هندوستان جي آزادي ۽ بنگال جو ورهاڱو
ساڳي وقت ان ڳالھہ کي بہ نظر ۾ رکڻ گهرجي تہ اهي اٺ نو سو سال رڳو ٽڪراء ۽ جهيڙي جو عرصو نہ هو پر ان وقت ۾ اشرافيا ۽ عوامي ٻنھي سطحن تي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ لاء شعوري ۽ غير شعوري طور گهڻيون ڪوششون بہ ٿيون. ان ڳالھہ کي جناح پاران پاڻ خاص طور پنجاب ۽ بنگال جي ورهاست جي مسئلي تي قبول ڪيو ويو.
ننڍي کنڊ جي آزادي وقت بنگال متعلق مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت وٽ گهڻا آپشن هئا. 1946 وارين چونڊن جي نتيجي ۾ بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي ۽ حسين شھيد سھروردي اتان جو وزير اعظم هو. معاشي حوالي سان بنگال ڄڻ تہ هڪ اڪائي هئي. جتي ڪچو مال جھڙوڪ سڻي وغيرہ اوڀر بنگال ۾ پيدا ٿيندي هئي تہ ان کي پروسيس ڪرڻ جو ڪم اولھہ بنگال ۽ خاص طور ڪلڪتي جي ڪارخانن ۾ ٿيندو هو. صنعتي ۽ تجارتي لحاظ کان اوڀر بنگال گهڻو پوئتي پيل هو. اهڙي ريت صوبي جي ورهاست ٿيڻ جي صورت ۾ جتي اڀرندي حصي کي پنھنجي ڪچي مال لاء نيون منڊيون ڳولھڻيون پون ها تہ اتي اولھندي حصي جي ڪارخانن کي ڪچو مال ٻين ملڪن مان گهرائڻو پئي ها.
ڪلڪتي جي پنھنجي بندرگاه ۽ صنعتي ۽ تجارتي مرڪز هئڻ جي حوالي سان بنگال ۾ ان کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ان ڳالھہ کي سڀني سمجهيو ٿي تہ ڪلڪتي کانسواء اوڀر بنگال جي حيثيت هڪ ٻھراڙي ۽ پٺتي پيل زرعي علائقي جي هوندي. ڪلڪتي جي حوالي سان جناح وٽ ان ڳالھہ جي اهميت نہ هئي تہ شھر ۾ هندن جي گهڻائي آهي.
جناح چاهيو ٿي تہ بنگال جي ورهاست نہ ٿئي ۽ اهو پاڪستان جو حصو بڻجيِ. جيڪڏهين ائين نہ ٿو ٿئي تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪلڪتو اوڀر بنگال جو حصو بڻجي. ان سلسلي ۾ جناح جي منطق اها هئي تہ بنگال ۾ جيڪي هندو آهن، انھن ۾ گهٽ ذات وارن يعني اڇوتن جي گهڻائي آهي ۽ اهي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا. اهڙي ريت ڪلڪتي ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندن جي گهڻائي هئي پر جناح ان کي گهڻو اهم نہ ٿي سمجهيو.
خاص طور تي ڪلڪتي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي اهو آپشن بہ رکيو ويو تہ متحدہ بنگال جي هڪ ڌار ملڪ جي حيثيت هجي. سھروردي ۽ ڪانگريس جي مقامي اڳواڻن جي ان تجويز کي جناح جي حمايت حاصل هئي، پر ڪانگريس ان کي ڪنھن بہ صورت ۾ مڃڻ لاء تيار نہ هئي. سندن چوڻ هو تہ اڳتي هلي اهو ملڪ پاڪستان ۾ شامل ٿي ويندو. سندن موقف اهو هو تہ صوبي کي ورهائي اولھندي حصي کي ڀارت ۾ شامل ڪيو وڃي. ساڳي ريت ڪانگريس ڪلڪتي جي حوالي سان بہ ڪا رعايت ڏيڻ لاء تيار نہ هئي. ان نہ رڳو ان جي بنگال جي ٻنھي حصن جي گڏيل بندرگاه هئڻ واري تجويز کي رد ڪيو پر ان تجويز کي بہ رد ڪيو تہ چھن مھينن تائين جيسين چٽاگانگ جي بندر گاه کي ترقي وٺائي سگهجي، بنگال جا ٻيئي حصا ان کي پنھنجي واپار وغيرہ لاء استعمال ڪن. پٽيل جو چوڻ هو تہ ڇه مھينا تہ ڇا هو ڇھن ڪلاڪن لاء بہ ان کي پاڪستان کي ڏيڻ لاء تيار نہ هو.
اها ان لحاظ کان هڪ مختلف صورتحال هئي تہ 1905 ۾ جڏهين انگريزن، سندن چوڻ موجب، انتظامي بنيادن تي اوڀربنگال، جتي مسلمانن جي گهڻائي هئي، ۽ اولھہ بنگال، جتي هندو اڪثريت ۾ هئا، کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيو هو تہ ان تي مسلمان خوش هئا ۽ 1906 ۾ هتي ئي مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو. پر هندو ان سان خوش نہ هئا. سندن چوڻ هو تہ هڪ تہ صوبي کي مذهبي بنيادن تي ورهايو ويو هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ اولھہ بنگال کي انتظامي طور بھار ۽ اڙيسہ سان ملائڻ جي ڪري اهي ٿورائي ۾ ٿي ويا هئا. ان جو هڪ اثر اهو ٿيو تہ ان ورهاڱي جي مخالفت ۾ تحريڪ هلائڻ جي ڪري ڪانگريس جنھن جو هونئن گهڻو اثر رسوخ نہ هو، ملڪ جي هڪ عوامي سياسي جماعت بڻجي ويئي. بھرحال ان مخالفت جي ڪري 1911 ۾ انگريز سرڪار کي پنھنجو اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. پر هن ڀيري فيصلو بنگال جي ورهاست جي صورت ۾ نڪتو.
