مھاڳ: لطيف جذبن، محبت ۽ مزاحمتي آوازن جي شاعرہ
توڙي جو اسڪول ۾ پڙھائيءَ سان گڏ راندين ۽ تقريري مقابلن ۾ پڻ نمايان پوزيشنس ۾ رھندي ھئي پر اڃا ڪجهہ ھيو جيڪو ھن جي اندر ۾ ھريو پئي، اسڪولي ڪتابن ۾ لکيل ڳالھين ۽ گهر ۾ ھلندڙ بحثن ۾ الاھي فرق ھيو. گهر جي ديوارن تي لڳل تصويرن ۽ اسڪولي ڪتابن ۾ ڇپيل تصويرن ۾ پڻ ڪا ھڪجھڙائي نہ ھئي. گلين ۾ لڳندڙ نعرن ۽ ديوارن تي ٿيل چاڪنگ سندس ذھن ۾ ڪيئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا ھئا، جن جي جوابن کان جڏھن اسڪول جي استادن لنوايو تڏھن ھن ننڍڙي ڇوڪريءَ ستين ڪلاس ۾ پنھنجي سرتين سان گڏجي پھرين بغاوت ڪئي ۽ چاڪ سان سڄي اسڪول جي ديوارن ۽ ٻوٽن جي ڪونڊين تي “جيئي سنڌ” نعرو لکي ڇڏيو ھو. اھا ھڪ معصوماڻي بغاوت ھئي پر سندس ذھن ۾ سوال اڀرندا رھيا ۽ اھڙا ڪيئي سوال ساڻ کڻي ھوءَ ڇوڪري مستقبل جي مسيحا ٿيڻ لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پھچي ٿي ۽ پھرين سال ۾ پڙھندي جڏھن اناٽامي ڊپارٽمينٽ جي سرد خاني ۾ پيارڪندڙ انسانن جا لاش ڏسي ٿي تہ کيس سماج جي ڪنھن اڻ لکئي قانون کان بغاوت محسوس ٿئي ٿي، ڪاوڙ جو ڪڪر سندس ذھن تي ڇانئجي وڃي ٿو، ھوءَ مستقبل جي مسيحا ڇوڪري جڏھن ھڪ ٻڍڙيءَ کي پنھنجي ڳڀرو پٽ جو گولين لڳل لاش وصول ڪندي ڏسي ٿي تڏھن بہ ڇرڪجي وڃي ٿي، ھن جي ذھن ۾ سوال ڪر کڻن ٿا ھي سڀ ڇا آھي، ڇو آھي ۽ پوءِ کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو تہ جسم جي اناٽامي سمجهڻ سان گڏوگڏ سماج جي اناٽامي پڻ سمجهڻ انتھائي ضروري آھي، جنھن لاءِ ھوءَ مطالعي جي نئين گس تي قدم رکي ٿي. مطالعو جيئن گھرو ٿو ٿئي، سندس سوچن جو سمنڊ جنھن ۾ ماٺار تہ پھريان بہ بنھہ ڪانہ ھئي پر ھاڻي ادراڪ جي جوت سندس سوچن ۾ شدت آڻي ٿي ڇڏي. سوچن جي سمنڊ ھاڻي ڪنارا عبور ڪرڻ ٿي چاھيا ۽ پوءِ ان بيقرارروح تي ڏات جي ديوي مھربان ٿي ۽ سوچن کي ھيٺئين انداز ۾ اظھار جا گس مليا.
ذھن ھي بيقرار مجرم آ.
تنھن ۾ سوچن جو ڄار مجرم آ.
سھڻا خواب لڏي ويا ڪاڏي،
اڄ سپنن ۾ جنگ لڳل آ.
سوچن ۾ سنگهرام ھلي پيو،
پيٽ ورن ۾ جنگ لڳل آ.
ڪونہ ڏئي ٿي پل ڀي ساھي حياتي،
اينئن ڪاٿي ھئي اسان چاھي حياتي،
جينئن چاھيون تينئن ئي گذري وڃي ھيءَ،
ايتري ڀي ڪونہ آ ڏاھي حياتي.
سوچن جي ويرن کي شاعريءَ جو روپ ڏيندڙ اھا ڇوڪري پوري سنڌ ۾ “رخسانہ پريت” جي نالي سان ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي، پريت جي ٽنھين مجموعن“پياسي ساڀيان جل ٿل خواب” “نگاھن جا سجدا” ۽ ھي ايندڙ ڪتاب “تون جو پاڇو چنڊ جو” جو اگر سرسري نظر سان مطالعو ڪجي تہ جيڪي لفظ وري وري نظر مان گذرن ٿا سي آھن پيار، محبت، خواب، ساڀيان، عشق جنھن مان عمومي اھا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي تہ شاعري محبت جي موضوع تي مشتمل آھي، ڏٺو وڃي تہ اھا راءِ صحيح بہ آھي ان ۾ ٻہ رايا آھن بہ ڪونہ تہ پريت پيار ۽ محبت جي شاعرا آھي پر اھو پيار رڳو ڪنھن فرد تائين محدود ڪونھي، بلڪہ وڏي وسيع معنيٰ ۾ موجود آھي. ڌرتيءَ سان پيار، بغاوت سان پيار، جدوجھد سان پيار، پورھيي ۽ پورھيت سان پيار ۽ پنھنجو پاڻ سان پيار انھن سڀني ڪيفيتن کي پريت عشق جي انتھائن تائين وٺي ٿي وڃي.
عشق ديوانگيءَ جي حد آھي،
عشق نڪتل زمان مڪان مان آ،
عشق يوسف جو، ھٿ وڍي ويو آ،
عشق عيسيٰ کي ھو مصلوب ڪيو،
عشق ڄڻ پنڌ آ پھاڙن جو،
عشق سسئيءَ جو حوصلو آھي.
عشق ڪيڏارو آ لطيفيت جو،
عشق ڄڻ دار تي دلاسو آ،
جو ڀي تاريخ ۾ لکيل آھي،
عشق جو ڄڻ سڄو خلاصو آ.
توڙي جو عشق جسماني ويجهڙائين کان تمام گهڻو اڳتي آھي پر جسماني ڳانڍاپو پڻ محبتن ۾ معنيٰ رکي ٿو، شاعريءَ ۾ اھڙن ڇُھائن کي مرد تہ لکندا ئي رھن ٿا پر جي عورت شاعرا ان تي بي باڪ انداز سان قلم کڻي ۽ پنھنجي جذبن ۽ احساسن جو اظھار ڪري تہ اھو خود پنھنجي اندر ۾ ھڪ باغي عمل آھي، پريت پنھنجي شاعريءَ ۾ محبوب کي چاھڻ ۽ ان جي لمس کي محسوس ڪرڻ جو اظھار وڏي جرئت سان ڪيو آھي.
من باھہ ٻري آھي،
ٻرندڙ جو چمي ھن جي،
چپڙن تي ڪري آھي.
يا وري غزل جي ھيٺين سٽن ۾ سندس بيباڪ اظھار ڏسي سگهجي ٿو.
لھي تشنگي ھيءَ صدين جي پرين،
اڃايل چپن جون ڳنڍيون کولجن.
سراپا وصل کي پرين ماڻجي،
سموريون انگن جون ڳنڍيون کولجن.
ڇھائن سان ھڪٻئي کي ڇرجي، ائين
حجابي ڳلن جون ڳنڍيون کولجن
يا وري:
حفظ ھر انگ ڪري ڇڏيو تنھنجو،
حافظن جي قطار ۾ آھيان.
ھيٺيون ترائيل پڻ سندس خوبصورت بي باڪ اظھار جو ھڪ نمونو آھي.
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي،
ھيءَ چنڊ رات ٻيھر ڪھڙو پتو اچي،
چپ چار ٿورڙا سي ويجهو اچڻ تہ ڏي،
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي.
ڪجهہ چاش چاهتن جي تنھن ۾ رلڻ تہ ڏي،
جيون ڪسارو ڪونہ ٿو سچ پچ مزو اچي،
چانڊاڻ آ مٿي ڪر چھرو ڏسڻ تہ ڏي.
ھيءَ چنڊ رات ٻيھر ڪھڙو پتو اچي.
ھيٺيان غزلن جا شعر پڻ سندس رومانوي اظھار جا ڪيئي روپ پيش ڪن ٿا.
ڇو نہ ٿي ويجهڙا وھي ماڻيون،
ھي سدا ڪارا وار رھندا ڇا.
نج پنھنجو ھيءُ جياپو گڏ عاشقي بہ تنھن ۾،
مان سڀ لئہ اوپري پر توسان ٻکي گذاريان.
رخسانہ پريت جو نظم“محبت اوتبي آھي” پڻ رومانوي احساسن جو ھڪ جاندار اظھار آھي.
محبت اوتبي آھي “نظم”
اوھان وارن جھانن ۾
محبت ورڇبي ھوندي
ڪري ھڪ جيترا حصا
برابر ونڊبا ھوندا
ڏيڻ ھوندو، وٺڻ ھوندو
رتي جي ھيڏانھن ھوڏانھن
رساما رنج ھوندا ڪئي
منجهيل ڪئي معاملا ھوندا
ميارون، کوڙ ڏوراپا
سوين ٻيا سلسلا ھوندا
مگر ھيڏانھن ائين ناھي
اسان جي پار ڏي جاني
محبت ورڇبي ناھي
ٿبو آ جذب ھڪٻئي ۾
محبت اوتبي آھي
سموري ذات کي ميڙي
۽ ويڙھي روح کي ان ۾
سراپا سونپبي آھي
محبت اوتبي آھي
ٿئي تحليل ھڪٻئي ۾
رڳو ھڪ آھہ ٿي وڃبو
پتو ڪنھن کي ڏبو ناھي
ڄڀن ۾ راز رھندا ھن
جي خوش ٿي ماڻڪي مرڪي
ڪري تنبيھہ نيڻن کي
مرڪ سا روڪبي آھي
محبت اوتبي آھي
اوھان وٽ ٻيءَ طرح آھي
ھتي پر ھينئن ٿيندو آ
بدن اجرو تعلق جو
جڏھن ڀي ڪوڙھبو آھي
انھن عرصن جو ھڪ ھڪ پل
صدين جو لوڙبو آھي
ھيءَ ئي ھڪڙي گهڙي شايد
قيامت ڪوٺبي آھي
محبت اوتبي آھي
شاعريءَ جي اھڙي ئي رومانوي رنگ ۾ جتي محبوب جي قرب پائڻ جي چاھنا ھجي ٿي اتي شاعرن پنھنجي محبوب جي نقش و نگار سندس جسماني خدوخالن کان وٺي سندس ھر ادا جي حسن کي پنھنجي اظھار بيان ۾ آندو آھي، جيئن استاد بخاريءَ پنھنجي محبوب جي ڀرونئن کي ڌوڌاري تلوار سان تشبيھہ ڏني آھي:
ابرو تنھنجا ابرو ناھن ڌوڌاري تلوار يار
جيڪي ايندا، ٿيندا ويندا
ڌڙ سسين کان ڌار يار
يا شيخ اياز وري محبوب جي زلفن کي ڪاريھر جي ور وڪڙن سان ڀيٽيو آھي:
اڙي نانگ اڙي نانگ
پرين تو تہ ڏٺو ناھي
سندس وار سندس ونگ
ائين آھي جيئن تون
رومانس جي ان رنگ ۾ پريت بہ پنھنجي پرينءَ جي ٻانھن ڪٿي ڳچيءَ جو ھار ٿي ٺاھي تہ ڪٿي اھي ٻانھون سيرانديءَ وھاڻو ٿي ٿيون وڃن، تہ ڪٿي وري ڇپر ڇانوَ طور ٿي محسوس ڪري. پريت جون اھي تشبيھون غزل جي ڪيفيت جي حساب سان منڊيءَ تي ٽِڪ جان ٺھڪي ٿيون اچن.
مرڪب وجود منھنجي ۾ تون ڀي جڙيل پرين،
ٻانھون نہ ڪڍ ڳچيءَ مان، ھي نہ ھار ڌار ڪر.
مورڻين کنڀن جو، ڪوڻيءَ جو ڪو ريشم،
ٻانھن جھڙو ڪو وھاڻو ڪونہ ٿيندو.
نٽھڻ اس ۾ پيا ھلون ڪونہ ڏسون ڇانئون،
پرينءَ سنديون ٻانھون مڙئي اسان لئہ ڇانورو.
ڏٺو وڃي تہ دنياوي وھنوار ۾ پَل کان وٺي پئسي تائين، ڌرتيءَ جي سُرڻ، چنڊ جي چڙھڻ سان گڏوگڏ زلزلن کان وٺي سونامين تائين ھر شيءِ جي وقعت ۽ شدت کي ماپڻ جو ماپو موجود آھي، پر وکر جي ڪاروبار ۾ انساني احساس بغير ماپ طور جي، صرف منافعي جي لاءِ استعمال ٿيندا رھن ٿا، انھن نج انساني داخلي احساسن جي وکر جي دنيا ۾ ڪا بہ وقعت ڪانھي. انسان جي پيار جي شدت کي، اوسيئڙي جي پيڙا کي، ڌڪار جي ذلت کي، بيگانگي ۽ ويچارپ جي احساسن کي ماپڻ جو ڪو بہ ماڻ يا ماپو موجود ڪونھي اھڙين نج داخلي ڪيفيتن جي گھرائي ۽ شدت کي جڏھن شاعر استعارن ۽ تشبيھن جي استعمال سان اظھارن ٿا تہ اھي ڄڻ انھن اڻ ماپيل ڪيفيتن جي گهرائي ۽ شدتن جا ماپا ٿي پون ٿا، پريت پنھنجي تخليقن ۾ پڻ اھڙيون ئي تشبيھون ۽ استعارا ڪتب آندا آھن جيڪي انساني احساسن جا ماپا محسوس ٿين ٿا.
ٻانھن جي ٻيڪڙ مان نڪتيس،
ايئن لڳو ڄڻ جڙ مان نڪتيس.
ھن جي جو پھلوءَ مان نڪتيس،
ڄڻ ڪنھن باھ ڀڀڙ مان نڪتيس.
ڳوليئي کل، خوشي، خوشبوءَ ۾،
دردن جي مان ھڙ مان نڪتيس.
نينھن نديءَ جو ڳجهہ سڃاتم،
منڍ گهڙيس پوڇڙ مان نڪتيس.
ڪجهہ لکيم ۽ ڪجهہ ڳالھايم،
چپ جي ايئن چاپڙ مان نڪتيس.
يا وري ھيٺيان شعر:
ٿورو ويجهو اچي تہ ڌونڌاڙيو
ڄاڻو، زندھ ھون يا لاشا آھيون
آھيون ڪجهہ ماس جي ممين وانگر
ڏڍ آھيون نہ دلاسا آھيون
رخسانہ پريت جي شاعري پڙھندي نہ صرف داخلي ڪيفيتن جي شدت محسوس ڪري سگهجي ٿي پر ان سان گڏوگڏ سندس شاعري ڪٿي ڪٿي ننڍڙي وڊيو ڪلپ جيان پڻ محسوس ٿئي ٿي، جنھن ۾ سڄو منظر اکين آڏو ڦري ٿو اچي. جيئن هيٺئين وائيءَ ۾ واضح ڏسي سگهجي ٿو:
پنڌ کٽي ئي ڪونہ ٿو ،
ھي ڏس پيرن مان،
رت وھي آيو.
سرخي سيري جو ڏٺو ،
سڪل چپڙن مان،
رت وھي آيو.
محبت جي ڪَٿ تہ نہ ٿي ڪري سگهجي پر ان جو معيار ضرور ھوندو آھي. پريت جي پيار جو معيار ڪنھن اوچائيءَ تان وھندڙ جهرڻي، ڪنھن مسلسل وھندڙ نيري نديءَ جيان صاف شفاف، شڪ شبھن جي غلاظتن کان آجو برابري ۽ ھم آھنگيءَ جي بنياد تي ٻڌل نظر اچي ٿو، جنھن ۾ خودغرضيءَ جو عنصر تہ ناھي پر ھروڀرو جي انڪساري بہ ناھي. بلڪہ خودداري ۽ سيلف ريسپيڪٽ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. اردوءَ جي نالي واري شاعرا پروين شاڪر جتي پنھنجي محبوب جي بيوفائيءَ کي رومانٽيسائيز ڪندي لکي ٿي:
وو جہاں بھی گيا لوٹ کے ميري ھي پاس آيا،
بس يھي بات اچھی لگي مجهے ميرے ھرجائي کی۔
اتي پريت نہ صرف رستا الڳ ڪرڻ جي ڳالھہ ٿي ڪري، پر اھو چتاءُ بہ ڏياري ٿي تہ اگر اوھان مصروف ٿي ويا آھيو تہ ڪو اوھان جي انتظار ۾ ويٺو ڪونہ ھوندو بلڪہ زندگي روان دوان رھندي، اوھان واپسيءَ تي گهر خالي ۽ دروازي تي تالي جي پڻ توقع رکو.
ڪينئن سوچيئي تو اچين ۽ ھر ڀيري ھو ملي پئي،
گهر بند ۽ ڪنڍي بند، تالو بہ ٿي سگهيو پئي.
يا وري سندس ھيٺيون غزل:
جي نہ ملندين تہ مان ھلي وينديس
جي نہ گهرندين تہ مان ھلي وينديس
اچ اَجهو ڏيانءِ مان پنھنجي نيڻن ۾
پو بہ رلندين تہ مان ھلي وينديس
جوڙ ونڊ ضرب ۽ بچيل پاڇيون
مون کان پڇندين تہ مان ھلي وينديس
پنھنجو ھٿ منھنجي ھن ٿڌي ھٿ تي
جي نہ رکندي تہ مان ھلي وينديس
سماج اندر غربت، بک، بي روزگاري، ڪنھن سماجي سياسي ويساھہ گهاتيءَ جو نتيجو ھونديون آھن، اھڙيون ويساھہ گهاتيون عالمي سطح تي ڦھليل سرمائيداراڻي نظام جي ميگا پروجيڪٽس جي نتيجي ۾ معصوم عوام سان وقت جا حڪمران ڪنھن دلفريب نعري ۽ ترقيءَ جي نالي تي ڪندا رھندا آھن. انھن بي واجبين جو شڪار ھونئن ھر ملڪ جو عوام ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ ٿيندو رھي ٿو پر ٽين دنيا جو عوام تہ ڄڻ غربت جي اونھي کاھيءَ ڏانھن مسلسل ڌڪجندو پيو وڃي، غربت جي ان کڏ ۾ ڪير ڪيترو اونھائيءَ تائين ڪريل آھي ۽ ڪير اڃا ڪِرڻ وارو آھي، سرمائيداراڻي نظام ان جو بہ عالمي سطح تي پيمانو جوڙي ڇڏيو آھي، جنھن کي “غربت جي لڪير” نالي ڏنو ويو آھي، ۽ ٽين دنيا جي آباديءَ جي اڪثريت ان غربت جي لڪير کان بہ ھيٺ انتھائي ڏتڙيل حالتن ۾ پنھنجي ساھن جو سلسلو قائم رکڻ جا جتن ڪري رھي آھي، جن مان صرف چند ماڻھو پنھنجي اندر جي غرور کي ماري پيٽ پالڻ لاءِ ٻين اڳيان ھٿ ٽنگين ٿا، باقي سڀ “ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان” واري حالت ۾ ڪنھن نہ ڪنھن طرح ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ھٿوراڙيون ھڻندا رھن ٿا. رخسانہ پريت اھڙين حالتن کي جنھن انداز سان پنھنجي تخليقن ۾ اظھاري ٿي نہ رڳو ان بک جي شدت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر گڏوگڏ ذھن ۾ سوال بہ ڪر کڻن ٿا تہ آخر اھو سڀ ڪجهہ ڪيستائين ......
تن کي ڀئہ تون موت جا ڏيندو رھين ٿو
ڦندو جن لئہ پيٽ ھو، ڦاھي حياتي
چنڊ ڀي ڪيستائين بھلائي
ٻري آنڊن ۾ کورو ڪيئن جيئجي
لڙڪن جي جاءِ رت ھو فاقن ۾ پيٽ ھئا
شيھو رجيو پئي سوچ ۾ نعرا بہ کوڙ ھئا
ھيٺينءَ وائيءَ ۾ تہ انساني بيوسيءَ جا اھڃاڻ چٽا ملن ٿا
ھڪڙي مانيءَ ڪاڻ
روئي ٻار سمھي پيا
چلھہ ۾ ٿڌ جو ٿاڪ ھو
ماءُ اندر مانڌاڻ
روئي ٻار سمھي پيا
چکندي چکندي، تڙپندي
جيون جي کاراڻ
روئي ٻار سمھي پيا
زندگيءَ لاءِ اھم آھيون ايترا،
ھر دفعي ڪاٿي وساري ٿي اچي.
خوف جي پاتال ۾ ڪنبندي ڏسي ڪو،
دنيا ھن جي گول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.
ھر گهڙي الزام ٿي نوان آڻي،
تھمتن چوٻول ۾ ڪيئن ٿا جيئون پيا.
مٽيءَ قرض چڪائيندا سڀ
جوڌيون ۽ اڙٻنگ مٽيءَ جا
ماريو ويو کنڀيو ڪو گهايو،
ڄڻ تہ وطن ۾ جنگ لڳل آ.
شايد اھا انساني خصلت آھي تہ ھو گهڻي ڀاڱي نااميد نہ ٿو ٿئي، شديد مايوسيءَ وارين حالتن ۾ بہ ھو ڪنھن آفاقي سھاري مان مدد جي اميد نٿو ڇڏي، ان ڪري ئي صدين کان انسان ۽ خدائيءَ جو بحث هلي پيو. عقيدائي علمن کي عوام جي اڪثريت تہ رڳو پنھنجو دڳ ڳولڻ يا وري شديد تڪليف ۾، سھاري طور استعمال ڪري ٿي پر جڏھن اھي عقيدا ئي علم سامراجي قوتون پنھنجا سياسي ۽ اقتصادي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، تڏھن سماج ۾ مذھبي منافقت پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ عام ماڻھو جيڪي زندگيءَ جون ننڍڙيون گهرجون بہ پوريون نہ ڪري سگهڻ سبب احساس ڪمتريءَ جو شڪارٿي ھڪ منجهيل ۽ ڳنڀيرتا واري زندگي گذاري، وڏي سولائيءَ سان تنگ نظريءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ “مشال خان” ۽ “ڀوري ڀيل” جھڙا واقعا سماج ۾ ٿيندي نظر اچن ٿا. اھڙي تنگ نظريءَ واري ماحول ۾ جتي بلاسفيمي جي تلوار ھر سوچيندڙ ذھن مٿان لٽڪيل ھجي ۽ ڪنھن بہ مھل ڪنھن تي اھو الزام لڳائي سندس حياتيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏڻ واري صورتحال ھجي. رخسانہ پريت وڏي بھادريءَ سان ان تنگ نظريءَ کي ننديو آھي ۽ ڀوري ڀيل کي زبردست خراج پڻ پيش ڪيو آھي:
ڀورا تنھنجيءَ ڀونءِ تي
توسان ھيءُ انياءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ڌرتيءَ دانھيو درد مان
اڀ جو ڦاٽو ھانءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ڪھڙو دين الله جو
ڏسِ تون مون کي آءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ماڻھو ٿيو بي آبرو
انسانيت کي گهاءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ماڻھو مذھب کان مٿي
ڌرتي سڀ جي ماءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
ھو تہ اسان مان ئي ھيو
کڻ تون ڌار ھي ٿانءُ
سنڌ سڄي سڏڪي پئي
يا وري سندس نظم جون ھيٺيون سٽون:
ھتي ھن ديس ۾ ھاڻي
جو گوليءَ گهاو کان بچندو
وري ڪنھن موڙ تان مڙندي
آ ڪيڏو ڇرڪجي ويندو
وري ڪنھن ڪفر جي فتوي
سندءِ پيرا کنئيا ھوندا
سندءِ معصوم دل ۾ خوف جا
خيما ھنئيا ھوندا
وري ڪاري ڪڪر اڀ مان
وڏي گجگوڙ ڪئي ھوندي
۽ ڪنھن ڪافر چئي ڪنھن کي
سڌي گولي ھنئي ھوندي.
توڙي جو سماج جو ھڪ حصو ان تنگ نظريءَ کي ننديندي بہ نظر اچي ٿو پر ھو ان جي نعم البدل طور سائنسي سوچ کي ھٿي وٺرائڻ بجاءِ صوفي ازم کي پيش ڪري ٿو، جڏھن تہ پريت پنھنجي شاعريءَ ۾ صوفي ازم کي جز ۽ ڪل جي وچ ۾ ھڪ ذاتي سطح جو ڳانڍاپو سمجهندي باقي مسئلن لاءِ گڏيل ۽ مسلسل جدوجھد ۾ يقين رکي ٿي.
مان مجازي رنگ ۾ رنگجي وئي ھان
منھنجو لھجو عارفاڻو ڪونہ ٿيندو
ڏئي لت ماڻھپي تي پئي ماڻھو لنگهي ويو
پئي ٿيون عبادتون ۽ سجدا بہ کوڙ ھئا
عام طور تي اھو محسوس ڪيو ويو آھي تہ جڏھن بہ جدوجھد ۽ دشمن سان مقابلي جي ڳالھہ ٿيندي آھي تہ بھادر ۽ جوڌن جي ماءُ کي ساراھيندي ۽ ان تي فخر ڪندي اڪثر اھي جملا ٻڌڻ ۾ ايندا آھن تہ سلام آھي انھن مائن کي جن ھھڙا بھادر پٽ ڄڻيا، يا وري چيو ويندو آھي تہ اڃا مائرن جون ڪکيون بنجر ناھن ٿيون جو جوڌا پٽ جنم نہ وٺن. شاھ عبدوالطيف ڀٽائي عورت واتان چورائي ٿو:
ڀڳو آئون نہ چوان ماريو سين وسھان
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونھان
تان پڻ لڄ مران جي ڪر ھوئنس پٺ ۾.
يعني عورت فخر محسوس ڪري ٿي جڏھن سندس ڪانڌ ڪنھن ويڙھ ۾ ڀرپور مقابلو ڪري زخمي ٿي سرخرو ٿي موٽي ٿو. عورت بس اھو چاھي ٿي تہ سندس ساٿي بھادريءَ سان مقابلو ڪري نہ ڪي بزدل ٿي ميدان ڇڏي واپس موٽي. عورت پاڻ ويڙھہ ۾ حصو وٺي، پنھنجي بھادريءَ تي ناز ڪري، شاھ سائين اھڙي ترغيب ڏيندي نظر نہ ٿو اچي ان ساڳي تسلسل ۾ اياز بہ ڌرتيءَ جو راڄ ڌڻي مرد کي سمجهي ٿو:
ھن ڌرتيءَ جا او راڄ ڌڻي
تون رت ۾ ريٽو ٿي ايندين
مان ڇيرين کي ڇمڪائينديس
مطلب تہ اھا ئي عورت بھادر آھي جا پنھنجي گهر ڀاتين جا رت ۾ ريٽا جسم ڏسي روائيتي روڄ راڙي بجاءِ خوش ٿئي، جهومي، فخر ڪري ۽ سندس آڌرڀاءُ ڪري، توڙي جو شاھہ سائين پنھنجي سورمين ذريعي علامتي جدوجھد ڏيکاري آھي پر اھا سڄي مجازي عشق جي ذريعي، جڏھن تہ گڏيل جدوجھد ۾ عورت جو ڪو علامتي طور تي بہ خاطر خواھ حصي جو ذڪر نہ ٿو ملي. شاھہ سائينءَ جي دور ۾ توڙي عشق ۾ روايتن کي ٽوڙي اڳيان اچڻ ئي ھڪ وڏي بغاوت ھئي (جيڪا اڄ ڏينھن تائين جاري آھي خاص طور تي ٽين دنيا جي ماڻھن لاءِ) ۽ اگر تاريخي طور تي ڏٺو وڃي تہ اھو دور غلام ۽ آقا وارو ھيو جنھن جي ڪري ڪافي سماجي ۽ اقتصادي رويا واضح طور تي سامھون نہ اچي سگهيا، جيئن ڪارل مارڪس ارسطوءَ کان متاثر ٿي لکيو آھي تہ: “ارسطو ان منطق کي تہ ڄاڻي ويو ھو تہ شين جي وچ ۾ برابريءَ جي بنياد تي مٽا سٽا ڪنھن مساوات کان سواءِ ممڪن ناھي پر اھا ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا کين برابر ڪري ٿي اھو، ھُو ان ڪري ڄاڻي نہ سگهيو جو اھو غلاميءَ وارو دور ھو جنھن ۾ پيداوار سڄي جا سڄي مالڪ جي ملڪيت ھئي ۽ انساني محنت جيڪا اصل ۾ شين ۾ قيمت پيدا ڪري ٿي ان جي ڪا بہ وقعت نہ ھئي، ان لاءِ ارسطوءَ انساني محنت جي اھميت کي منطقي انداز سان سمجهي نہ سگهيو، ساڳي انداز سان شاھ سائين جي دور ۾ اھڙيون سماجي حالتون نہ ھونديون جو شاھہ سائين گڏيل جدوجھد ۾ عورت جي ڪردار کي اڳيان آڻي، پر شيخ اياز جي دور تائين عورت جدوجھد ڪافي اڳتي اچي چڪي ھئي، يورپ ۾ فيمينسٽ تحريڪون ھلندڙ ھيون، سوشلسٽ انقلابن ۾ پڻ عورت جدوجھد جو وڏو حصو ھيو، جيڪو روسي ادب ۾ واضع طور تي نظر اچي ٿو. فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجھد ۾ بہ عورت جو وڏو ڪردار آھي ان سڄي جدوجھدن باوجود اياز بہ اتي ئي بيٺو آ جتي شاھہ سائين جو پيغام، پر عورت ھجڻ ناتي رخسانہ پريت پنھنجي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي ھڪ محب وطن فرد جيان پنھنجي ڌرتيءَ جي ويرين سان مھاڏو اٽڪائيندي ۽ ڌرتيءَ جا گيت ڳائيندي نظر اچي ٿي.
دانھن ڌرتيءَ جي مان ورنائڻ ڇڏي ڏيان
ڇا وطن جا گيت مان ڳائڻ ڇڏي ڏيان
موھن جو اتھاس مان ئي سنبارا
تون چوين ٿو ڀونءِ کي ڀانئڻ ڇڏي ڏيان
وار وحدت تي وطن جي ھينئن ڏسندي
تخليقن ۾ قوم جاڳائڻ ڇڏي ڏيان
مان دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي جبر سان
ڪيئن مھاڏو نيٺ اٽڪائڻ ڇڏي ڏيان
قلم ڌياڻي، پاسبانن ۾ ٿي ڳڻجان
ھيڏانھن جو گهوري غلط، گهائڻ ڇڏي ڏيان
پريت ڪيڏي نہ خوبصورت انداز سان کنڀجي ويل ديس واسين لاءِ مسلسل جدوجھد ۾ رڌل نينگرين کي ساراھيو آھي:
رڪ جيان ڏاڍو عزم اوھان جو ڇوڪريون
سسئي سورٺ ۽ ٽيون عشق اٿو آڏو
ڪيڏو مھاڏو اٽڪايو ٿوّ ڏاڍ سان
پريت وڏي اتساھ سان بلوچ نينگرين جي جدوجھد جو بہ ذڪر ٿي ڪري، جيڪي پيرين پيادي لڪن، جهنگن، پھاڙن کي جهاڳي پنھنجي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ ايوانن تائين پھچن ٿيون.
عشق ھوءَ ڇوڪري بلوچي آ
جنھن پھاڙن پٺيان پڪاريو آ
نيٺ نڪري پئي آ راھن تي
پنڌ ھن جو گهڻو پرانھون آ
ڪيئن چئجي تہ ھوءَ ٿڪي پوندي
ھوءَ اڃا ڪئي ھزار ميل ھلي
نئين تاريخ عشق جي لکندي.
جبر جي خلاف جدوجھد ڪندڙن جي پيچرن تي ڪيئي خار ھجن ٿا، جي ننگن پيرن کي تہ پٿون ڪري وجهن ٿا پر سندن حوصلن کي لوڏي نہ ٿا سگهن، پريت اھڙن انسانن جي ڪيفيتن کي تمام گهڻي ويجهڙائيءَ کان پرکيو ۽ محسوس ڪيو آھي، پريت پنھنجي جيون ساٿيءَ جي پٺن تي جڏھن ڦٽڪن جا نشان ڏسي ٿي ۽ جڏھن ان کان اھو ٻڌي ٿي تہ ڪيئن ضمير جي قيدين کي ڇھہ ڇھہ مھينا اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي رکيو وڃي ٿو، اھڙين حالتن مان گذري جڏھن سياسي ڪارڪن ٻاھر اچن ٿا تہ سندن ذھني ڪيفيت ڪھڙي ھوندي، ھو پنھنجي ٿيل تذليل ۽ تڪليف کي ڪيئن ٿا منھن ڏين. ٻاھر رھندڙ ماڻھو ان اذيت کي سمجهي ئي نہ ٿا سگهن، پريت مزاحمتي سياست جي اھڙن ڪارڪنن جي ڪيفيتن جي ترجماني ڪجهہ ھنن لفظن ۾ ڪندي نظر اچي ٿي.
گونج منھنجي گهٽيو زبان رکبي،
ڀل تہ گردن ڪپيو زبان رکبي.
لڙڪ اکڙين جا ڄڻ تہ ٽانڊا ٿيا،
ساڻ رت ڀي رڙيو، زبان رکبي.
مون اڏيو مورچو آ سوچن جو،
سو بہ ناھي جهريو، زبان رکبي.
منھنجو ھي آخري بيان آھي،
مون کي ماري ڇڏيو، زبان رکبي.
يا وري ھڪ غزل ۾ لکي ٿي:
ڪک جيان لڙڪ مان تري نڪتو.
ھو وڏي ويڙھہ مان جهري نڪتو.
جينئن ئي اٽڪيو وڃي ھو اوندھ سان
پوءِ حياتي سڄي ٻري نڪتو.
سج کان وڌ جليو ھو جوڀن ۾،
ڏئي سج جي مٿان تري نڪتو.
ھتي اگر ھيٺينءَ وائيءَ کي ڏسجي تہ لڳي ٿو ڄڻ سڄي جا سڄي انھن سرفروشن کي ڀيٽا طور لکي وئي آھي.
ڪونہ مڃيسين مات،
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾ .
نيٺ نراس جي ڪوھيڙي مان
جوءِ پائيندي جهات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.
گهگهہ جا گهيرا ٽٽندا ايندي،
پايل سان پرڀات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.
ڪڏھن پرھ واٽن تي گڏجي،
ڪڏھن اماسي رات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.
ڪڏھن نچن سوريءَ تي سسيون
ڪڏھن اڏيءَ تي ڪات.
اسان اڃا ڀي پنڌ ۾.
پريت ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙن کي نہ صرف اتساھي ٿي پر ھوءَ پنھنجي آسپاس ٿيندڙ ھر سياسي چرپر، جنھن سان ديس واسين کي ڪو نقصان پھچي سگهي ٿو، اھڙين حالتن کان باخبر رھڻ جي پڻ تاڪيد ڪندي خبردار پڻ ڪري ٿي.
روز پيو جڪڙجين ان ڄار جو پتو تہ رک.
ڪينئن ٽٽين پيو ٿو ڏار ڏار جو پتو تہ رک.
ملھہ ڇا منڪريءَ جو تون سمورو ڄاڻين ٿو،
ايئن سراپا بڻيل انڪار جو، پتو تہ رک.
کڻي سنگهرون گهڻو ويجهو پڄي ويا آھن،
تون آھٽن جو ۽ جهنڪار جو پتو تہ رک.
تو چوين پيو ٿو تہ توکي آ سفر وڏو ڪرڻو،
تہ پوءِ ھر سنگ جو ھر خار جو پتو تہ تہ رک.
تنھنجي لڙڪن ۾ رنگ ڇو لٿو لھوءَ جو آ،
من جي ماتم جو، ھر آزار جو پتو تہ رک.
سماج ۾ جڏھن جدوجھدون تيز ٿي وينديون آھن ۽ حڪمران پنھنجا بنياد لڏندي محسوس ڪندا آھن، تڏھن ھو پھريون وار اظھار جي آزاديءَ تي ڪندا آھن. ھو اديب جي قلم جون قيمتون بہ لڳائيندا آھن تہ ماڻھن جي ميڙ کان ڊڄي 144جھڙا قلم پڻ لڳائيندا آھن، پر تاريخ گواھ آھي تہ جيئن پاڻيءَ جي تيز وھڪري جي رستا روڪ نہ ٿي ڪري سگهجي، ھو پنھنجا گس پاڻ ٺاھيندي اڳيان وڌندو ويندو آھي ايئن سوچيندڙ دماغ پنھنجي اظھار جو رستو سخت پابندين ھوندي بہ ڪڍي وٺندو آھي. اھڙين حالتن ۾ علامتي مزاحمتي ادب سامھون ايندو آھي. پريت بہ انھن تخليقڪارن منجهان آھي جن جو قلم پنھنجي اظھار لاءِ علامتي رستو ڪڍي ٿو وٺي. پريت جو قلم اھو گوارا نہ ٿو ڪري تہ قومي سلامتيءَ جي نالي تي انساني جانيون بغير ڪنھن قانوني جواز جي سالن جا سال گم ڪيون وڃن ۽ ڪا ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ نڪري.
نظم اڇا جزا
منھنجي رت ۾ موجود
اڇا جزا الائي تہ ڇو
منھنجي ئي وجود
جا دشمن بڻجي پيا آھن
منھنجي جسم جا ڪئي
گهرڙا گم پڻ آھن
منھنجي وجود جا محافط
ڪيڏي نہ چالاڪيءَ سا
دڙڪي دھمان ۽ ڌمڪين
سان حملو ڪندڙ جراثيمن
تي رعب وجهندا رھن ٿا،
پر کين سان وڙھڻ بدران
منھنجو ئي ماس پٽي رھيا آھن،
منھنجو ڏيل وڃي پيو ڏرندو
۽ ھي مچي مواڙ ٿيندا ويا آھن،
منھنجي جسم جو مدافعتي
نظام منھنجي ئي گوشت
تي پيو پلجي
آئون ٻوٽي ٻوٽي ٿي
کاڄي رھي آھيان
مان اگر پنھنجي سفر ۾
وقت کان اڳ مري وڃان
تہ منھنجي قتل جي
ايف آءِ آر منھنجي ئي
مدافعتي نظام جي اڇن
جزن خلاف لکرائي وڃي.
پريت سماج اندر ھلندڙ ھر جدوجھد کي پنھنجي مختلف تخليقي صنفن، بيت، وائي ۽ غزل ۾ سرجيندي رھي آھي، تخليقڪار جي ذھن ۾ سوچن جون ويرون لھنديون چڙھنديون رھن ٿيون جن کي ھو پنھنجي مخصوص تخليقي انداز سان ڪاغذ تي اوتي ٿو، پريت پڻ انھن اڻ جهل ويرن کي غزل، وائي ۽ بيتن ۾ اظھاريندي رھي ٿي پر جڏھن ڪا وڏي وير اڀري ٿي اچي، جا غزل ۽ وائيءَ جي پابندين ۾ اظھارجي نہ ٿي سگهي تہ اتي وري پريت نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم کي وي آف ايڪسپريشن طور چونڊي ٿي. جڏھن جمھوري دور ۾ کلي عام وڪيلن تي تشدد ۽ گولين جو وسڪارو ڪيو ويو ھو، ان واقعي پريت جو جيءُ جهوري وڌو ھو جنھن تي ھن نظم “ڇا انسانيت مري وئي آ” تخليق ڪيو ھو:
ڇا انسانيت مري وئي آ
ھر گس تي لال لھو ڦھليو
ماڻھن پئي ماڻھن کي گهليو
ڪو فائر ساڻ ڪريو ھيڏانھن
ڪنھن گوليءَ گهاءُ وڌو ھوڏانھن
سک سان گڏ سانت مري وئي آ
ھر دل جا شانت مري وئي آ
ھر ڪوئي پڇي ھر ڪنھن کان پيو
ڇا انسانيت مري وئي آ
آ ديس سندو قانون ڪٿي
يا خود رياست مري وئي آ.
رخسانہ پريت جنھن ٽھيءَ سان تعلق رکي ٿي ان ٽھيءَ سياسي سماجي ۽ معاشي طور تي وڏا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن، سخت قسم جون مارشلائون، ايم آرڊي جھڙيون تحريڪون، ڪالا باغ خلاف جدوجھدون ۽ نسلي فساد. ان سڄي دور ۾ ھڪ شخصيت جو ڪردار جمھوري طور تي بلڪل واضح نظر اچي ٿو اھو آھي محترمہ بينظير ڀٽو جو ڪردار جيڪا ايم آرڊي جي موومينٽ دوران جهر جهنگ لتاڙيندي دورا ڪندي جلسا ڪرائيندي نظر اچي ٿي تہ ڪالا باغ ڊيم خلاف جدوجھد ۾ بہ شامل رھي ٿي. اھڙي بي باڪ جمھوري شخصيت جڏھن قتل ٿئي ٿي تہ گهڻي ضبط باوجود اکيون دل ۽ قلم روئي ويھن ٿا، پريت اھڙي غمگين ۽ رنج واري صورتحال ۾ نظم “سچ تہ ھوءَ بينظير آھي” جھڙو نظم تخليق ڪري محترمہ بينظير کي خراج پيش ڪري ٿي.
رخسانہ پريت جي شاعريءَ جو ھڪ وڏو ڀاڱو عورت جي پنھنجي وجود جي بقا جي لاءِ ھڪ مڪمل انسان طور پاڻ مڃائڻ ۽ ھڪ آزاد فرد طور زندگيءَ جي سڀني خوشين کي ماڻڻ ۽ ڪاميابين جي سڀني ڏاڪن کي پار ڪرڻ جي جدوجھد سان گڏ عورت جي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جي اظھار ۽ سماج جي طرفان ٻہ اکيائي واري رويي کي نندڻ تي مشتمل آھي. پريت جڏھن تاريخ جي جهروڪي ۾ ليئو پائي ٿي تہ اڌ آبادي تي مشتمل عورت سواءِ ھڪ ٻن ھنڌن تي سندس موجودگيءَ ھجي ٿي باقي ھن جو وجود ھرھنڌان غائب ڏسي سندس ذھن گهڻو ڪجهہ سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو جنھن جو اظھار ھوءَ پنھنجي تخليقن ۾ ڪجهہ ھيئن ڪري ٿي.
پيار خوشبو وفا تلاشي پئي
ڏڍ ڪي آسرا تلاشي پئي
پنھنجا تاريخ ۾ ڏسي پيرا
پنھنجي ھوءَ ارتقا تلاشي پئي
ڳولي ھمدرد پنھنجي ڀر ۾ پئي
۽ ڪوئي ھم نوا تلاشي پئي
ھوءَ بہ ھڪ دل رکي ٿي سيني ۾
ھوءَ بہ ھڪ دلربا تلاشي پئي
ويڙھہ وڙھندي وجود پنھنجي جي
ساھ لئہ ڪجهہ ھوا تلاشي پئي
ھوءَ سراپا سرير مان نڪري
عشق جي انتھا تلاشي پئي.
پنھنجي ارتقائي سفر جي جستجوءَ ۾ پريت کي عورت جي ثانوي حيثيت ھجڻ تي انتھائي تڪليف پھچي ٿي ھوءَ سوچي ٿي تہ ڪيئن نہ ثقافت ڪلچر ۽ قبيلائي مان مرياڌا قائم رکڻ جي نالي تي عورت کي ھڪ مخصوص دائرن اندر قيد ڪري رکيو ويو آھي، جتي آزاديءَ سان ساھ کڻڻ لاءِ بہ کيس جتن ڪرڻا ٿا پون.
ھوءَ جلي بي پناھہ ڇا تہ ڪندي
ھيءَ ننڌڻڪي نگاھ ڇا تہ ڪندي
نيٺ محبت مٽيءَ مان آ ڳوھيل
ڪندي ھرھرپئي چاھہ ڇا تہ ڪندي
ھيئن جي پھرا ڌريندي ساھن تي
ھوءَ لڪائيندي ساھ، ڇا تہ تہ ڪندي
جنھن ۾ شعلو جلي بغاوت جو
وقت توسان، سا ٺاھہ ڇا تہ ڪندي
ٻَڌين فظرت کي پيو وجهي واڍيون
جو ڪري، سڀ گناهہ، ڇا تہ ڪندي
ھوءَ سراپا ڪڙيل رواجن ۾
ڪا تہ ڇڏجوس واھ، ڇا تہ ڪندي.
جتي ظلم ٿيندو آھي اتي ان خلاف آواز پڻ اٿاريو ويندو آھي، پر اگر ظلم، ريتن، رسمن ۽ غيرت جي نالي تي ڪيو وڃي تہ ان خلاف اٿندڙ آواز ٿوري دير جا پڙاڏا ئي ثابت ٿين ٿا اھڙين مدي خارج رسمن مان ڪارو ڪاريءَ جو قتل پڻ آھي اھڙين سڀني عورتن جو رخسانہ پريت آواز بڻجي لکي ٿي:
ڇا مان ايئن سمجهان.
منھنجو خون لڙھي ويو .
سڏڪي ٿي سنڌو ندي،
سڀني کي چئجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
او سرتي! تاريخ کي،
منھنجي دانھن ڏجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
ڪنھن ٻيءَ ڀيڻ مٿان کڄي
ھٿ اھو ڀڃجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
منصف مايا تي ڀلئين،
عمريون ھٿ ھڻجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
ديس ڌياڻي سنڌ جي،
مون لاءِ تون وڙھجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
ڪين وطن جي سورمي،
مات مري مڃجان.
منھنجو خون لڙھي ويو.
ٽين دنيا خاص طور تي ننڍي کنڊ جون عورتون ھڪ طرف ماريون وڃن ٿيون تہ ٻئي طرف مٽا سٽا جي وکر جيان وڪاميون ۽ خريديون بہ وڃن ٿيون، پريت جو قلم اھڙن ھاڃن تي ڪڏھن بہ خاموش نہ ٿو رھي.
آھيان جلندي اجهامي ويندي ھان
ايئن ئي پڄري ۽ کامي ويندي ھان
شيءِ خريدوفروخت جي آھيان
سو خريدي وڪامي ويندي ھان
جتي ڳوٺاڻي عورت کي ان جي پسماندگيءَ، ويچارپ ۽ ان سان ٿيندڙ ناانصافين جي بنياد تي ھمدردي جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي اتي شھري عورت جنھن جو اگر لباس ٿورو مختلف آھي يا ننڊي وڏي نوڪري ڪري ٿي ۽ پنھنجي ضرورتن جون شيون وٺي ٿي تہ ان کي آزاد ۽ خودمختيار عورت سڏيو ويندو آھي. ايتري قدر جو عورت پاڻ بہ اھو سمجهڻ شروع ڪري ڏيندي آ تہ ھوءَ بہ سماج جو ھڪ آزاد ۽ خودمختيار فرد آھي، ان عورت جي گمان تي پريت “خودمختيار عورت” نظم لکي اھڙين سڀني عورتن کي ڌونڌاڙيو آھي تہ جنھن وھم کي ھو خودمختياري سمجهن ٿيون اھو سچ نہ پر سندن وھم آھي. مارڪس چواڻي اھي فالس ڪانشيسنيس جو شڪار آھن. اصل ۾ تہ سندن غلامي جي رڳو ھڪ ڪڙي ٽوڙي زنجير کي ٿورو گهرگهلو ڪيو ويو آھي تہ جيئن ھوءَ ٿوري حرڪت ڪري سگهن ۽ مالڪ جي ڪمن ڪارين ۾ وڌيڪ ھٿ ونڊائين. کيس اڃا ھڪ ڊگهي زنجير لاھي ڦٽي ڪرڻي آھي تڏھن ئي ھوءَ ھڪ خود کي خودمختيار عورت سڏرائي سگهندي.
خودمختيار عورت (نظم)
ڪچھري ڪندي ڪندي
اوچتوٽھڪ ڏئي چيائين
“سرتي ھن صورتحال ۾
مان پاڻ لاءِ
چئي سگهان ٿي تہ آئون
ھن دور جي خودمختيار
عورت آھيان”
ٿورو ترسي منھن ۾ چتائيندي
پڇيومانس
“ايڏي وڏي آفيسر آھين
ڇا پنھنجي پگهار جو چيڪ
بينڪ وڃي خود ڪيش
ڪرائيندي آھين؟”
ڪجهہ پل خاموش رھندي وراڻيائين
“نہ نہ ڪڏھن بہ نہ مون کي تہ
خبر ڀي ناھي تہ منھنجي
پگهارڪيتري آھي”
گهڙي ترسي ٻيو سوال ڪيو مانس
ڇا ڪنھن الف بي تي کي
ٻڌائڻ يا اجازت وٺڻ
کان سواءِ ڪڏھن گهر جي
چائنٺ ٽپي اٿئي
ڪجهہ وقفو ڏئي وراڻيائين
“نہ ڪڏھن بہ نہ
ڪنھن نہ ڪنھن کان ته
پڇڻو يا ٻڌائڻو پوندو آ”
ڀلا اھو تہ ٻڌاءِ ھنن ٻچڙن جي
پالنا دوران راتين جي
اوجاڳن ۾ ڪنھن جي
ڀاڱي ڀائيواري ٿئي؟
اکيون ڀرجي آيس
“نہ نہ ڪنھن جي بہ نہ اڪيلي
جاڳي آھيان
صدين جا اوجاڳا اڪيلي سر
سٺا اٿم ڪڏھن ڪڏھن
تہ اکيون ئي پٿرائجي ويل ڀائيندي ھئم”
پريت جو مٿيون مڪالماتي نظم سڄي جو سڄو لاجواب ۽ عورت جي اندروني ڪيفيتن جو عڪس پيش ڪندڙ آھي، جنھن جا ڪجهہ مڪالما حوالي طور پيش ڪيا ويا آھن.
ڏٺو وڃي تہ عورت کي ھڪ منظم پدرشاھي سرشتي تحت سندس صنفي خصلتن کي بنياد بڻائي کيس ھر دور ۾ ھڪ طرف ڪمزور ۽ نازڪ نفيس ڪري پيش ڪيو ويو آھي، تہ ٻئي طرف کيس قدرت جو حسين تحفو سمجهندي سندس حسن ۽ جسماني خدوخال جي اھڙي تہ اپٽار ڪئي وئي آھي جو عورت انسان مان بدلجي سونھن جو ھڪ بي جان مجسمو بڻجي وئي آھي، جنھن کي تڪڻ، گهورڻ، سندس رستا روڪ ڪرڻ، سماج ۾ معيوب نہ ٿو سمجهيو وڃي اھڙين سوچن ۽ مجموعي سماجي ادراڪ ۾ جڏھن نينگريون پرعزم ٿي پنھنجي منزل ماڻڻ لاءِ اڳتي اچن ٿيون تہ ڪئي ڳجهن نما ذھن کين انسان سمجهڻ بجاءِ ماس جو ٽڪرو سمجهي سندن آسپاس لامارا ڏين ٿا پريت پنھنجي نظم”شھوت” ۾ نہ صرف ان جي منظر ڪشي ڪندي نظر اچي ٿي پر گڏوگڏ نينگرين کي اتساھ پڻ ڏياري ٿي تہ اھڙين حالتن ۾ مقابلو ڪيئن ڪجي ۽ پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪري سوڀارو ڪيئن بڻججي:
شھوت
وڏي ڇا ٿي
ڄڻ تہ اگهاڙي ٿي پئي
چوڏسائن کان تاڪو نظرون
لٽا تہ ڇا
چم مان بہ پار ٿيڻ لڳس
وجود کي ڍڪڻ لئہ
پوتي ڇڪي ڇڪي
ساڻي ٿي پئي
پر پوءِ بہ
ڪا نہ ڪا ٻوٽي
ڪٿان نہ ڪٿان ظاھر
ٿيڻ لڳس
سھميل وجود
نيٺ ڀڙڪو کاڌو
۽ شروع ٿي ويو ھڪ سنگهرام
سماج سورھن آنا سندن پاسي ھو
۽ ھن سان گڏ ھو
صرف پنھنجو پاڻ
ويڙھہ ۾ سوڀ تڏھن ماڻيائين
جڏھن پوتي کي اڇلي
ڦٽو ڪيائين ۽
ويڙھيائين وجود کي حوصلي
جي چادر
حوصلي جي چادر ڇا پاتئين
تاڪو نظرن جي شھوت
ايئن وڃي ترو ورتو
جيئن ٿڌ ۾ ٿرماميٽر
جو پارو
ھيٺ ڪري پوندو آ.
پريت ھڪ ليکڪا جي طور تي اھو پڻ محسوس ڪري ٿي ته، ادبي لڏي پاران جيڪو ڪجهہ لکيو وڃي ٿو، ان ۾ عورت کي ڪيئن پوئٽري ڪيو ٿو وڃي ڪجهہ اديب، دانشور ترقي پسنديءَ جي چادر اوڍيلن جون بظاھر تہ عورت جي ھمدردي ۾ لکيل تخليقون، اصل ۾ لاشعوري طور انھيءَ سوچ جو ڏيک ڏين ٿيون جن جو مقصد جسماني لذت کي محسوس ڪرڻ کان سواِءِ ٻيو ڪجهہ بہ ناھي ھوندو. اھڙين تخليقن کي تنقيدي نظر سان ڏسندي رخسانہ پريت ڪجهہ بھترين نثري نظم لکيا آھن جن ۾ “اگهاڙپ جو سچ”، “بائلاجي ۽ آرٽ” ۽ “جڏھن تون نظم ٿي بڻجين” شامل آھن.
پريت جتي عورت تي ٿيندڙ جبر ۽ زيادتين خلاف لکيو آھي اتي ھوءَ عورتن جي حقن جي لاءِ اٿندڙ ھر آواز سان پنھنجو آواز ملائيندي نظراچي ٿي. ھونئن تہ دنيا ۾ لڳ ڀڳ سئو سالن کان مٿي ٿي ويو آ جو عورتن جي جدوجھد جي مڃتا جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ 5 مارچ عورتن جي عالمي ڏينھن طور ملھايو ويندو آھي جنھن ۾ عورتن جي جدوجھد کي ڀيٽا سان گڏ عورتن جي حقن لاءِ پوسٽر نعرا ۽ گيت ڳائي ان ڏينھن کي ڀرپور ملھايو ويندو آھي. گذريل ڪجهہ سالن کان جڏھن ترقي پسند سياسي ۽ سماجي تحريڪن، ملي ڪري عورت مارچ ڪرڻ شروع ڪيو آ جنھن ۾ مزدور ھاري سان گڏ ھر طبقي ۽ پيشي سان تعلق رکندڙ عورت حصو وٺي ۽ پنھنجي وجود جي ھئڻ جي احساس کي سمجهي ٿي، اھڙين عملي جدوجھدن جي موقعي تي رخسانہ پريت جا ”عورتن جا ترانا “جنھن انداز سان ڳاتا وڃن ٿا اھي جدوجھد ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏين ٿا. پريت جا لکيل ترانا صرف منظوم نسبتي شاعري ئي نہ پر پوري عورت جدوجھد جي مرحليوار ويڙھ جو منشور آھي جنھن جي پھرين تراني ۾ پريت پوري پدر شاھي سماج کي ھڪ ئي جهٽڪي سان رد ڪري سڀني ساٿين کي سڏي ھڪ جدوجھد لاءِ اتساھي ٿي.
اچو اي سرتيون ۽ ساٿياڻيون،
پنھنجي لئہ نئون جھان جوڙيون.
بعد ۾ وري ھڪ قدم اڳتي وڃي پريت شڪوا شڪايتن ۽ ويچارپ کي رد ڪندي ھڪ عزم سان عورت کي پنھنجي وجود سان ويڙھيل اڻ محسوس ٿيندڙ زنجيرن کي ٽوڙي زندگيءَ جي تازگيءَ کي محسوس ڪرائي ٿي.
زندگيءَ جو گيت ڳايان مان بہ آھيان مان بہ آھيان.
ھر ڇني زنجير لاھيان مان بہ آھيان مان بہ آھيان.
پريت جو ٽيون عورت ترانو سرمائيداراڻي نظام جنھن ۾ عورت کي نيم آزاد ڪموڊٽي طور ھڪ خوبصورت شيءِ طور پيش ڪري ننڍي طوڙي وڏي اسڪرين تي پنھنجا پراڊڪٽ کپائڻ لاءِ پيش ڪيو ٿو وڃي. پريت پنھنجي ھن تراني ۾ عورت کي ان حسن جي غلاف مان نڪري پنھنجي وجود جي بقا جي جنگ ۽ جدوجھد طرف سڏيندي کيس پنھنجي ذھني صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي مضبوط ۽ ڪامياب ٿيڻ جي صلاح ڏئي ٿي.
سوچيندي تہ سگهاري ٿيندي.
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.
پريت جا عورت ترانا، عورت جدوجھد ۾ اھا حيثيت رکن ٿا جھڙي عوامي جدوجھد ۾ فيض، جالب ۽ شيخ اياز جي شاعري .......
رخسانہ پريت جي تخليق جو سفر ھڪ صديءَ کان ٻي صديءَ تائين جو آھي، اھو سفر جڏھن شروع ٿيو ھو تڏھن دنيا ۾ ڪميونيڪيشن جا محدود وسيلا ھئا جتي شاعري عام فيروزي لفافي ۾ وجهي عام پوسٽ ذريعي مختلف رسالن ڏانھن، اخبارن ڏانھن موڪلبي ھئي، ايڊيٽر تائين اھا تخليق پھتي يا نه... اھا خبر رسالي ۾ شاعري ڇپجڻ جي صورت ۾ پوندي ھئي.
بعد ۾ وقت تمام تيزيءَ سان بدليو آ، مواصلات جا نوان ذريعا وجود ۾ اچي ويا آھن، جتي موبائيل فون، سوشل ميڊيا، فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جھڙيون سھولتون اچي ويون آھن، جن سڄي دنيا کي ڳنڍي واقعي بہ ھڪ ڳوٺڙو ٺاھي ڇڏيو آ. ڪميونيڪيشن جي انھن ذريعن جتي ٻوليءَ ۾ واڌ، نواڻ ۽ رابطا گيريءَ ۾ تيزي آندي آھي اتي سماجي رشتن ۾ پڻ ڪيئي تبديليون آيون آھن. تنھائي، رشتن ۾ مٿاڇرائپ، انساني قدرن جو ڏيوالپڻو، حد درجي جو ڪمرشلزم جنھن کي پڻ پريت جو قلم محسوس ڪندي نئين دور جي واڪيوبلري کي استعمال ۾ آڻي نظم “رپ” “پروٽيڪٽر” ۽ بروڪن باڊس جھڙا نظم لکيا آھن.
ھن مھاڳ جي صورت ۾ پريت جي مڪمل ڪتاب “تون جو پاڇو چنڊ جو” جو مختصر تجزيو پيش ڪري سگهي آھيان. آخر ۾ اگر ڪو ھڪ سٽ ۾ پريت جي ھن ڪتاب ۾ موجود سموري شاعريءَ کي سمائڻ لاءِ چوي تہ آئون اھو ئي لکنديس تہ:
“پريت لطيف جذبن، محبت ۽ مزاحمتي آوازن جي شاعرا آھي”
ريحانہ چنڙ
پهرين ڊسمبر
2021ع