ستيا جيت رائي ۽ ڪلچر
رائي کي شروع کان فلم ڏسڻ، موسيقي ۽ مصوري جو گهڻو شوق هو. هن اولھہ جي ملڪن جون گهڻيون فلمون ڏٺيون. هو وشوا ڀارتي شانتي نڪيتن جو شاگرد بہ رهيو ۽ سندس دلچسپي جا موضوع موسيقي ۽ مصوري هئا. هتي انھن موضوعن تي کيس سٺا استاد مليا ۽ سندس سٺي تربيت ٿي. هن هندوستان جي ڪلاسيڪي موسيقي کي تفصيل سان سکيو. مصوري ۾ نند لعل بوس هڪ قابل استاد هو، جنھن جي سيکاريل هڪ ڳالھہ جو ذڪر ڪندي هو ٻڌائي ٿو تہ سندس چوڻ هو تہ وڻ جي تصوير ٺاهڻ وقت ان کي بجائي مٿان جي هيٺان پاڙ کان شروع ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ وڻ پاڙ کان ئي وڌي ويجهي ٿو. اهو استاد اولھہ جي مصوري جي طريقن تي تنقيدي نڪتہ نگاه رکندو هو ۽ پنھنجن شاگردن جي توجھہ ايشيائي ملڪن ۽ خاص طور جپان ۽ چين جي مصوري جي علم ڏانھن ڏياريندو هو. رائي جو چوڻ آهي تہ کيس فلمي رسالا جھڙوڪ Film goer وغيرہ پڙهڻ جو شوق هوندو هو ۽ اهڙي ريت پڙهائي ڏانھن سندس ڌيان گهٽ هوندو هو. هن اڳتي هلي پنھنجين فلمن لاء اولھہ جي گهڻين فلمن مان آئيڊيا ورتا، پر انھن کي هندوستان ۽ بنگال جي ماحول جي حوالي سان پنھنجين فلمن ۾ پيش ڪيو. سندس چوڻ آهي هن لندن وڃڻ کانپوء اٽلي جي پروڊيوسر ڊيسيڪاز جي فلم Bicycle Thieves ٽي ڀيرا ڏٺي ۽ هن سوچيو تہ هو پنھنجي بنگالي ٻولي جي فلم پٿر پنچلي، جنھن جو خيال اڳ ئي سندس ذهن ۾ موجود هو، ان طرز تي ٺاهيندو. پر ان جي باوجود سندس فلم جو ماحول هندوستان ۽ بنگال جو آهي. سندس فلمن جي خاصيت اها آهي تہ هو بجائي مشھور اداڪارن جي اڻڄاتل اداڪارن کي پنھنجين فلمن ۾ کڻي ايندو آهي ۽ فلمن جو ماحول ڳوٺن ۽ شھرن جي حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي. هو خاص طور ٻين ملڪن جي ماڻھن لاء هندوستان کي گلرميرائز ڪري پيش نہ ڪندو آهي پر جيئن اهو آهي ائين ئي سندس فلمن ۾ پيش ٿيندو آهي.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهي ماڻھو جيڪي ٻين ملڪن سان رابطي ۽ انھن جي خيالن ۽ نظرين کي اختيار ڪرڻ خلاف دليل استعمال ڪن ٿا اهي بہ اولھہ جي عالمن ۽ ڪتابن کان مستعار ورتل هوندا آهن. هو جيتوڻيڪ هندوستان جي مجموعي ڪلچر جي ڳالھہ ڪري ٿو پر ساڳي وقت هو اهو بہ چئي ٿو تہ مختلف علائقن ۽ گروهن جي پنھنجي انفراديت ۽ سڃاڻپ بہ هوندي آهي جنھن کي مڃڻ گهرجي ۽ ان کي سامھون آڻڻ گهرجي. پر ساڳي وقت ان جو اهو مطلب ناهي تہ پنھنجي ڏيڍ سر جي مسيت ٺاهي، ٻين کان ڌار ٿي ويھي رهجي. ٻين علائقن، ٻولين ۽ ڪلچر مان جيڪي مثبت شيون ملن ٿيون انھن کي حاصل ڪرڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ هو ڪلڪلي جو مثال ڏئي ٿو، جتي شھر جي مختلف علائقن ۾ ماڻھو بنگالي مختلف لھجن ۾ ڳالھائين ٿا ۽ سندن رهڻ سھڻ ۽ لباس مختلف آهن. وچولي طبقي جا ماڻھو پنھنجي ڳالھہ ٻولھہ ۾ انگريزي جا گهڻا لفظ استعمال ڪن ٿا. ساڳي ريت پورهيت طبقي جي عورتن ۾ ساڙهي جو استعمال گهڻو آهي. پر ان جو مطلب ماڻھن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري بيھارڻ ناهي. اهي هڪ ٻئي سان ملن ٿا، هڪ ٻئي جي تجربن مان استفادو ڪن ٿا ۽ پنھنجي ثقافت کي وڌيڪ شاهوڪار ڪن ٿا.
اولھہ جي ملڪن سائنس جي مختلف شعبن ۽ ٽيڪنالوجي وغيرہ ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي ان کي اڪيلو ۽ ڌار ڪري نہ ٿو ڏسي سگهجي ۽ نہ ئي اهو چئي سگهجي ٿو تہ اهو رڳو اولھہ جي ملڪن جو ورثو ۽ انھن جا ڪرناما آهن. اهو سڀڪجهہ هڪ تاريخي تسلسل جو نتيجو آهي ۽ ان ۾ دنيا جي سڀني ماڻھن ۽ ملڪن مختلف وقتن تي پنھنجو حصو وڌو آهي ۽ اهڙي ريت اهو انھن جو گڏيل ورثو آهي.
سندس چوڻ آهي تہ مختلف ڪلچر، ٻولين ۽ ملڪن جي ماڻھن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ ڏکياائي ٿيندي آهي. پر غم، خوشي وغيرہ اهڙا يونيورسل سمبلز ۽ ڳالھيون آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجھڙائي هوندي آهي پر پوء بہ ڪي ننڍيون ڳالھيون ۽ اشارا اهڙا هوندا آهن، جيڪي رڳو ان ڪلچر سان لاڳاپيل ماڻھو ئي سمجهي سگهندو آهي ۽ ان تي پنھنجو ردعمل ظاهر ڪري سگهندو آهي. ان سلسلي ۾ فلمون پنھنجي خاص طور ايڪشن وسيلي مختلف ملڪن، ٻولين ۽ ثقافتن جي ماڻھن ۾ رابطي جو هڪ سولو ۽ آسان ذريعو آهن.
