روشن چھرا
پاڪستان ٺھڻ اڳ ۽ ان کان گهڻو عرصو پوء بہ لياري ۽ ملير جا بلوچ سنڌي ميڊيم ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ سنڌي ۾ ئي لکپڙه ڪندا هئا. اهو لاڙو پوء مختلف سياسي ڪارڻن جي ڪري تبديل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ گهڻا سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ بند ٿي ويا. رمضان ٻڌائيندو آهي تہ سندس وڏو ڀاء سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندو هو پر سندس پيءَ رمضان کي الائي ڇو اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.
هن ڪتاب ۾ ٻائيتاليہ کان وڌيڪ اهم بلوچ شخصيتن جو ذڪر آهي. هڪ تہ ان ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻھو آهن جن سان رمضان جو واسطو رهيو آهي ۽ ٻيو تہ ان ۾ لياري جي ماڻھن ۽ رمضان جي دوستن جو هڪ حاوي تعداد آهي. ان ۾ سياستدان، اديب، سماجي ڪارڪن ۽ اڪبر جلال جھڙا فلمن ۽ موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ماڻھو شامل آهن.
لياري جو بلوچ سياست، ادب ۽ سياست جي واڌ ويجهہ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. بلوچ ادب ۽ سياست جي اهم نالن جھڙوڪ واجه عبدلله جان جمالديني، آزاد جمالديني، ظھور هاشمي، صبا دشتياري، غوث بخش بزنجو، عطاءﷲ مينگل ۽ خيربخش مري وغيرہ جو واسطو مختلف طريقن سان لياري سان رهيو آهي. بي ايس او سميت گهڻيون بلوچ تنظيمون هتي ئي وڌيون ويجهيون. هتان جي بلوچ نوجوانن جھڙوڪ لالا لعل بخش رند، آزاد بلوچ، صديق بلوچ ، عثمان بلوچ، يوسف نسڪندي، ن م دانش ۽ اڪبر بارڪزئي هتان جي ادب، سياست ۽ ماڻھن کي سياسي شعور ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چاڪيواڙي جو نور محمد ٽي شاپ، لالا لعل بخش رند جي گهر جي سامھون خالي پلاٽ، جيڪو سندس ئي ملڪيت هو ۽ پوء لينن گراڊ جي نالي سان مشھور ٿيو، ۽ ٻيون مختلف جايون نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ملڪ ۽ دنيا جي مخلتف حصن مان ايندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻين جون مستقل جايون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ اهوبہ هو تہ 1960 جي ڏهاڪي کان بلوچ نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد پنھنجي تعليم ۽ روزگار وغيرہ جي سلسلي ۾ ڪراچي اچڻ شروع ٿيو. اهم بلوچ رهنما غوث بخش بزنجو 1935 ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ هتان ئي بلوچ ليگ جي پليٽ فارم تان هن پنھنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. ساڳي وقت بزنجو هتان ئي محمود هارون جي خالي ڪيل قومي اسمبلي جي نشست تي سندس ئي حمايت سان اسمبلي جو رڪن ٿيو هو جنھن تي بلوچ سياسي ڪارڪنن پاران ناراضگي جو اظھار ڪيو ويو هو ۽ ليکڪ ان کي بلوچ سياست ۾ بگاڙ جو اهم ڪارڻ قرار ڏئي ٿو. ساڳي ريت عطاءﷲ مينگل پڻ 1962 ۾ بلوچ حقن جي حوالي سان ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيل هڪ جلسي ۾ متعارف ٿيو هو.
هي ڪتاب بلوچ سياست، ادب ۽ ثقافت ۽ خاص طور لياري سان ان جي تعلق جي حوالي سان اهم آهي.
