جون ايليا جي شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو
جون جا ٽيئي وڏا ڀائر رئيس، سيد محمد تقي ۽ عباس 1947 ۾ ئي پاڪستان اچي ويا هئا جڏهين تہ جون ڪجهہ سالن کانپوء آيو. سندن ماء پي اتي امروه ۾ ئي رهيل هئا. جون جو چوڻ هو تہ علم ادب ۽ خاص طور شاعري لاء اها هڪ مردم خيز سرزمين هئي. هتان جو هر چوٿون ماڻھو جيڪڏهين شاعر نہ تہ تڪ بند ضرور هو. اهو خاندان پاڻ علم ادب سان لاڳاپيل هو. سندن پيءُ سيد شفيق حسن مختلف ٻولين جو ماهر ۽ علم فلڪيات جو ڄاڻو هو. سندس ان موضوع تي برٽرنڊ رسل ۽ ٻين عالمن سان خط وڪتابت ٿيندي هئي. خاندان جي ان صورتحال کي ڏسندي، جون پنھنجي هڪ مضمون ۾ چئي ٿو تہ مون کي پنھنجي خاندان جو معاشي آئيندو اونداهو ٿو لڳو. ڇو تہ ڪمائي جو ڪو ذريعو نظر نہ ٿو اچي. ٻہ وڏا ڀائر تہ روزگار سان وڃي لڳا، هڪ آئون رلي ويس ۽ ڪٿي جو نہ رهيس.
پاڪستان اچڻ کانپوء کارادر جي علائقي ۾ سندس رهائش هئي. رئيس امرهوي ۽ سيد محمد تقي کيس هڪ رسالي انشاء جو ڊيڪليريشن وٺي ڏنو، جيڪو پوء عالمي ڊائجسٽ جي نالي سان نڪرندو رهيو.
جون جي هڪ منفرد ۽ غير متوازن شخصيت رهي آهي. ليکڪا پنھنجي ماء ۽ جون جي ڀاڀي جي هڪ ڳالھہ ٻولھہ جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿي تہ جون جڏهين پنھنجي ماء پي سان امروھہ ۾ هو تہ هو ڪو ڪم ڪار ڪري، انھن جي پرگهور لھي سگهيو ٿي پر هن ڪا نوڪري ڪرڻ نہ ٿي چاهي. هن نہ ٿي چاهيو تہ هو هڪ بابو وانگر صبح جو تيار ٿي دفتر وڃي ۽ شام جو موٽي. هو جيڪو پاڻ کي دي جون ايليا چوندو هو اها ڳالھہ سندس شان جي خلاف هئي. ڇوڪرين جي محفل ۾ هو شرمايل، اکيون هيٺ ڪيو ۽ خاموش ويٺو هوندو هو جڏهين تہ ڇوڪرن سان سندس بلڪل نہ پوندي هئي ۽ انھن کي ڇڙٻ ڏيئي ڇڏيندو هو. ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ رڙيون ڪرڻ سندس طبيعت ۾ شامل هو.
ليکڪا سندس شخصيت جو جائزو وٺندي، ان کي سندس ماء جي پس منظر سان ڳنڍي ٿي. سندس ماء کي سندس مرضي جي خلاف خاندان جي هڪ اهڙي شخص سان شادي ڪرائي ويئي هئي جنھن کي هو پنھنجو ڀاءُ سمجهندي هئي، جنھن جي ڪري هو هڪ نفسياتي بحران جو شڪار ٿي ويئي هئي ۽ کيس وقت بوقت دورا پوندا هئا. سندس لاء چيو ويندو هو تہ مٿس گهر جي هڪ بند ڪمري جو دروازو کولڻ جي ڪري ظلمين نالي جن جو پاڇو هو، جنھن سندس شخصيت کي غير متوازن ڪري ڇڏيو هو ۽ مٿس وقت بوقت دورا پوندا رهندا هئا. جون جي شخصيت ۾ چڙ، ڪاوڙ، رڙيون ڪرڻ وغيرہ جهڙين خاصيتنن کي ڏسندي اهو چيو ويندو هو تہ هي ان ظلمين جن جو ٻيو روپ آهي.
ليکڪا پنھنجي پي رئيس امروهي متعلق بہ ٻڌائي ٿي تہ سندس ماء گهڻي سھڻي هوندي هئي، جنھن جي ڪري سندس پيءُ ڄڻ احساس ڪمتري جو شڪار هوندو هو ۽ سندس ساڻس نہ پوندي هئي. هن شادي کانپوء گهر کان ڀڄي وڃي هڪ ڪوجهي عورت کي هٿ ڪيو ۽ ان سان شادي ڪرڻ وارو هو تہ گهر وارا وڃي کيس واپس وٺي آيا. ساڳي ريت هو پنھنجن ٻارن جي گهڻو ويجهو نہ هو ۽ نہ ئي ساڻن پيار ڪندو هو. ان ڪري ليکڪا پنھنجي پيءُ جي بجائي پنھنجي چاچي جون جي وڌيڪ ويجهو هئي ۽ پنھنجي نالي سان ايليا شامل ڪيو هئائين.
زاهدہ حنا جون سان عالمي ڊائجسٽ ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ اتي انھن ٻنھي جو تعلق وڌيڪ گهرو ٿيو. ڪتاب مان اها خبر پيئي ٿي تہ ٻنھي جي گهر وارا ان شادي لاء راضي نہ هئا. زاهدہ جي پي کيس ان شادي لاء منع ڪئي هئي جڏهين تہ جون جي اصرار ڪرڻ تي سندس ڀاڀي ٻہ ٽي جاين تي سندس سڱ لاء ڪوشش بہ ڪئي ۽ اهي ماڻھو راضي بہ ٿيا، پر جون شادي زاهدہ سان ڪئي. جون لاء هونئن عشق ڪرڻ ۽ ان جو ختم ٿي وڃڻ هڪ معمول جي ڳالھہ هئي. ان ڪري ان شادي کي هڪ خاص ڳالھہ سمجهيو ٿي ويو. اها شادي ويھہ سال هلي جيڪا پاڻ گهڻن لاء حيرت جي ڳالھہ هئي. جون پنھنجي ڌن ۾ ئي رهندو هو. مون جون جي ڌي جو هڪ ليک پڙهيو هو، جنھن ۾ هن ٻڌايو هو تہ ننڍي هوندي هو ساڻس ٻاهر ڪٿي گهمڻ ويئي هئي ۽ واپسي تي هو کيس پنھنجي ڪنھن دوست جي گهر وساري پاڻ گهر پھچي ويو هو. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ جڏهين اها شادي ويھہ سال هلي سگهي ٿي تہ وڌيڪ بہ هلي ها پر اها هلي نہ سگهي ۽ هڪ ڏينھن زاهدہ کيس چيو تہ گهر ۾ رنگ روغن جو ڪم پيو ٿئي هو ڪجهہ ڏينھن لاء پنھنجي خانداني گهر ۾ وڃي رهي. هو پنھنجي پيتي کڻي پنھنجي ڀائٽي ڪرار جي گهر اچي ويو ۽ وري موٽي پنھنجي گهر نہ وڃي سگهيو ۽ آخر تائين اتي رهيو.
ڪتاب مان ائين لڳي ٿو تہ جون جي خاندان ۽ زاهدہ جا ناتا خوشگوار نہ رهيا آهن. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ هو گهڻو عرصو انگلينڊ ۾ رهي، ان ڪري زاهدہ سان گهڻو واسطو نہ رهيو ۽ سندن ملاقات ٽي چار ڀيرا ئي ٿي سگهي. پر انھن ملاقاتن ۾ زاهدہ جو رويو ناراضگي ۽ ڪاوڙ وارو هوندو هو. سندس چوڻ موجب هڪ رايو اهو بہ آهي تہ زاهدہ پنھنجي شھرت لاء جون کي سيڙهي طور استعمال ڪيو، پر وري ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ ڪري ٿي تہ زاهدہ ۾ پاڻ ايتريون صلاحيتون هيون جو اها ادبي دنيا ۾ پاڻ پنھنجي جاء ٺاهي سگهي پئي ۽ کيس اهڙي ڪنھن سيڙهي جي ضرورت نہ هئي. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ جون منصور حلاج تي هڪ ڪتاب لکڻ چاهيو ٿي ۽ ان جي لاء هن ٽي سو ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو. اهي ڪتاب هڪ پيتي ۾ بند هئا. جڏهين جون گهر ڇڏيو تہ اها پيتي گهر جي سيڙهي وٽ پيل هئي. پوء ڪنھن محفوظ جاء تي نہ رکڻ ڪري مينھن ۾ اهي ڪتاب ضائع ٿي ويا ۽ جون جيڪو هڪ اهم ڪتاب ماڻھن کي ڏيئي سگهيو ٿي اهو نہ ڏيئي سگهيو.
جون ان وقت هڪ جذباتي بحران ۾ وٺجي ويو هو جڏهين زاهدہ کانئس طلاق جي گهر ڪئي هئي. هو فون تي ان سان ڳالھائيندي روئندو هو۽ کيس اهو فيصلو واپس وٺڻ لاء منٿون ڪندو هو پر کيس ان جي ڪا گهربل موٽ نہ ملندي هئي. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ ان باقاعدي عليحدگي کانپوء جون بلڪل ماٺ ٿي ويو هو. هو گهٽ ڳالھائيندو ۽ گهٽ کائيندو هو. ليکڪا جي چوڻ موجب جڏهين زاهدہ جون جي سڀني عادتن کان واقف هوندي ساڻس شادي ڪئي هئي ۽ ساڻس ويھہ سال گذاريا هئا تہ پوء باقي زندگي بہ گذاري سگهي ٿي. ٻي ڳالھہ تہ زاهدہ کڻي ان خاندان لاء غير هئي پر سندس ٻار تہ اسان جي خاندان جو حصو هئا، پر هن انھن کي بہ خاندان کان پري ڪري ڇڏيو هو. زاهدہ کان طلاق کانپوء ڪجهہ عرصو ان صدمي ۾ گذارڻ کانپوء جون جو اهو اصرار هوندو هو تہ کيس ٻي شادي ڪرڻي آهي پر اها ٿي نہ سگهي.
جون جو ليکڪا سان چاچي هئڻ سان گڏ هڪ ويجهو ذاتي ناتو بہ هو. هو سندس لاء پي بہ هو تہ استاد بہ جيڪو کيس فلسفو ۽ عالمي تاريخ پڙهائيندو هو. پر اهو تعلق ان وقت جهيڙن جڳھڙن ۽ تلخين جو شڪار ٿي ويو جڏهين جون پاران خانداني گهر وڪڻي پنھنجي حصي جي گهر ڪئي ويئي. ليکڪا ۽ ٻين گهر وارن ان ڳالھہ جي مخالفت ڪئي ٿي جڏهين تہ جون جو ليکڪا تي اهو الزام هو تہ اها سڄي ملڪيت پاڻ ڦٻائڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ هن ڪنھن ڳالھہ جو لحاظ نہ ڪيو ۽ سڀ حدون پار ڪري ويو. هو ان حد تائين هليو ويو جو رڪشا ۽ ٽئڪسي ڊرائيورن کي گهر وٺي ايندو هو ۽ چوندو هو تہ هي هاڻي هتي رهندا. سندس چوڻ هو تہ ان جائداد مان جيڪي پئسا ملندا، ان مان هو پنھنجن ٻارن کي خوش ۽ سکي ڏسڻ چاهي ٿو جڏهين تہ سندس ٻارن جو چوڻ هو تہ کين ان جائداد مان ڪجهہ بہ نہ کپي. پر اهي پئسا سندس وفات کانپوء سندس ڀائٽي سندس ٻارن کي ئي ڏنا ۽ انھن کي ئي ڪم آيا.
تخليقي ڪم سان گڏوگڏ جون جي زندگي جا اهي مختلف پاسا آهن جن کي ان ڪٿا ۾ نروار ڪيو ويو آهي پر ان سلسلي ۾ هڪ ڳالھہ کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ ليکڪا جون سان خانداني جهيڙن ۽ مسئلن ۾ ملوث هئي ان ڪري سندس نڪتہ نظر کي ان حوالي سان بہ ڏسڻ گهرجي.
