پرين پيش پچار
آءٌ جڏهن دوستن منظور حسين چنو، امام الدين مگسي، حافظ نظر حسين مستوئي ۽ مولوي غلام مجتبيٰ سنديلو سان گڏ لئبرري ۾ ويهڻ جو اظهار ڪيو، وراڻيائين ته لئبرري ۾ اهو ويهي جيڪو پنهنجي ڳالهائڻ تي ڪنٽرول ڪري سگهي، مون ان شرط کي قبوليو ۽ ڪجهه وقت ويٺيس به، پر جلدي 1993ع ۾ M.Ed ڪرڻ لاءِ سکر هليو ويس.
ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو هي ٻيو ڪتاب ”لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو“ توهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو ته سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي، جو سچ پچ پڙهڻ مهل محترم سيد ميران محمد شاهه جي لکيل سبق طور ”گنجي ٽڪر جو سير“ جهڙو عڪس بلڪه ان کان به ڪي قدر وڌيڪ پرڪشش پيو لڳي.
محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري. ان سان گڏوگڏ ڳوٺن جي وستارن (احوالن) ۾ جتي علم جي واڌاري لاءِ مدرسن، مسجدن ۾ درس تدريس جا احوال سڻايا آهن، اتي استادن ۽ شاگردن جو تعارف پڻ ڪرايو آهي. جيڪڏهن ڌاڙيلن، ارڏن ۽ اڙانگن ماڻهن جون ڏاڍايون چٽيون آهن، ته امن پسند انسانن، سخي سرواڻن، جوڌن ۽ انصاف پرورن جون ڪهاوتون ڪهيون آهن، وري ظالمن جي ظلم ۽ جاهلن جي جهل جا داستان سڻايا اٿس ته ڌرتي دوست سرفروشن جي سورهيائين کي به سينگاريو آهي.
سنڌو درياهه جي وهڪرن جي مٽ سٽ کان کاري پاڻيءَ جي پيدا ڪيل مشڪلاتن کي بيان ۾ آندو آهي ته وري مهراڻ جي مٺي پاڻيءَ ۽ زمين جي زرخيزي جا گيت به اڳيان اٿس. سنڌ جي مسلمانن خاص ڪري زميندارن جون عياشين مٿان دولت لٽائڻ، جڏهن ته پنهنجي اولاد ۽ عوام لاءِ تعليم مٿان خرچ ڪرڻ کان لنوائڻ تي قلم وهايو آهي ته سنڌ واسي هندن جون تعليمي خدمتون، اسپتالون ۽ واپاري جاکوڙون ۽ سماجي ڪارنامن کي ساراهيو آهي.
نانگي شاهه جي ڳاڙهي بازار ۽ سيد ڪليم الله شاهه کي به ڳڻپ ۾ آندو آهي ته سنڌ جي سچائيءَ، عزت ۽ شرافت کي به ياد ڪيو آهي. سنڌ ۾ بئراجن جي ٺهڻ ڪري، پنجاب جي فوجي جنرل ڪرنل ڌڙي ۽ چودرين سنڌ جي لکها جريب زمين هٿ ڪري ورتي، ٻئي پاسي هندستان کان آيل مهاجرن اسلام جي نالي سان سنڌ جون شهري توڙي ديهي ملڪيتون لٽي ڦري، ڦٻائي ويٺا ۽ پڻ سنڌ جي شهري قبضن جي سورن ۽ سوزن جا داستان سڻايا آهن.
مطلب ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر واري وايو منڊل کان پراڻي لاڙڪاڻي ضلعي تائين ڊاڪٽر سانگي صاحب جو قلم قرطاس مٿان پئي ڦريو آهي. ڪجهه اختلافن هوندي به ڪتاب وڏي عزت لهڻي. باذوق ماڻهو کي کپي ته هي ڪتاب پڙهي ڏيهي ماڻهن ۽ حالتن جي ڄاڻ لهن. حقيقت ۾ ڪٺن ۽ مشڪل مرحلن مان گذري، پار پوڻ ۾ ڊاڪٽر سانگيءَ کي اڻ ڳڻيون مبارڪون آهن. ڌڻي تعاليٰ کيس صحت ۽ همٿ ڏي ته سنڌي ٻولي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري آمين!
حافظ عبدالستار ڪوريجو
هاءِ اسڪول ٽيچر لاڙڪاڻو
15-11-2015