مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

روشن چھرا

”بلوچ روشن چھري“ رمضان بلوچ جو ٽيون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ٻہ ڪتاب ”لياري ڪي ان ڪھي ڪھاني“ ۽ ”لياري ڪي اڌوري ڪھاني“ شائع ٿي چڪا آهن. نوڪري مان ڪجهہ سال اڳ رٽائر ٿيڻ کانپوء رمضان سماجي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ سرگرم زندگي گذاري رهيو آهي. منھنجي ساڻس واقفيت آزاد بلوچ جي حوالي سان اٽڪل ٽيھہ پنجٽيھہ سالن کان آهي ۽ فيس بڪ ان کي اڃا وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو آهي. رمضان لياري جو پراڻو رهاڪو ۽ اتان جي ماڻھن، مختلف علائقن، سياست ۽ سماجي سرگرمين جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ آهي.
پاڪستان ٺھڻ اڳ ۽ ان کان گهڻو عرصو پوء بہ لياري ۽ ملير جا بلوچ سنڌي ميڊيم ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ سنڌي ۾ ئي لکپڙه ڪندا هئا. اهو لاڙو پوء مختلف سياسي ڪارڻن جي ڪري تبديل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ گهڻا سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ بند ٿي ويا. رمضان ٻڌائيندو آهي تہ سندس وڏو ڀاء سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندو هو پر سندس پيءَ رمضان کي الائي ڇو اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.
هن ڪتاب ۾ ٻائيتاليہ کان وڌيڪ اهم بلوچ شخصيتن جو ذڪر آهي. هڪ تہ ان ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻھو آهن جن سان رمضان جو واسطو رهيو آهي ۽ ٻيو تہ ان ۾ لياري جي ماڻھن ۽ رمضان جي دوستن جو هڪ حاوي تعداد آهي. ان ۾ سياستدان، اديب، سماجي ڪارڪن ۽ اڪبر جلال جھڙا فلمن ۽ موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ماڻھو شامل آهن.
لياري جو بلوچ سياست، ادب ۽ سياست جي واڌ ويجهہ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. بلوچ ادب ۽ سياست جي اهم نالن جھڙوڪ واجه عبدلله جان جمالديني، آزاد جمالديني، ظھور هاشمي، صبا دشتياري، غوث بخش بزنجو، عطاءﷲ مينگل ۽ خيربخش مري وغيرہ جو واسطو مختلف طريقن سان لياري سان رهيو آهي. بي ايس او سميت گهڻيون بلوچ تنظيمون هتي ئي وڌيون ويجهيون. هتان جي بلوچ نوجوانن جھڙوڪ لالا لعل بخش رند، آزاد بلوچ، صديق بلوچ ، عثمان بلوچ، يوسف نسڪندي، ن م دانش ۽ اڪبر بارڪزئي هتان جي ادب، سياست ۽ ماڻھن کي سياسي شعور ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چاڪيواڙي جو نور محمد ٽي شاپ، لالا لعل بخش رند جي گهر جي سامھون خالي پلاٽ، جيڪو سندس ئي ملڪيت هو ۽ پوء لينن گراڊ جي نالي سان مشھور ٿيو، ۽ ٻيون مختلف جايون نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ملڪ ۽ دنيا جي مخلتف حصن مان ايندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻين جون مستقل جايون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ اهوبہ هو تہ 1960 جي ڏهاڪي کان بلوچ نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد پنھنجي تعليم ۽ روزگار وغيرہ جي سلسلي ۾ ڪراچي اچڻ شروع ٿيو. اهم بلوچ رهنما غوث بخش بزنجو 1935 ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ هتان ئي بلوچ ليگ جي پليٽ فارم تان هن پنھنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. ساڳي وقت بزنجو هتان ئي محمود هارون جي خالي ڪيل قومي اسمبلي جي نشست تي سندس ئي حمايت سان اسمبلي جو رڪن ٿيو هو جنھن تي بلوچ سياسي ڪارڪنن پاران ناراضگي جو اظھار ڪيو ويو هو ۽ ليکڪ ان کي بلوچ سياست ۾ بگاڙ جو اهم ڪارڻ قرار ڏئي ٿو. ساڳي ريت عطاءﷲ مينگل پڻ 1962 ۾ بلوچ حقن جي حوالي سان ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيل هڪ جلسي ۾ متعارف ٿيو هو.
هي ڪتاب بلوچ سياست، ادب ۽ ثقافت ۽ خاص طور لياري سان ان جي تعلق جي حوالي سان اهم آهي.