ڪجهہ ذڪر لاهور جو
گوپال متل جو ڪتاب لاهور ڪا جو ذڪر ڪيا (ڪڇ آپ بيتي ڪڇ جگ بيتي) تازو منھنجي مطالعي ۾ رهيو. اهو ڪتاب ورهاڱي کان اڳ لاهور جي ادبي ۽ صحافتي زندگي ۽ ان وقت اتي رهندڙ اديبن ۽ صحافين متعلق آهي.
ليکڪ پنجاب جي شھر مالر ڪوٽلا ۾ پنھنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء لڌيانہ آيو. اتي ڪجهہ دوستن جي مدد سان هڪ رسالو شروع ڪيو پر اهو معاملو مالي معاملن جي ڪري پھرئين پرچي کان اڳتي نہ هلي سگهيو ۽ هو لاهور هليو آيو. هتي بہ صورتحال ڪا گهڻي چڱي نہ هئي. پھرين ڳالھہ تہ ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ نوڪري ملڻ ڏکي ڳالھہ هوندي هئي ۽ جيڪڏهين ملي بہ ويندي هئي تہ اهڙا گهٽ مالڪ هوندا هئا، جيڪي طئي ٿيل پگهار وقت سر ڏين يا پوري پگهار ڏين. اهڙي هڪ اخبار ۾ جڏهين کيس مناسب پگهار تي نوڪري ملي تہ ڪاتبن جي اهو ٻڌائڻ کانپوء تہ کين گهڻن مھينن کان پگهار ناهي ملي، هو نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ ئي اتان ڇڏي آيو.
لاهور جي اديبن جي حوالي سان ٽي هائوس جو گهڻو ذڪر آهي پر هن اديبن ۽ شاعرن جي ٻن ٻين مرڪزن عرب هوٽل ۽ نيلا گنبد جي ويجهو چانھن جي هڪ ننڍي هٽڙي نگينہ بيڪري جو ذڪر ڪيو آهي جتي مختلف ليکڪ گڏ ٿيندا هئا ۽ دنيا جھان جا احوال ڪندا هئا. اهي گهڻو ڪري اهڙا هوندا هئا، جن جا کيسا خالي هوندا هئا ۽ اهي پاڻ کي قلندر سڏائيندا هئا. حفيظ جالنڌري جهڙو ڪو بہ سکيو ۽ آسودو ليکڪ سندن مذاق جو نشانو هوندو هو. اتي ڪمپني ڪي حڪومت جو ليکڪ باري عليگ بہ ايندو هو. هو جيتوڻيڪ اڙدو ۾ لکندو هو پر پنجابي هئڻ ڪري کيس اڙدو تي ڪاوڙ هوندي هئي. اختر شيراني شراب گهڻو پيئندو هو. هو هڪ سکئي گهر جو فرد هو پر اهڙو وقت بہ آيو جو وٽس پيئڻ لاء پئسا نہ هوندا هئا پر هو ڪنھن جي آڏو هٿ نہ ٽنگيندو هو. ان شغل ۾ عبدالحميد عدم بہ ساڻس گڏ هوندو هو. ليکڪ پاڻ بہ ڪڏهين ڪڏهين انھن سان شريڪ ٿيندو هو. ڪرشن چندر متعلق سندس چوڻ آهي تہ کيس پنھنجي متعلق متنازعه ڳالھيون ڦھلائڻ جو شوق هوندو هو تہ جيئن کيس مشھوري ملي سگهي. هو سٺيون ڪھاڻيون لکندو هو پر ڪميونسٽ پارٽي جي اثر ۾ هن جيڪي ڪھاڻيون لکيون انھن ۾ گهڻي ڇڪ ۽ اثر نہ هوندو هو.
ان وقت محمد دين تاثير پنجاب مان اديبن جي هڪ وڏي وفد سان ترقي پسند مصنفين جي پھرين ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو. هو ترقي پسندن جو وڏو وڪيل هو ۽ هر تنقيد جو ڀرپور جواب ڏيندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان وقت ترقي پسند اديبن ۾ گهڻو ڪٽرپڻو نہ هو ۽ اهي منٽو ۽ ميراجي کي بہ پنھنجي لڏي جو سمجهندا هئا. ايستائين تہ حلقہ ارباب ذوق جي قيام ۾ بہ انھن جو ڪردار هو ۽ اهي ان جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ميرا جي متعلق سندس چوڻ آهي تہ ان جي شاعري جيتري منجهيل ۽ ڏکي هوندي هئي تہ سندس نثر ايترو ئي سادو هوندو هو. ميراجي جي شاعري کي هو ساراهي ٿو پر هو سندس ويجهو دوست نہ هو. ان جو ڪارڻ هو ميراجي جو گدلو رهڻ ٻڌائي ٿو.
صحافت متعلق سندس چوڻ آهي تہ اخبارن جي ڪا پاليسي ۽ ڪو اصول نہ هوندو هو. هو صبوح هڪ ڌر جي پاسي هوندا هئا تہ شام ٻي ڌر جي پاسي. ساڳي ريت مالي لحاظ کان اخبارن جي هندو مالڪن وٽ ڪجهہ نظم و ضبط هوندو هو جڏهين تہ مسلمانن وٽ اهو بہ نہ هوندو هو. ائين بہ ٿيو تہ جڏهين هڪ اخبار جي ڪاتبن کي مھينن تائين پگهار نہ ملي ۽ اها اخبار بہ مالي ڏکيائين جي ڪري بند ٿي ويئي تہ انھن ليکڪ کي پنھنجي اڳواڻ طور سامھون آندو جنھن گهڻي ڪوشش کانپوء اڌ پگهار تي معاملي کي حل ڪيو. ليکڪ جو جيتوڻيڪ ٽريڊ يونين سان واسطو رهيو پر سندس چوڻ آهي تہ هو ان ۾ گهڻو سرگرم نہ رهيو.
ليکڪ پاڻ ايم اين رائي جي ڊيموڪريٽڪ ريپبليڪن پارٽي سان لاڳاپيل هو جنھن جا ڪميونسٽ پارٽي سان اختلاف هئا. ٻين مھاڀاري جنگ جي شروع ۾ ان جماعت فاشزم ۽ جمھوريت جي جنگ جي نالي ۾ جنگ جي حمايت ٿي ڪئي جڏهين تہ ڪميونسٽ ان جا مخالف هئا.
پنجاب ۾ ان وقت يوننسٽ پارٽي جو زور ۽ حڪومت هئي. اها پنجاب جي ٻھراڙي جي جماعت هئي ۽ اهو مسلم ۽ هندو زميندارن جو هڪ اتحاد هو. هڪ لحاظ کان اها هڪ سيڪيولر جماعت هئي. ڪانگريس کي شھرن ۾ حمايت حاصل هئي. پر اڳتي هلي صوبي جي وڏي وزير سڪندر حيات جڏهين مسلم ليگ سان اتحاد ڪيو تہ پارٽي جي سيڪيولر اميج کي بہ نقصان پھتو ۽ ان جا هندو اتحادي بہ ناراض ٿيا.
شھر ۾ جڏهين فساد شروع ٿيا تہ ليکڪ ان وقت شھر ۾ هو. سندس چوڻ آهي تہ انارڪلي جي هندو ۽ مسلم واپارين پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو تہ بازار کي ڪو نقصان پھچڻ نہ ڏيندا پر ائين ٿي نہ سگهيو ۽ گهڻن دوڪانن کي باهيون ڏنيون ويون.
سندس دوستي ۽ اٿ ويه گهڻو ڪري مسلمان دوستن سان هوندي هئي، ان ڪري کيس بہ گهڻا مسلمان سمجهندا هئا جيستائين هو کين پنھنجي سڃاڻپ نہ ڪرائي. بھرحال کيس پنھنجن دوستن پاران بہ شڪ جي نظر سا ن ڏٺو ويو ٿي. پاڪستان ٺھڻ جي ٻہ ٽي ڏينھن کاپوء آخري ٽرڪ ۾ اتان ڀارت اچي ويو.
