شاعري

تون جو پاڇو چنڊ جو

رخسانہ ”پريت“ مسيحائي پيشي سان واڳيل هئڻ باوجود جتي فطري حُسناڪين کي هيئين سان هنڊائي پنھنجي الڳ ڍنگ ۽ اسلوب سان شعري ثمر کي تقويت بخشي آهي، اُتي پنھنجي دلفريب سڀاءَ ۽ بردباريءَ سان دنياوي دولابن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي جرئت تي بہ هميشہ ثابت قدم رهي آهي، اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعرن جي اڻکٽ ڳاڻيٽي باوجود رخسانہ ”پريت“ اڄ بہ صِف اول جي شاعرہ طور سڃاڻپ برقرار رکي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ترائيل، گيت، ڏيڍ سٽا ۽ بيت شامل آھن.

Title Cover of book تون جو پاڇو چنڊ جو

ڪجهہ ڳالھيون

وقت ڪيڏو نہ تيزيءَ سان گذري رھيو آھي، جو احساس ئي نہ رھيو آ تہ ڪيڏو ڊگهو سفر طئي ڪري آيا آھيون. پھرين ڪتاب “پياسي ساڀيان جل ٿل خواب” جي شايع ٿيڻ کان وٺي “نگاھن جا سجدا” ۽ پوءِ ھن نئين شاعريءَ جي مجموعي “تون جو پاڇو چنڊ جو” تائين جي سفر ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائيون، لاھا چاڙھا حياتيءَ ۾ ايندڙ بدلاو کوڙ سارا چيلينجز ذھني اضطراب، نيون سائنسي کوجنائون، جن ڏات جي ڏيھہ ۾ پڻ وڏا اثر ڇڏيا آھن، ڪتابن جي دنيا جو گهڻي ڀاڱي سوشل ميڊيا ڏانھن شفٽ ٿيڻ، ھنن سڀني تبديلين ۽ نون چيلينجز کي منھن ڏيندي پاڻ کي نئين دور سان ھم آھنگ رکندي ھيستائين. پھچڻ کي پاڻ لاءِ ھڪ ننڍڙي ڪاميابي سمجهان ٿي. مون ھميشہ پنھنجي سوچ کي آس پاس جي ماحول، ۽ سماج ۾ وقوع پذير ٿيندڙ وارتائن سان سلهاڙي رکڻ سان گڏوگڏ ھميشہ پنھنجي ڏات ۽ قلم تي ڀروسو ڪيو آھي. پنھنجي زندگي، اندر جي ڀڃ ڊاھ، احساسن جي عميق جي بيقرارين ۽ ڪروڌن سماج ۾ موجود انساني المين ۽ معاشي اڻبرابرين بابت پنھنجي ٻئي مجموعي “نگاھن جا سجدا” ۾ تفصيل سان لکي چڪي آھيان. ھن مجموعي ۾ چاھيان ٿي تہ پڙھندڙن سان ڪجهہ ڳالھيون ڪريان، محبتن جون، موسمن جون، زندگيءَ جون، موسيقيءَ ۽ منظرن جون ۽ وجود جي انھن بي حد تنھاين جون جن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪو بہ ٻانھن ٻيلي ناھي ھوندو. ڪجهہ ڏينھن اڳ ۾ خوبصورت ادبي مخزن ابابيل ۾ ايوان ترگنيف جو ناول “پھريون پيار” پڙھيم جنھن ۾ ھڪ ڏکئي وقت مان گذرندڙ خوبصورت شھزادي پنھنجي ماءُ سان گڏ لڏي اچي ڪنھن وڏي شھر ۾ رھي ٿي، ھنن جي گهر ۾ شام جو روز ڪچھري جي محفل ھجي ئي ھجي ٿي جنھن ۾ شھزاديءَ جا چار پنج فرينڊز ھن سان گڏ ھجن ٿا ڪڏھن تاش راند، ڪڏھن پرچين واري راند ۽ ڪڏھن خوابن ٻڌائڻ واري ايڪٽوٽي ڪن ٿا، پراندران اندران ھي سڀئي شھزاديءَ سان پيار ڪن ٿا انھن ۾ ھڪ ويھن سالن جو امير شاگرد پڻ آھي، جيڪو پڻ ان گروپ جو حصو آھي ۽ شھزاديءَ تي موھت پڻ آھي.
ھڪ ڏينھن انھن مان ھڪ سنجيدہ وڏي عمر جو دوست ھن ڇوڪريءَ کي چوي ٿو تہ تون ڇو اچي ھن معاملي ۾ پيو آھين؟ جنھن ۾ تمام گهڻي ذھني ۽ احساساتي نقصان جو خدشو آھي. ڇوڪرو جواب ڏئيس ٿو اوھان بہ تہ ھن معاملي ۾ آھيو ۽ شھزاديءَ کي چاھيو ٿا.
جنھن تي ھو ھن نوجوان کي ڏاڍي سٺي انداز سان سمجهائيندي چوي ٿو تہ زندگيءَ جا مختلف تجربا ڪرڻ کان اڳ پيرن ھيٺان سھاري لاءِ ھڪ مضبوط پٿر جو ھجڻ ضروري آھي، جيئن ناڪاميءَ جي صورت ۾ ماڻھو پنھنجو پاڻ سنڀالي وڃي، تون اڃا ٻار آھين، تعليم بہ مڪمل نہ ڪئي اٿئي، ھينئر ئي ھن جذباتي معاملي جو شڪار ٿي ويو آھين.... پھرين پنھنجي تعليم مڪمل ڪر پنھنجو پاڻ کي مضبوط ڪر. پوءِ زندگيءَ جي ھنن چيلينجز ۾ پئو.
ڇوڪري کي ڳالھہ دل سان لڳي ٿي ۽ سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو... الائي ڇو اھو ناول پڙھندي پنھنجي سماج جي نوجوان ٽھيءَ جا ڪيترا ئي الميا ذھن تي تري آيا جن جي نتيجي ۾ نقصان ڀوڳڻو پئي ٿو ........
حاصل مطلب تہ پنھنجي پيرن تي بيٺل زندگين کي ئي حاصلاتون پلئہ پونديون آھن، نہ تہ ڪيتريون ئي حياتيون محرومين جي بليڪ ھولس ۾ ڪِري تباھ ٿيو وڃن.
محبتون منھنجي روح جو اٽوٽ حصو رھيون آھن. شايد ان کي اعتراف ئي چئجي تہ منھنجي ذھن ۾ ڪيئي سوال ۽ روح محبتن سان سرشار رھيو آھي. شخصيت جي ان عجيب امتزاج ڪري ئي شايد زندگي ۾ ڪافي توازن آھي.
اوھان جي ھٿن ۾ ھيءَ پريت جو جيڪو ڪلا ڪتاب آھي اھا ڪاغذن تي اڪريل ڪا لکت نہ پر ان جي اکر اکر ۾ عشق جي آميزش آھي اڻ ڳڻين راتين جا اوجاڳا چوپاسي ڦھليل روح جي پاتال تائين محسوس ٿيندڙ درد ۽ اضطراب شامل آھي. ڪروڌ جون ڪيئي شڪليون انھن سٽن ۾ سمايل آھن، جن کي حساس پڙھندڙ ڏاڍي سولائيءَ سان محسوس ڪري سگهي ٿو.
ادبي دنيا ۾ مون لاءِ گهڻيون ناراضگيون ۽ تلخيون بہ ھونديون، ڇاڪاڻ تہ ھر ڪم پنھنجي مرضيءَ سان ڪندي آھيان ڳالھہ وڻندي، ذھن مڃيندو تہ ھا ڪبي نہ تہ ڪنھن بہ ڳالھہ جي حامي نہ ڀربي ....
مصلحتن جي ھروڀرو ور ناھيان چڙھندي ڇو تہ ڪنھن بہ قسم جي بلندين ماڻڻ کان وڌيڪ زندگيءَ جي انيڪ پاتالن جو ادراڪ رکڻ بھتر سمجهندي آھيان...
سماج جي مشاھدي ۾ جوانين سان ٿيل جٺين هميشہ مضطرب پئي ڪيو آھي. جڏھن محنتن سان وڏن تعليمي ادارن ۾ پھچندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڊونيشنس يا گهڻگهرن طرفان مدد ذريعي پڙھي سگهن يا وري ان عمر ۾ غربت کين لٿو پٿو پائڻ تي مجبور ڪري تڏھن سچ پچ آئون سراپا المياتي نظم بڻجي ويندي آھيان، جن جوانين کي منظرن جون مسافتون ڪرڻ گهرجن ڪھڪشائن ۾ اڏامڻ جي خواھش ھجي جيڪي ڪاميابين جا حسين خواب سجائيديون ھجن، جيڪي محبتن جي ماحول سان ڀريل بصارتون کڻي رومانس جا سوين جهان اڏينديون ھجن. انھن کي معاشي تنگدستي جي دٻڻ ۾ ڏسي خود پنھنجو پاڻ کي ڀڳل ڀُريل محسوس ڪندي آھيان. منھنجي سموري رومانوي شاعري نوجوان ٽھيءَ کي ئي ارپيل آھي...
سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ ھاڃن تي پڻ ھانءُ ھڄي پوندو آھي، جن جا پرتو پڻ اوھان ھن ڪتاب ۾ محسوس ڪري سگهندا. پنھنجي پاران لکندي اھو پڻ ٻڌائيندي ھلان تہ زندگيءَ جي سفر ۾ صرف قلمي جدوجهد ئي ناھي ڪئي پر جتي جتي بہ ضرورت پئي آ روڊن تي، رستن تي، مظاھرن ۾، ريلين ۾ ۽ پريس ڪلبن جي اڳيان ظلم خلاف پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي رھي آھيان.
ادبي سفر طئي ڪندي وچ ۾ گهڻائي ڏکيا دور بہ آيا آھن. تعليم، ڪيريئر ۽ تخليق وچ ۾ ٽڪراءُ بہ رھيو آھي، فيملي لائيف ۽ ادبي سرگرمين وچ ۾ ھم آھنگي پڻ ڏکي بڻجي وئي ھئي. ڪجهہ دور تہ اھڙا آيا جو مھينن تائين ڪجهہ بہ نہ لکي سگهيس ۽ اھو خدشو ظاھو ٿيڻ لڳو تہ ھاڻي شايد ڏات ديوي هميشہ لاءِ رسي وئي آھي پر وقت هميشہ ساڳيو نہ ٿو رھي نہ ئي ڪيفيتون ساڪن رھي سگهن ٿيون، ان ڪري وري ساڳئي جذبي رواني ۽ حوصلي سان لکڻ جو تسلسل جڙي ويو جنھن جي نتيجي ۾ ھي خوبصورت ڪوتا ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ھي دور ھر رائيٽر جي زندگيءَ ۾ ايندا آھن ۽ وري گذري بہ ويندا آھن مايوس قطعي بہ نہ ٿيڻ گهرجي.
پنھنجي ھڪ شاعر ۽ اديب ھجڻ واري تعارف تي هميشہ فخر رھيو آھي. سنڌ مون کي ھڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿي اھا مون لئہ انتھائي مانائتي ڳالھہ آھي، جنھن مون کي زندگي گذارڻ ۾ تمام گهڻو اعتماد، حوصلو ۽ جيئڻ جي سگهہ ڏني آھي. منھنجي تصور کان وڌيڪ سنڌ واسين جي محبت ۽ عزت ڏيڻ تي مان سندن ٿورائتي آھيان.
شاعري جتي منھنجي روح جي رڙ آھي، اتي منھنجي محبتن جو اظھار پڻ آھي. ھي تخليقون احساسن جي زبان بہ آھن تہ احتجاج به، مختلف وقتن ۽ ھنڌن تي ٿيندڙ انسانيت سوز ظلمن جبرن خلاف سگهارو آواز بہ آھن تہ من جي بي حد اڪيلاين جو اظھار پڻ آھن.
ھي تخليقون ڌرتيءَ ۽ وطن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ھٿ چراندن خلاف مذمتون ۽ ڪروڌ بہ آھن تہ سڄي سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ ڪِيسن ۽ قتل عامن خلاف آواز بہ آھن.
منھنجي اکين جيڪو بہ جبر ڏٺو ۽ ذھن ان کي قبولڻ کان منڪري واري اھو سڀ ڪجهہ شاعريءَ جي صورت ۾ ھن ڪتاب اندر اوھان مانائتن پڙھندڙن اڳيان آھي.
ھن ڪتاب "تون جو پاڇو چنڊ جو" کي آڻڻ لاءِ جتي ڪيترن ئي ساٿين، سھيلين، گهر ڀاتين ۽ زندگيءَ جي ساٿيءَ جو سھڪار رھيو آھي، اتي ھن ڪووڊ وبا جو پڻ حصو آھي. آگسٽ 2020 ۾ ڪووڊ 19 جو حملو ٿيو جنھن سبب ٻہ ٽي ھفتا گهر ۾ آئيسوليٽ رھيس بيماريءَ کان وڌيڪ اڪيلائيءَ پريشان ڪيو ھو، جنھن جو حل اھو ڪڍيم تہ ان عرصي دوران مختلف رجسٽرن، موبائيل فون ڊائرين ۽ پنن جي دستن تي ٽڙيل پکڙيل تخليقن کي نہ صرف سھيڙي ھڪ جاءِ تي ڪيم پر روزانو چار ڪلاڪ ليپ ٽاپ تي ويھي ڪمپوز پڻ ڪري ڇڏيم.
“تون جو پاڇو چنڊ جو” ڪلا کيتر ۾ منھنجي ٽئين حاصلات آھي. اڄ انتھائي خوش آھيان، ھن ڪتاب آڻڻ ۾ جن ادبي ساٿين جو تمام گهڻو سھڪار رھيو انھن جي تمام گهڻي ٿورائتي آھيان.
نثري نظمن جي خوبصورت شاعر ۽ پياري ڀيڻ ۽ سرتي ريحانہ چنڙ جون وڏيون مھربانيون جنھن پنھنجي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز لکڻ دوران وقت ڪڍي ھن ڪتاب جو مھاڳ لکيو.
پياري سھيلي سنڌ جي بي باڪ عورتازاد تخليقڪار عطيہ دائود جا وڏا وڙ جنھن ڪتاب جو خوبصورت بيڪ ٽائيٽل تخليق ڪيو.
پنھنجي پياري سھيلي ليکڪ شاعر ۽ ايڪٽيوزٽ امر سنڌو جي پڻ بي حد ٿورائتي آھيان، جنھن انتھائي مصروف ھجڻ باوجود ڪتاب جو فليپ تخليق ڪيو.
گڏوگڏ پنھنجي ادبي ساٿي ۽ سنڌ جي ناليواري شاعر ادل سومري جون پڻ مھربانيون جنھن ڪتاب جي فليپ لاءِ پنھنجي خوبصورت تحرير موڪلي ڏني.
تخليقي آرٽسٽ خدا بخش ابڙي جا پڻ ٿورا جنھن ھن ڪتاب جو ٽائيٽل ڪور ڊيزائن ڪيو.
آخر ۾ سنڌ جي نامياري تخليقڪار ۽ تمام محنتي پبلشر ساجد سنڌيءَ جا وڏا وڙ جنھن ڪتاب کي خوبصورت انداز سان پنھنجي سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپرائي اوھان جي ھٿن تائين آندو آھي.


رخسانہ "پريت"