پنجاب جو ورهاڱو
جناح کي جيڪو پاڪستان گهربل هو، ان ۾ سڄو پنجاب ۽ سڄو بنگال شامل هو. ان کانسواء پاڪستان کي ان ناقابل عمل ۽ ٽٽل ڦٽل سمجهيو ٿي. پر اها ڳالھہ ڪانگريس، سکن ۽ انگريز وائسرائي کي قبول نہ هئي. ان سلسلي ۾ جناح جو دليل اهو هو تہ انھن ٻنھي صوبن جا ماڻھو پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ طور طريقن جي لحاظ کان هڪ آهن ۽ منجهن مذهب جو فرق ايڏي اهميت نہ ٿو رکي. اهو ساڳيو دليل وائسرائي مائونٽ بيٽن پاران جناح کي سڄي هندوستان جي ماڻھن لاء ڏنو ويو. سندس چوڻ هو تہ جيڪڏهين هندوستان جي مذهب جي بنياد تي ورهاست ٿيڻي آهي تہ پوء انھن ٻنھي صوبن جي بہ ان بنياد تي ٿيڻ گهرجي. اهو مسئلو خاص طور پنجاب ۾ وڌيڪ شديد هو.
پنجاب ۾ خاص طور سک ڪنھن بہ صورت ۾ تاريخي ۽ مذهبي تضادن جي ڪري مسلمانن جي حڪومت تحت رهڻ لاء تيار نہ هئا. ان سلسلي ۾ اهي تشدد سميت ڪنھن بہ حد تائين وڃڻ لاء تيار هئا. صوبي ۾ مسلمانن ۽ هندن جي ڀيٽ ۾ آبادي جي حوالي سان ٿورائي ۾ هئڻ جي باوجود اهي پنھنجي تنظيم ۽ ويڙهاڪ قوت جي ڪري وڏي اهميت جا حامل هئا. جناح ۽ مسلم ليگ جي يقين دھانين جي باوجود انھن مسلم ليگ جي ڀيٽ ۾ ڪانگريس سان اتحاد کي وڌيڪ مناسب سمجهيو ٿي. سندن چوڻ هو تہ کين جناح تي اعتماد نہ هو ۽ هو پنھنجن مقصدن حاصل ڪرڻ کانپوء ڪنھن بہ وقت پنھنجن واعدن تان ڦري سگهيو ٿي.
صوبي ۾ هڪ غير مستحڪم سياسي صورتحال هئي. 1946 جي چونڊن ۾ جيتوڻيڪ اسمبلي ۾ مسلم ليگ هڪ گهڻائي واري جماعت جي طور سامھون آئي هئي پر گورنر فرقيوارانا صورتحال کي سامھون رکندي ان ڳالھہ کي ترجيح ڏني تہ سکن جي جماعت اڪالي، ڪانگريس ۽ يوننسٽ جي گڏيل حڪومت هجي تہ جيئن سڀني فرقن کي نمائندگي حاصل هجي. اهڙي ريت خضر حيات جي اڳواڻي ۾ انھن جماعتين جي گڏيل حڪومت قائم ڪئي ويئي. ان اتحاد جي قائم ڪرڻ ۾ ان وقت ڪانگريس جي صدر مولانا آزاد اهم ڪردار ادا ڪيو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سندس ان ڪردار تي ڪانگريس جي هڪ گڏجاڻي ۾ جواهرلال نھرو پاران تنقيد ڪئي ويئي. سندس چوڻ هو تہ مسلم ليگ کي اڪثريتي جماعت هئڻ ڪري حڪومت ٺاهڻ جو حق ملڻ گهرجي ها. پر گانڌي پاران آزاد جي حمايت ڪئي ويئي ۽ نھرو کي کانئس معذرت ڪرڻي پيئي. مسلم ليگ پاران ان تي هڙتالن ۽ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنھن فرقيوارانا رنگ اختيار ڪري ورتو. ڪجهہ وقت کانپوء خضرحيات استعفا ڏيئي ڇڏي پر انگريز گورنر پنجاب جي حڪومت ڪنھن بہ صورت ۾ مسلم ليگ کي ڏيڻ لاء تيار نہ هو. جواز اهو هو تہ ان سان فرقيوارانا ڇڪتاڻ اڃا وڌنڌي ۽ صورتحال اڃا خراب ٿيندي. اهڙي ريت صوبي ۾ گرونر راڄ لاڳو ڪيو ويو.
فرقيوارانا فساد جيڪي ڪلڪتي مان شروع ٿيا هئا، اهي بنگال جي مختلف علائقن، بھار، احمد آباد ۽ ٻين علائقن تائين ڦھلجي ويا. انھن فسادن ۾ ڪيترائي بي گناه هندو، مسلمان ۽ ٻين مذهبن جا ماڻھو مارجي ويا. احمد آباد ۾ هندو سيٺين وٽ پٺاڻ ملازم هوندا هئا، جن کي انھن فسادن کانپوء نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو هو. خاص طور ڪجهہ پٺاڻن جي مارجڻ جون خبرون جڏهين سرحد صوبي ۽ هزاره ۾ پھتيون تہ اتي هڪ وڏو وڳوڙ پيدا ٿيو ۽ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. ان ۾ گهڻن سکن ۽ هندن کي قتل ڪيو ويو. ان جي ڪري اتر پنجاب ۽ خاص طور راولپنڊي ڊويزن گهڻو متاثر ٿيا. فرقيوارانا فسادن مسلمانن سان ويڇي کي اڃا وڌائي ڇڏيو هو. ان کانسواء سندن چوڻ هو تہ مسلمان ۽ هندو پنھنجي لاء جيڪي حق گهري رهيا آهن اهي ساڳيا حق سکن کي بہ ملڻ گهرجن.
پنجاب جي صورتحال کي ڏسندي نھرو ۽ ڪانگريس اهو محسوس ڪيو تہ ان جو حل صوبي جي ورهائجڻ ۾ آهي. نھرو پاران پھرين ان کي ٽن حصن مسلم، غير مسلم ۽ اهڙو علائقو جتي گڏيل آبادي هجي ۽ پوء ان کي مسلم ۽ غير مسلم حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز سامھون رکي ويئي.
اهو پاڻ هڪ مسئلو هو تہ اها ورهاست ڪيئن ڪجي. هڪ تہ آبادي جو معيار هو پر ساڳي وقت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ زرعي ۽ شھري ملڪيت جي حوالي سان آبادي ۾ ٿورائي ۾ هئڻ جي باوجود هندن ۽ سکن کي مسلمانن تي فوقيت حاصل هئي. اهڙي ريت صوبي کي ورهائڻ وارو مسئلو بہ ايترو سولو نہ هو. اهي خدشا موجود هئا تہ ان جي نتيجي ۾ فساد ٿيندا ۽ ٻنھي پاسي بيگناه ماڻھن جو رت وهندو ۽ نيٺ ائين ئي ٿيو.
