لاڳو ٿي ويندو هو.
هو نھايت احتياط ڪري ٿو. هر ٻئي ٽئين ڏينھن هوٽل بدلائي ٿو. ڪمري ۾ جاسوسي آلات هئڻ جي خيال کان جيڪڏهين کيس ڪنھن سان ڳالھائڻو هجي ٿو تہ ريڊيو جو آواز وڌائي ڇڏي ٿو. مختلف جاين تي کيس پوليس کي پنھنجي بدليل سڃاڻپ ڪرائڻي پئي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪڏهين منجهي بہ پئي ٿو. هڪ ڀيري هو سڙڪ تي پنھنجي سس کي هڪ ٻي عورت سان ويندي ڏسي ٿو. اها جيتوڻيڪ ڪجهہ وقت اڳ ميڊرڊ ۾ سندس گهر مان ٿي ويئي هئي پر ان جي باوجود تہ هو بلڪل سندس پاسي مان لنگهي ويئي پر کيس سڃاڻي نہ سگهي. شھر ۾ جيڪڏهين کيس سفر ڪرڻو هوندو هو تہ ور وڪڙ ڏيئي مختلف جاين کان ٿيندو ۽ ٽيڪسيون بدلائيندو ويندو هو. هو عام جاين تي ڪن ڏيئي ماڻھن جي ڳالھہ ٻولھہ ٻڌندو هو ۽ اهو ڏسندو هو تہ ماڻھو ڇا سوچي رهيا هئا. شھر ۾ هو فلمائڻ لاء پنج جايون چونڊي ٿو تہ جيئن سڀاڻي پنوشي اهو نہ چئي سگهي تہ اها فلم تہ چلي ۾ ٺھيل ئي ناهي. انھن جاين ۾ صدارتي محل بہ هجي ٿو جنھن جي لاء انھن خاص اجازت ورتي هئي.
ان محل کي آلندي جو تختو اونڌو ڪرڻ مھل بمباري ڪري تباه ڪيو ويو هو. هن ڏٺو تہ محل جي هر شي کي اڳ جيان ڪيو ويو هو سوائي انھن شين جي جيڪي آلندي سان لاڳاپيل هيون. ان دوران پنوشي پنھنجي آفيس ويندي اتان لنگهي ٿو ۽ کين ڪم بند ڪرڻ لاء چيو وڃي ٿو. هو بلڪل سندن ڀر مان لنگهي ٿو ۽ هو سندس اهو جملو ٻڌي سگهي ٿو تہ عورت ڀلي سچ ڳالھائيندي هجي پر مٿس اعتبار نہ ٿو ڪري سگهجي. صدر آلندي جي لاش کي خاموشي سان دفن ڪيو ويو هو ۽ ڪنھن کي ان جو منھن ڏسڻ نہ ڏنو ويو هو. ڪجهہ شاهدن جو بيان آهي تہ سندس مغز ٻہ اڌ ٿي ويو هو ۽ ان جا حصا ديوارن تي چھٽي ويا هئا.
هو ٻہ ٽي ڏينھن لاء ڪنھن کي ٻڌائڻ کانسواء لڪ چوري ملڪ جي ٻين حصن ڏانھن نڪري وڃي ٿو. فلم ٺاهيندڙن کي کاڻين واري علائقي ۾ وڃڻ جي اجازت نہ هئي پر اتي هڪ وڏي ۽ عاليشان پارڪ کي ڏسڻ جي بھاني، جنھن جي لاء انھن پوليس وارن کي چيو تہ اهو پارڪ دنيا ۾ چلي جي ناموس ۽ عزت جو نشان بڻبو ۽ اهڙي ريت اهي ان علائقي ۾ وڃي سگهيا هئا. ٽڪري تي ٺھيل ان پارڪ جي هيٺان ٿي کاڻين وارو علائقو هو. مٿي پارڪ ۾ تہ آڪسيجن ۽ صحت افزا ماحول هو جڏهين تہ هيٺ کاڻين ۾ ان جي ابتڙ پورهيت ۽ انھن جا ٻار نھايت ئي خراب حالتن ۾ هئا. هتان ئي شاعر پابلو نرودا اسمبلي جو رڪن چونڊيو ويو هو ۽ اهي پورهيت ئي آلندي جي طاقت ۽ ان جا حمايتي هئا. آلندي پاران انھن پورهيتن جي حالت سڌارڻ جو واعدو ڪيو ويو هو ۽ چونڊجڻ کانپوء هن انھن کاڻين کي قومي ملڪيت ۾ ورتو هو. پنوشي اقتدار سنڀالڻ کانپوء اهي سڀ پراڻن مالڪن کي واپس ڪري ڇڏيون ۽ هن وقت انھن جي حالت اڳ جيان ئي خراب هئي. ان دوران هو هڪ ڀيري اهڙي علائقي ۾ نڪري وڃي ٿو جتي سندس ماء رهندي هئي. هو بہ کيس سڃاڻي نہ ٿي ۽ کيس ٻڌائڻو پئي ٿو تہ هو سندس پٽ لتن آهي.
هو پنھنجي دوست سان شھر ۾ هلندي اهو محسوس ڪري ٿو تہ سندس نگراني ڪئي پيئي ويئي. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ ۽ پنھنجي پويان لڳل همراهن کي اهو ٻڌائڻ تہ هو ملڪ مان نڪري ويو آهي، هو ايئرپورٽ تان ارجنٽائن وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو پر پوء ڪجهہ ڏينھن ۾ ئي هو وري چلي ۾ داخل ٿئي ٿو.
ان وقت چرچ چلي جي مزاحمت جو حصو هو.ِ چرچ سان لاڳاپيل گهڻا ماڻھو انڊرگرائونڊ تنظيمن جو حصو هئا.Nuns بہ زير زمين تحريڪ سان سندس رابطي جو هڪ ذريعو هيون. جيئن فلم ٺھي ٿي، تيئن ان کي ٻاهر موڪليو ٿي ويو. جڏهين ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوء هو اتان روانو ٿيو ٿي تہ عين وقت تي جھاز کي روڪيو ويو ۽ مسافرن کي چيو ويو تہ ٻہ انسپيڪٽر سندن ٽڪيٽ چيڪ ڪندا. جڏهين اهو مرحلو گذري ويو تہ ايئر هوسٽس کيس ٻڌائي ٿي تہ جھاز ۾ هڪ Unauthorized مسافر جي اچڻ جو شڪ هو جنھن جي ڪري جھاز کي روڪيو ويو هو. بھرحال هو خيريت سان ميڊرڊ پھچي ٿو.
اها فلم ٿئيٽر لاء ٻہ ڪلاڪ ۽ ٽيليويزن لاء چار ڪلاڪن جي آهي.
