رشيد ڀٽي: دوستن جون ساروڻيون
انھن مان گهڻا ڪالم سندس ڪتاب ”جي جياريو جن ۾“ شامل آهن جيڪي مختلف شخصيتن جي حوالي سان لکيل آهن. ان ۾ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل ۽ ڪجهہ اڻ ڇپيل ڪالم ۽ مضمون پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل چوويھہ مضمون شامل آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهي مضمون هن انھن ماڻھن جي گذاري وڃڻ کانپوء لکيا آهن، جنھن ۾ هو جذباتي بہ ٿي ويو آهي.
انھن مضمونن مان ليکڪ جي پنھنجي شخصيت متعلق بہ گهڻي معلومات ملي ٿي. هن پنھنجي شاگردي جو چڱو عرصو ڪراچي ۾ گذاريو. هو 1953 ۾ ڪراچي آيو. اهو پاڪستان جو شروعاتي دور هو ۽ سنڌ مختلف آزمائشن مان گذري رهي هئي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ، سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد ۽ پوء ڄامشورو منتقل ڪرڻ، ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ ۽ سڀ کان اهم ون يونٽ جو قيام ۽ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪرڻ اهڙا مسئلا هئا، جن خاص طور نوجوانن ۽ شاگردن ۾ هڪ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي هئي. انھن سرگرمين ۾ حصي وٺڻ سان گڏوگڏ ان وقت سنڌي ادبي سنگت بہ پنھنجي شروعاتي دور ۾ هئي ۽ ليکڪ مختلف شھرن ۾ ان جي شاخن قائم ڪرڻ لاء بہ ڪم ڪيو.
رشيد ڀٽي جي سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز ڪراچي هو. هو هتي مختلف جاين تي ٿيندڙ سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ ساڳي وقت اڌ رات جو ڪامريڊ پوهو ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچي جي ديوارن تي چاڪنگ بہ ڪندو هو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ يوٿ فرنٽ جو ذڪر ڪيو آهي جنھن جو روح روان ذوالفقار علي ڀٽو هو ۽ ٻيا مختلف ماڻھو ان ۾ شامل هئا.
ڪراچي ۾ ليکڪ جو احسان بدوي، نورالدين سرڪي، اياز قادري، پوهو ۽ ٻين اهم ماڻھن سان واسطو پيو، جن سندس ادبي ذوق، ادبي ڪم ۽ سياسي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. هڪ اهڙي شخصيت جي تشڪيل ٿي جنھن جو محور ۽ مرڪز سنڌ هئي. پر ان کي هڪ تنگ نظر قوم پرستي نہ ٿو ليکي سگهجي. طبقاتي شعور سان گڏ هڪ اهڙو آزاد خيال شخص جيڪو ڪنھن اڳواڻ ۽ سياسي جماعت جو هرو ڀرو پڇ لٽڪائو نہ هو. ان ڳالھہ جو ثبوت ان مان ملي ٿو تہ رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ جي ٺھڻ جي شروعاتي گڏجاڻين مان هڪ اروڙ ۾ سندس جاء تي ٿي هئي ۽ هو پليجو کي ساٿي پليجو سڏي ٿو، پر ساڳي وقت سندس جيل ڊائري ۽ آتم ڪٿا اسين لوچيون لوه ۾ هن پليجو تي گهڻي تنقيد ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ سندس هڪ آزاد فرد جي طور نيشنل عوامي پارٽي ۽ عوامي ليگ جهڙين صوبائي حقن جي حامي مختلف جماعتن سان واسطو پڻ رهيو آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ ان ۾ جن بہ شخصيتن جو بيان آهي انھن کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويو آهي. مثال طور آغا بدرالدين، جنھن جو مسلم ليگ سان واسطو هو، جي گڻن کي ساراهيو آهي.
پير حسام الدين راشدي هڪ تاريخدان طور ڄاتو وڃي ٿو پر ليکڪ اها ڳالھہ بہ ڪئي آهي تہ هن افسانا بہ لکيا آهن جن جي شايد گهٽ ماڻھن کي ئي خبر هجي.
احسان بدوي متعلق سندس ليک جذباتي ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هو ايس ايم ڪاليج ۾ سندس استاد هئڻ سان گڏوگڏ سندس دوست پڻ هو. ڪراچي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ سندس موت سندس اندر کي جهوري ڇڏيو هو. اروڙ جي اقبال جوڳي جي مرلي کيس موهي وڌو هو. جوڳي هڪ عالمي شھرت جو فنڪار هو پر سندس الميو اهو هو تہ وٽس پنھنجي دوائن لاء پئسا نہ هوندا هئا ۽ مرلي وڄائي بيک نہ مڱندو هو تہ سندس گهر جو گاڏو نہ هلندو هو.
ڪامريڊ پوهو جي لاء هو لکي ٿو تہ شادي ۽ گهر جي ذميوارين کيس ڄڻ ٻين سڀني ڳالھين کان لاتعلق ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس شادي نورالدين سرڪي جيان ڄڻ کانئن هڪ ٻيو ڪامريڊ کسي ورتو هو.
هو ڪميونسٽن جو قومي حقن جي حوالي سان واضح نہ هئڻ ڪري نقاد رهيو آهي پر ان سلسلي ۾ نسل پرستي جي حد تائين نہ ٿو وڃي ۽ حسن ناصر جھڙن اهڙن ماڻھن کي ساراهي بہ ٿو جن ان حوالي سان هڪ واضح موقف رکيو هو.
رشيد ڀٽي جي جيل ڊائري ۽ هن ڪتاب مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ عمر جو گهڻو حصو عمل ۾ رهڻ ڪري هن باوجود ڪن سياسي اڳواڻن ۽ سياسي جماعتن جي ويجهي هئڻ جي پنھنجو هڪ آزاد نڪتہ نظر رکيو آهي، جنھن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اها ساڳي وقت هڪ ساراه جوڳي ڳالھہ آهي. آئون سمجهان ٿو تہ هو اهڙا شخصي خاڪا انھن ماڻھن جا بہ لکي ها، جيڪي حال حيات هئا تہ پڙهندڙ جي ڄاڻ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سٺو واڌارو ٿئي ها.
