عشق ديوانگيءَ جي حد آھي!
عشق ديوانگيءَ جي حد آھي
عشق نڪتل زمان مڪان مان آ
عشق نعرو ڪڏھن آ اناالحق
ڪُل جي راز جو ڪڏھن مظھر
عشق منصور جي روايت آ
عشق ڪا بيقرار ساعت آ
عشق يوسف جو، ھَٿُ وڍي ويو آ
عشق عيسيٰ کي ھو مصلوب ڪيو
عشق روميءَ کي رقص ۾ آندو
۽ ويو سقراط کان حيات کسي
عشق ڄڻ پنڌ آ پھاڙن جو
عشق سسئيءَ جو حوصلو آھي
عشق للڪار شاھ عنايت جي
عشق ڪيڏارو آ لطيفيت جو
عشق ڄڻ دار تي دلاسو آ
جو ڀي تاريخ ۾ لکيل آھي
عشق جو ڄڻ سڄو خلاصو آ
عشق ھوءَ ڇوڪري بلوچي آ
جنھن پھاڙن پٺيان پڪاريو آ
نيٺ نڪري پئي آ راھن تي
پنڌ ھن جو گهڻو پرانھون آ
ڪيئن چئين ٿو تہ ھوءَ ٿڪي پوندي
ھوءَ اڃان ڪئي ھزار ميل ھلي
نئين تاريخ عشق جي لکندي
عشق ماما قدير جي پٻ جو
لھو ٽمندڙ آ گهاءُ بڻجي ويو
ڪٿي سوريءَ جو آ سينگار بڻيو
ڪٿي آ لانگ مارچ بڻجي ويو
ڄڻ تہ سورن جو ساٿ بڻجي ويو
عشق اُڇلي وڃي ٿو بي ڪفنو
جنھن جون ڌرتي ھيءَ شاھديون ڏيندي
ويڙھ ھيءَ عشق جي علامت آ
موڙ تاريخ کي نوان ڏيندي
عشق سڀ سرحدون لتاڙي ٿو
عشق دل جي درن کي تاڙي ٿو
عشق ساعت جي ڪائي سڌ ڪانھي
عشق ديوانگيءَ جي حد آھي
عشق ويساھ جيان لڳي ٿو پيو
عشق ڄڻ ساھ ۾ کڄي ٿو پيو
عشق ساعت جي ڪائي سڌ ڪانھي
عشق ديوانگيءَ جي حد آھي.