زلفي: هڪ دوست جي نظر ۾
زلفي شروع ۾ گهر ۾ ئي ڪجهہ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ هو نو سالن جي عمر تائين اسڪول ۾ داخل نہ ٿيو هو. جڏهين پرنسپل داخلا لاء سندس انٽرويو ورتو تہ کيس چيو تہ توکي گرلز سيڪشن ۾ داخلا ڏيون ٿا جنھن تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ پرنسپل کلي کيس چيو تہ ڇوڪرن کي ائين ئي هئڻ گهرجي ۽ کيس فرسٽ اسٽينڊرڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت ڪنڊرگارٽن ۽ پرائمري مرحلا نہ ڪرڻ جي ڪري کيس گهڻي ڏکيائي ٿي پر هو انتھائي ذهين هو ۽ پڙهائي ۾ اڳتي وڌندو ويو. 1945 ۾ پنھنجي ننڍي ڀيڻ جي وفات جي ڪري هو گهڻي ڏک ۾ هو ۽ سينيئر ڪيمبرج جي امتحان ۾ فيل ٿي ويو پر پوء ڇھہ مھينا هن پاڻ کي بلڪل پڙهائي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ 1946 ۾ هن سينيئر ڪيمبرج ڪري ورتو. ان دوران کيس هڪ افلاطوني قسم جو عشق ٿيو. هو ان ڇوڪري سان ملڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ چاهيندو هو پر ڇوڪري جا ماء پي کيس ساڻس ملڻ نہ ڏيندا هئا جنھن جي ڪري هو ڪافي مايوس ۽ پريشان هو. ليکڪ جي چوڻ موجب زندگي جي گهڻي تجربي حاصل ڪرڻ کانپوء بہ هو ان ڇوڪري کي وساري نہ سگهيو. اهي ٻيئي دوست پوء آمريڪا ۾ پڙهائي دوران ۽ آڪسفورڊ ۾ بہ هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو رهيا.
ليکڪ جو خيال آهي تہ ڀٽو جي خاندان جي بمبئي ۾ رهڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري سندس لاء هڪ جديد نڪتہ نظر اختيار ڪرڻ آسان ٿي پيو. جيڪڏهين هو سنڌ جي قبائلي ۽ پٺتي پيل ماحول ۾ هجي ها، تہ سندس لاء ايترو اڳتي وڌڻ ممڪن نہ هجي ها. هو وڌيڪ لکي ٿو تہ اسان ٻيئي ساڳيا ڪتاب پڙهندا هئاسين، پر آئون پنھنجن مشاهدن ۽ تجربن کي وڌيڪ مّضبوط بنياد ڏيڻ چاهيندو هوس جڏهين تہ زلفي پنھنجن سوشلسٽ خيالن لاء پڙهندو هو.
ڪرڪيٽ سان کيس گهڻو شوق هو. وجي مرچنٽ، هزاري، مشتاق علي، امر ناٿ، مانڪنڊ ۽ نواب پٽودي سندس پسند جا رانديگر هوندا هئا. مشتاق علي سان زلفي جا ويجها لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ هو ڄڻ سندن گهر جو هڪ فرد بڻجي ويو هو. هو جڏهين بہ بمبئي ايندو هو تہ زلفي جي گهر ئي اچي رهندو هو. ان وقت هڪ ٻئي ڪرڪٽر گل محمد سان بہ زلفي جا ويجها لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ اهي ٽيئي گڏ هوندا هئا. مشتاق جو خيال هو تہ زلفي ۾ هڪ سٺي ڪرڪيٽر ٿيڻ جي صلاحيت هئي ۽ هو جيڪڏهين ٿوري پريڪٽس ڪري ها تہ هڪ سٺو رانديگر ٿي سگهيو ٿي. زلفي سٺو پائيندو ۽ سٺو کائيندو هو ۽ پنھنجن انھن دوستن کي کارائڻ پيارڻ تي بہ خرچ ڪندو هو. باقي طبيعت جي لحاظ کان هو ڪنھن بہ ننڍي ڳالھہ تي ناراض ٿي ويندو هو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندو هو. مشتاق علي سان زلفي جو اهو رابطو ان وقت ختم ٿي ويو، جڏهين شاهنواز ڀٽو ديوان ٿي جوناڳڙه هليو ويو. مشتاق علي 1954 ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ميچ لاء ڪراچي ويو تہ اتي سندس زلفي سان وري ملاقات ٿي ۽ کيس سندس گهر ۾ گهڻي عزت ملي پر هن ڏٺو تہ زلفي جو شوق هاڻي ڪرڪيٽ ڏانھن گهڻو نہ رهيو هو.
زلفي انگلينڊ ۾ قانون جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء اتي هڪ فرم سان ڪم شروع ڪيو هو پر پويان سندس ڀاء زمينن وغيرہ جي معاملن کي صحيح نموني سنڀالي نہ سگهيو هو، جنھن جي ڪري کيس اها پريڪٽس ڇڏي واپس موٽڻو پيو. هن لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي پراڻي گهر کي ڊهرائي نئون گهر ٺھرايو ۽ اتي رهڻ لڳو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هتي ڪراچي ۾ هن جنھن سينيئر وڪيل رام چنداڻي سان ڪم شروع ڪيو هو، ان کي سندس ڪم ۽ قابليت کي ڏسي اهو ڊپ لڳو تہ ڪٿي هو کانئس اڳتي نہ نڪري وڃي. هن نہ رڳو اهو تہ کيس ڪا تربيت نہ ڏني پر کيس اها صلاح ڏني تہ هو وڪالت ڇڏي سياست ڏانھن وڃي. زلفي سندس مطلب سمجهي ويو ۽ ان ڪري کيس پنھنجي ليکي پنھنجي پريڪٽس شروع ڪرڻي پيئي. ان وقت جي سنڌ چيف ڪورٽ جي فل بينچ آڏو هڪ ڪيس ۾ سندس دليل ٻڌي چيف جسٽس ڪانسٽنٽائين جو چوڻ هو تہ هي وڪالت جي پيشي ۾ گهڻو اڳتي ويندو. هو پنھنجي تعريف ٻڌي خوش ٿيندو هو ۽ چيف جسٽس جي ان ڳالھہ کيس واقعي خوش ڪري ڇڏيو.
سياسي لحاظ کان انھن ٻنھي جا خاندان ٻن مختلف خيالن جا هئا. سر شاهنواز ڀٽو مسلم ليگ ۽ جناح جي ويجهو هو جڏهين تہ ليکڪ جو پي گانڌي ۽ نھرو جي ويجهو هو. انھن ٻنھي لندن جي پھرين گول ميز ڪانفرنس ۾ بہ شرڪت ڪئي هئي جتي سر شاهنواز سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي گهر پيش ڪئي هئي. ليکڪ جو خيال آهي تہ جونا ڳڙه جي ديوان هئڻ وقت هو جيڪڏهين رياست جي پاڪستان سان الحاق جي حوالي سان اهو موقف نہ رکي ها تہ ٻنھي ملڪن جي ناتن جي نوعيت مختلف هجي ها.
پلو مودي عدن ۾ هڪ هوٽل جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو جڏهين اوڏانھن ويندو هو تہ ڪراچي ۾ ڪجهہ وقت لاء زلفي سان ملاقات لاء ضرور ترسندو هو. اتي هڪ ڀيري ڀٽي سندس ملاقات پنھنجي زال نصرت سان ڪرائي. هو نصرت جي سڀاء ۽ ان جي روئي کي گهڻو ساراهي ٿو. هن سندن سٺو خيال رکيو ۽ هڪ سٺي ميزبان جا فرض انجام ڏنا. ليکڪ جو خيال آهي تہ 1971 جي جنگ کانپوء اندرا گانڌي سان ڳالھہ ٻولھہ لاء ڀٽو سان گڏ بينظير جي بجائي نصرت ڀٽو کي اچڻ گهرجي ها جيڪا بيماري جي ڪري نہ اچي سگهي هئي. سندس چوڻ آهي تہ بينظير اتي ڳالھہ ٻولھہ ڪندڙ ٻنھي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ نھايت آرام ۽ ڪنھن بہ پريشاني کان آزاد پنھنجو وقت گذاريو.
پاڪستاني وفد جي ڀارت اچڻ کان اڳ ليکڪ اندرا گانڌي کي لکيو هو تہ هو ان ڳالھہ ٻولھہ جي عمل ۾ ڀٽو جي دوست جي حيثيت ۾ هڪ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر اندرا پاران کيس ان جو ڪو جواب نہ مليو. بھرحال ڳالھہ ٻولھہ جي شروع ٿيڻ کان اڳ هو شملا پھتو هو ۽ ڀٽو سان سندس فون تي رابطو هو. شملا واري ڳالھہ ٻولھہ گهڻن مرحلن مان گذري ۽ هڪ مرحلو اهڙو آيو جڏهين ائين لڳو تہ ڳالھہ ٻولھہ ناڪام ٿي ويئي هئي. ڀارت پاران مجيب کي ڳالھين ۾ شامل ڪرڻ ۽ جنگي ڏوهارين تي مقدمي هلائڻ تي اصرار هو، جنھن کي پاڪستان پاران قبول نہ ٿي ڪيو ويو. هن ان دوران ڀٽو سان ذاتي نوعيت جي هڪ ڊگهي ملاقات ڪئي هئي. صحافين اهو سمجهيو تہ انھن ٻنھي دوستن ۾ ڪا اهم ڳالھہ ٻولھہ ٿي آهي ۽ اهي کانئس ان متعلق سوال ڪرڻ لڳا. پر جيئن تہ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ هئي ان ڪري هن پنھنجي پارٽي پاران هڪ بيان جاري ڪري اهو واضح ڪيو تہ اسان چاهيون ٿا تہ ٻنھي ملڪن ۾ سٺا ۽ خوشگوار ناتا هجن ۽ اهي امن سان رهن. الوداعي دعوت وقت جڏهين سرڪاري مھرن سميت سڀ سامان واپس موڪليو ويو هو ان وقت ٻيئي اڳواڻ ماني جي ميز تان اٿي بيٺا ۽ پاڻ ۾ ڳالھہ ٻولھہ ڪري ٺاه تي صحيح ڪيائون.
ٻنھي ۾ اهي ناتا ۽ بي تڪلفي آخر وقت تائين قائم رهيا جن ليکڪ چواڻي تہ بينظير کي بہ حيران ڪري ڇڏيو هو تہ سندس پيءُ ڪنھن ماڻھوءَ سان ان حد تائين بي تڪلف ٿي سگهي ٿو.
