سياسي خال ۽ اڳواڻيءَ جو سوال
سنڌ ۾ ماضي ۾ جيڪي تحريڪون هليون اها تحريڪ انھن کان ڪجهہ حوالن سان مختلف هئي. ان تحريڪ جو ڪالاباغ واري تحريڪ سان فرق اهو آهي تہ ان ۾ سياسي جماعتن هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ ايستائين تہ بينظير ڀٽو بہ ڪمون شھيد واري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي. ساڳي ريت 1983 ۽ 1986 جون آيم آر ڊي جون تحريڪون پنھنجي خودرو نوعيت هئڻ باوجود بنيادي طور سياسي تحريڪون هيون ۽ انھن ۾ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن ۽ سياسي ڪارڪنن جو اهم ڪردار هو. ڏٺو وڃي تہ ضياء دور ۾ صحافين جي حقن جي حوالي سان جيڪا تحريڪ هلي هئي ان ۾ بہ سياسي جماعتن جو هڪ اهم ڪردار هو. ان موجودہ نھرن مخالف تحريڪ ۾ جيتوڻيڪ سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن ماحول ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو پراهو هڪ خاص حد کان اڳتي نہ وڌي سگهيو. ان کي توڙ تي پھچائڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ سنڌ جي وڪيلن ۽ عام ماڻھن جو مک ڪردار آهي.
تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي مثال آهن جتي عوامي اڀار کي ڪو رخ ڏيڻ ۽ عوام جي قيادت ڪرڻ لاء ڪا مضبوط عوام دوست سياسي قوت موجود نہ هوندي آهي تہ اتي غيرسياسي عنصر ۽ ايستائين تہ فاشسٽ قوتون بہ عوام دوست هئڻ جو ڏيک ڏيئي ان تحريڪ تي قبضو ڪري ان تي پنھنجو ايجنڊا ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ ڪڏهين ان ۾ ڪامياب بہ ٿينديون آهن. جرمني ۾ پھرين مھاڀاري جنگ کانپوء ملڪ جي خراب معاشي حالتن ۽ شڪست جي احساس هٽلر کي جنم ڏنو، جنھن کي عوامي حمايت پڻ حاصل هئي. ساڳي ريت عرب اسپرنگ ان لحاظ کان هڪ اهم حوالو آهي. ان جو بنيادي مقصد جيتوڻيڪ سياسي تبديلي هو، جنھن ۾ اهي ڪجهہ ملڪن ۾ حڪمرانن کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب بہ ويا. پرخاص طور مصر ۾ جتي حسني مبارڪ کي استعفا ڏيڻي پئي ۽ ملڪ ۾ چونڊون بہ ٿيون، پر مختلف سياسي ۽ غير سياسي گروپ جيڪي ان تحريڪ جو حصو بڻيا هئا، اهي آئندي جي لائحه عمل تي متفق نہ ٿي سگهيا ۽ تحريڪ جو تسلسل ٽٽي ويو. ان جو فائدو وٺندي فوج هڪ ڀيرو يھر اقتدار تي قبضو ڪري مزاحمت کي سختي سان دٻائي ڇڏيو ۽ ملڪ اڳ کان وڌيڪ رياستي ڏاڍ ۽ تشدد جو شڪار ٿي ويو.
موجودہ تحريڪ جو اهڙو ڪو سياسي ايجنڊا نہ هو. وڪيلن جي ايڪٽوازم، جنھن جي افتخار چوڌري جي بحالي جي حوالي سان شروعات ٿي اها پوء وقت بوقت جاري رهي آهي. ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ پنھنجي جاء تي آهي تہ اهي پنھنجن مسئلن تائين محدود رهيا آهن ۽ ڪنھن سياسي تحريڪ جي شڪل اختيار نہ ڪئي آهي.
اها تہ هڪ حقيقت آهي تہ ڪڏهين بہ ڪو خال گهڻي عرصي تائين نہ رهندو آهي. اهو جلد يا بدير مثبت يا منفي نموني سان ڀرجي ويندو آهي. ان ۾ ڪنھن فرد يا گروه جي خواهشن جو عمل دخل نہ هوندو اهي. اهڙو خال سنڌ جي سياست ۾ موجود آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي هڪ وڏي سياسي جماعت آهي، جيڪا مختلف مرحلن مان گذري 2008 کان لاڳيتو اقتدار ۾ رهندي اچي. پارٽي جيتوڻيڪ سنڌ جي عام ماڻھو جي نمائندگي جي دعوا ڪري ٿي، پر ان جو گهڻو دارو مدار وڏن زميندارن وغيرہ تي آهي، جن جو عام ماڻھن ۽ انھن جي مسئلن سان ڪو تعلق ناهي. سنڌ جو ماڻھو ذاتي ۽ انفرادي تڪليف تہ ڪنھن ريت سھي ٿو وڃي، پر ڳالھہ جڏهين سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اجتماعي جياپي جي هجي ٿي تہ پوء هو ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿو. سنڌ جيتوڻيڪ گهڻن مسئلن جو شڪار آهي پر پاڻي ان جو جياپو آهي. ان سلسلي ۾ ان کي اهو محسوس ٿيو تہ پارٽي خاص طور سنڌو مان نھرون ڪڍڻ جي معاملي تي ساڻن ويساه گهاتي ڪئي آهي. پارٽي جي مختلف اڳواڻن پاران وضاحتون ۽ متضاد بيان ايندا رهيا پر اهي ماڻھن کي مطمئن نہ ڪري سگهيا.
ان مسئلي جو فوري حل گهربل هو. سنڌ جون قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جون جماعتون انفرادي يا اجتماعي طور ڪو متبادل فراهم نہ پيون ڪري سگهن. انھن جماعتن جو پاڻ ۾ يا ماڻھن ۾ ايترو اعتماد نہ هو جو اهي ڪو وڏو ۽ فيصلائتو قدم کڻي سگهن. اهڙي ريت ماڻھن کي جيڪا قيادت گهربل هئي اها اهي جماعتون ڏيڻ جي حيثيت ۾ نہ هيون.
ڌرڻي ۾ ماڻھن جي وڏي پئماني تي شرڪت ان ڳالھہ کي تہ ثابت ڪري ٿي تہ ماڻھن ۾ تبديلي جي خواهش آهي. ساڳي وقت اها ڳالھہ پڻ ثابت ٿئي ٿي تہ سياسي جماعتن ۾ اها سگه ۽ تنظيم ناهي جيڪا ان کي پنھنجي پروگرام ۽ مقصدن آهر ڪو رخ ڏيئي سگهي. ان صورتحال ۾ ڪوبہ گروه ۽ اڳواڻ ان کي پنھنجو رخ ڏيئي سگهي ٿو. اها توقع ڪرڻ تہ اهي اوهان جي خواهشن ۽ ايجنڊا مطابق هلندا عبث آهي.
هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان ۾ وڪيلن کي ڏوه ڏيڻ ۽ انھن تي مختلف الزام هڻڻ جو ڪو جواز ناهي. سياسي جماعتن ۽ گروهن کي پنھنجي انھن ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو جائزو وٺڻ گهرجي، جيڪي خاص طور ان ڌرڻي جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيون آهن ۽ پوء آئندي لاء ڪو لائحہ عمل جوڙڻ گهرجي نہ تہ ٻي صورت ۾ رڳو اهي رڙيون ۽ شڪايتون هونديون ۽ ڪم ڪرڻ وارا پنھنجو ڪم ڪندا رهندا.
