ٻڌ مت جو سماجي پس منظر
ان جو مطلب آهي تہ اهو هڪ اهڙو مذهب آهي، جيڪو ماڻھن سان اٿ ويه ۽ تعلق جي حوصلي شڪني ڪري ٿو. پر ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ آهي تہ ڪنھن وقت ۾ اهو مذهب هندوستان ۽ ڀر پاسي وارن ٻين ملڪن ۾ ڦھلجي ويو ۽ ان ذري گهٽ هندو مت کي هندوستان مان بيدخل ڪري ڇڏيو هو. اها ڳالھہ ماڻھن سان رابطي ۾ اچڻ کانسواء ممڪن نہ ٿي لڳي.
Greg Balley and Ian W Mabbett پنھنجي ڪتاب The Sociology of Early Bhuddism ۾ ان ڳالھہ جو جائزو ورتو آهي.
ڇھين صدي قبل مسيح ۾ گنگا جي وادي ۾ وڏيون سماجي، سياسي ۽ معاشي تبديليون اچي رهيون هيون. ٻڌ مت، جين مت ۽ ٻيا ڪجهہ مذهب ۽ عقيدا پنجين صدي قبل مسيح ۾ ان وقت جي پيداوار آهن جڏهين شھر اڏجي رهيا هئا ۽ رياست وڌيڪ مرتڪز ۽ مضبوط ٿي رهي هئي. غله باني جي جاء تي زراعت ترقي ڪري رهي هئي، جيڪا رياست جي ضرورت هئي. نندا ۽ موريا سلطنتون قائم ٿيون. جيتوڻيڪ سڌارٿ پنجين صدي قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو. پر ٻڌمت تي پالي ۾ جيڪي لکڻيون ۽ ليٽريچر وغيرہ ملي ٿو، اهو پھرين صدي قبل مسيح جو آهي. اهڙي ريت ٻڌ جي وقت جي گهڻي عرصي کانپوء ان مذهب متعلق لکيو ويو آهي ۽ اها ڳالھہ ظاهر آهي تہ انھن لکڻين تي ان دور جو اثر ضرور پيو هوندو جنھن دور ۾ اهي لکيون ويون.
اهو نئون مذهب خاص طور بادشاهن، شھزادن ۽ واپارين لاء ڇڪ جو باعث هو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ ذات پات جي بنياد تي ٺھيل هندو سماج ۾ انھن ٻنھي طبقن جي برهمڻن جي ڀيٽ ۾ گهٽ حيثيت هئي. خاص طور تي واپار ۽ واپارين کي تہ بلڪل ئي گهٽ سمجهيو ٿي ويو. جڏهين تہ ٻڌمت ۾ ذات پات جي اهڙي ڪا تفريق نہ هئي ۽ ان رياست جو ڪاروهنوار سنڀاليندڙ کشترين کي برهمڻن تي ترجيح ٿي ڏني. ساڳي وقت ان واپارين جي حوصلي افزائي ٿي ڪئي. ان جو ڪارڻ اهو بہ هو تہ ان وقت ڊڳي گاڏين تي مشتمل واپاري قافلا پري پري تائين سامان کڻي ويندا هئا ۽ ساڳي وقت اهو اهو دور هو جڏهين جنس جي بجائي ناڻي جو واپار ۽ ڏي وٺ ۾ استعمال شروع ٿي ويو هو.
ان ۾ جيڪو ڏک ۽ مايوسي جو فلسفو آهي ان جي سمجهاڻي ان ريت ڏني ويئي آهي تہ هڪ تہ شھرن ۾ امير ۽ غريب وچ ۾ جيڪو طبقاتي فرق هو ان گهڻن ماڻھن کي پريشان ڪيو هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ گنگا سان لڳ هئڻ ڪري گهميل آبھوا هوندي هئي جنھن جي ڪري بيماريون جنم وٺنديون هيون ۽ شھرن جي ڳتيل آبادي هئڻ ڪري اهي گهڻن ماڻھن تائين ڦھلجي وينديون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تہ آبادي جو وڏو حصو زراعت سان لاڳاپيل هو ۽ ان جا پنھنجا قدر هئا، جيڪي شھري سماج جي قدرن کان مختلف هئا. اهڙي ريت جڏهين شھرن جي ٻھراڙين ۾ مداخلت شروع ٿي تہ انھن جي زندگي گذارڻ جا طور طريقا ۽ قدر هڪ بحران ۾ وٺجي ويا جيڪا ڳالھہ انھن ماڻھن لاء پريشاني ۽ ڏک جو ڪارڻ هئي.
ان دور ۾ اتر هندوستان ۾ جين مت ۽ ٻيا اهڙا مذهب ۽ فلسفا هئا جن ساڳي ڳالھہ ڪئي ٿي پر ٻڌ مت کي مڃتا ملڻ جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ سڌارٿ ٻڌ بجائي ڪنھن انتھائي ڳالھہ ڪرڻ جي هڪ وچين واٽ ورتي هئي. سندس مقصد ماڻھو کي پاڻ کي سماج کان صفا ڪٽي ڇڏڻ نہ هو. ان ساڳي ڳالھہ کي پوء جيڪي راهب آيا انھن بہ جاري رکيو.
ٻڌ مت جا ٽن قسمن جا مڃيندڙ هئا. هڪ تہ تارڪ الدنيا راهب هئا، جن ماڻھن سان ڪو واسطو نہ ٿي رکيو. ٻيا اهي هئا جيڪي استادن جيان ماڻھن کي تعليم ڏيندا ۽ انھن جي تربيت ڪندا هئا. ٽيون قسم اهڙن جو هو جيڪي رياستي ۽ حڪومتي معاملن ۾ شامل هوندا هئا ۽ قبائلي وفاق، جيڪي سنگها جي نالي سان ڄاتا وڃن ٿا، جي اڳواڻن جي صلاحڪار طور ڪم ڪندا هئا.
مذهبن ۽ عقيدن جي ڦھلاء ۾ اشرافيا جي قبوليت جو وڏو ڪردار هوندو آهي. هر مذهب ۽ نظرئي جيان ٻڌ مت جي بہ اها ڪوشش رهي تہ غير مذهبي اشرافيا ۽ حڪمرانن ۾ پنھنجو مقام ٺاهجي تہ جيئن ان کي قوت حاصل ٿئي ۽ عام ماڻھن ۾ قبوليت حاصل ڪري سگهي. ان مقصد ۾ کين پوري ڪاميابي ٽين صدي قبل مسيح ۾ موريا خاندان جي ٽئين حڪمران اشوڪا جي دور ۾ ٿي جنھن جي حڪمراني جو دور 268 کان 232 قبل مسيح تائين هو.
ڪتاب مطابق ٻڌ مت جو برهمڻن سان تضاد مذهبي نوعيت جو نہ هو، پر اهو ان ڪري هو تہ سماج ۾ برهمڻن جي جيڪا اوچي ۽ مراعات يافتا حيثيت هئي، جنھن جي ڪري انھن کي حڪمرانن کان فائدا ملندا هئا ان کي ان چئلينج ٿي ڪيو ۽ ڪنھن ذات وغيرہ جي فرق کانسواء سڀني کي مساوي حيثيت ٿي ڏني.
